دوستو اڄ اسان جي دوست عاشق سولنگي فقيرن ، مستن ، درويشن ، عاشقن ۽ جادوگرن کي سڃاڻڻ ۽ ڳولهڻ وارو هڪ مذاڪي ونڊ ڪيو۔ جنهن جي ڪمينٽس ۾ مون شيخ اياز جي شاعري ونڊ ڪئي ۔ ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ جواب ۾ سائين نثار ابڙو جن چيو ته مان شيخ اياز سان انصاف ناهي ڪيو ۔۔۔ ڇو ته هي ڪلام سوني ڌاڳي ۾ پوئڻ جهڙو آهي۔
يار وساڻ اهڙا ظلم ته نه ڪر ايترو سهڻو من مهڻو ڪلام اوهان ائين ئي هن ڌاڳي ۾ پوئي ڇڏيو آهي، اهو ته ڪنهن سهڻي سوني تعويذ ۾ مڙهي پيش ڪرڻ جهڙو آهي ۔۔۔
واه واه مزو اچي ويو ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ پر انصاف ڪريو ها ته عدل ٿئي ها ۔۔۔
سائين نثار جي ڳاله وڻي سو دوستن سان شيخ اياز جي ساڳي شاعري ونڊ پيو ڪيان۔ ٿي سگهي ٿو هي شاعري جيڪا بي بها شاعري آهي ، جنهن جي ڪهڙي تعريف ڪجي ... شايد اڳ به ونڊ ٿيل هجي پر سائين نثار ابڙي صاحب جي خواهش تي هتي ونڊ پيو ڪريان :

ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين،
ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ،
هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا،
پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا،
او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟
رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ،
آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ،
هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا،
ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي،
پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،
ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي،
ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ،
مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟
برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي،
ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ
پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ،
موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!
ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟