• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي هڪ عاشق جو ڏينهن

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...

سنڌ جي هڪ عاشق جو ڏينهن​

تحرير : زرار پيرزادو


308baeq.jpg


سنڌ کي اچو ته اڄ سڀ واڌايون ڏيون، ڇاڪاڻ ته اڄ سندس هڪ عاشق ۽ لائق پٽ جو جنم ڏينهن آهي.

سنڌ جو هيءُ لائق فرزند هڪ صحافي، ڀٽائيءَ جو پارکو، چترڪار، محقق، ڪالم نگار، اديب، نقاد ۽ دانشور طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

سنڌ جي هن سنجيده، مدبر ۽ فڪر انگيز شخص پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ لاءِ ارپي ڇڏي آهي، سندس زندگيءَ جو هر پل سنڌ لاءِ آهي، هو صرف ۽ صرف سنڌ لاءِ سوچي ٿو، ان لاءِ لوچي ٿو ۽ ان لاءِ ئي ڪم ڪري ٿو.
هو بنا ٻڌائڻ، بنا جتائڻ، هڪ ڪنڊ پاسو وٺي انتهائي خاموشي، سنجيدگي، ثابت قدمي سان ۽ بنا ڪو وقت ضايع ڪرڻ جي سنڌ لاءِ تحقيق ۽ جاکوڙ ڪري رهيو آهي.

هو اهو ڪم ان احساس وچان ڪري رهيو آهي ته اهڙا ڏکيا ۽ تحقيقي ڪم ڪرڻ وارا جيئن ته بنهه گهٽ ماڻهو رهيا آهن، تنهن ڪري ”ڪم، ڪم ۽ صرف ڪم“ جو ذمو هن پاڻ مرادو پنهنجن ڪلهن تي رکي ڇڏيو آهي.
هو چوندو آهي ته ”مون وٽ ”موڪل“ جو ڪو تصور ئي ناهي“. موڪل ڄڻ هن لاءِ حرام ۽ سندس ضمير تي بار بڻجي پوندي آهي، ان ڪري هو موڪل جي ڏينهن به ڪو آرام يا تفريح بدران تحقيقي ڪم کي ئي ترجيح ڏيندو آهي.

آفيس مان جيڪڏهن ڪا موڪل ڪرڻي به هوندس ته اُها به سنڌ جي ڪنهن قديم ماڳ مڪان تي تحقيق ڪرڻ جي واسطي ئي ڪندو. واضح رهي ته آفيس ۾ به سندس ڪم سنڌ بابت ئي هوندو آهي.
اسان وٽ هڪ چوڻي مشهور آهي ته هتي ادارا نه پر شخصيتون ڪم ڪنديون آهن، ۽ هيءُ شخص به انهن ماڻهن منجهان هڪ آهي جيڪي پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل ادارا هوندا آهن.
هن ماڻهوءَ ايترو ته تحقيقي ڪم ڪيو آهي، ايترو ڪجهه ته لکي ڇڏيو آهي ۽ ايترو ته پنهنجي ڪم کي پکيڙي ڇڏيو آهي جو هاڻ ان ڳڻتيءَ اچي ورايو اٿس ته ڪٿي اهو ڪم رهجي نه وڃي، رُلي نه وڃي.
هن ذاتي طور ڪيترن ئي سرڪاري علمي ادبي توڙي تحقيقي ادارن کي هٿ ونڊائڻ جو احساس به ڏياريو آهي پر افسوس ته ان باوجود کيس اها گهربل ۽ سگهاري موٽ نه ملي سگهي آهي، جنهن تي ان کي تمام وڏو افسوس ۽ حيراني به آهي.

ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڏوراپو ڏيندي هو اهو چئي ڏيندو آهي ته ”جيڪڏهن ڪير سنڌ جي هن علمي ۽ تحقيقي ڪم جي مالڪي بابت دلچسپي وٺڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ مهرباني ڪري منهنجي تحقيقي ڪم کي منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ مون سان گڏ ئي دفن ڪري ڇڏجو“.
اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي اسان ادارن مٿان اها تنقيد ڪندا آهيون ته اهي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ٻئي پاسي انفرادي طور ماڻهو ايڏو مشيني انداز ۾ ڪم ڪن ٿا پر اسان سندن مان فائدو وٺڻ لاءِ به تيار ناهيون.

اصل ۾ ايڏو غير معمولي ڪم کانئس سنڌ جي عشق ئي ڪرايو آهي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ان عاشق جنهن جو نالو ”بدر ابڙو“ آهي، تنهن جو اڄ جنم ڏينهن آهي.​

zarar_pirzado@yahoo.com



عوامي آواز جي ٿورن سان
 
جواب: سنڌ جي هڪ عاشق جو ڏينهن

ادا وساڻ صاحب بدر ابڙي جهڙي شخصيت تي توهان مضمون پيش ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، بدر ابڙو بابت مان به هڪ مضمون سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪري چڪو آهيان، جنهن کي پڻ هت پيش ڪجي ٿو، ( لنڪ ڪلڪ ڪري پڙهو )
ادا بدرابڙو صاحب جهڙو پان لاجواب اديب آهي اهڙوئي سندس والد صاحب جمال ابڙو ۽ سندس ڏاڏو عالم ۽ اديب هئا، جمال جي ڪهاڻين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جمال صاحب جون ڪهاڻيون آهن ته تمام گهٽ ، مگر آهن پنهنجو مٽ پاڻ۔ ، سندس ڏاڏي ته قرآن جو بهترين سنڌي ترجمو ڪري سنڌي ٻولي کي ڏنائين۔ ۽ سندس ڏاڏو پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم ۽ تعليمي ماهر هو۔ بدر صاحب ته هڪ نرالا ليکڪ آهن ۽ هنن جو ڪم به نرالي قسم جو ئي رهيو آهي ، بدر صاحب جڏهن سنڌو درياءَ جو سفر ڪيائين ته ”سنڌو مهم“ تي هڪ بهترين ڪتاب لکي ڇڏيائين، (جيڪو هڪ بهترين ڪتاب آهي ۽ اهو ڪتاب مون دادو علامه آءِ‌آءِ ‌قاضي لائبريري ۾ تقريبن ڏهه سال پهرين پڙهيو هو )، ڪتاب پڙهڻ سان توهان کي ائين لڳندو ڄڻ توهان پاڻ سنڌو درياء جو سير ڪري رهيا آهيو، سنڌ جو هي بردبهار ۽ بيباڪ اديب جڏهن جيل ويو ته سنڌي ادب کي شاهڪار ”جيل ڊائري“ ڏنائين، جنهن ۾ جيل جا تجربه پڻ سهڻي انداز سان بيان ٿيل آهن سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ته سنڌي ادب کي ”تنقيد نگاري“ جو انتهائي املهه ڪتاب ڏنائين، ۔۔۔۔ ادا وساڻ صاحب توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته بدر صاحب نه صرف نثر تي سٺو لکي سگهي ٿو ۽ ڳالهائي سگهي ٿو پر بدر صاحب جڏهن شاه جي شاعري تي ڳالهائيندو آهي ته حيران ڪري ڇڏيندو آهي،
بدر صاحب پنهنجي والد صاحب جمال ابڙي جي آتم ڪهاڻي تي لکيل ڪتاب تي پنهنجا بهترين خيالات پيش ڪيا آهن، سندس لکڻي ۾ سندس والد جمال صاحب وارو درد سمايل آهي، منهنجي خيال ۾ بدر صاحب پنهنجي والد جا شايد ان ڪري ئي پيارا پٽ پڻ هئا۔

 
جواب: سنڌ جي هڪ عاشق جو ڏينهن

سنڌ جي هن ڏاهي ليکڪ، مفڪر کي سنڌ سلامت جي اڱڻ ذريعي سندس ڄم ڏهاڙي تي دعائون ڏيندي، تعظيم ۾ سلام ڪريون ٿا ۔۔۔ سلام

هي سنڌ ڄائو پنهنجي پوري ڄمار سنڌ ۽ سنڌيت جي ڏس ۾ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي ۔۔۔ منهنجي لاءِ ته غائب استاد جو ڪم ڪندو رهيو آهي ۔۔۔ سندس لکڻيون پڙهي، ادب سان چاهه پئدا ٿيو، سندس فڪر پڙهي حب الوطن ٿياسون ۽ سندس ڏاهپ ڀريون ڳالهيون سمجهي انسان دوست ٿياسون ۔۔۔

سائين محترم بدر ابڙي کي اسانجو سلام ۽ اهو نياپو پهتو ٿئي ته معاف ڪجو اوهان اهڙي قوم جا ڏاها آهيو جيڪا مئلن جو قدر ته ڪندي آهي پر جيئرن کي ڏکيا ڏينهن ڏيکاريندي آهي ۔۔۔ اها خبر اوهانکي به آهي ۽ اسانکي به آهي ۔۔۔ سائين محترم رهنما دوست اوهان موٽ ۾ نه پر حب ۾ اهو ڪم ڪريو، باقي رب جي ذات تي ڇڏي ڏيو ۔۔۔

رب العالمين سائين بدر ابڙو کي همٿ ۽ حوصلو عطا ڪري ته هو سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ۔۔۔ آمين
 
جواب: سنڌ جي هڪ عاشق جو ڏينهن

اهڙي معلومات ڏيڻ لا تمام گهڻي مهرباني ادا سليمان۔۔۔
 
Back
Top