اسلام عليڪم؛ دوست! هڪ چڪر ته اڳ ۾ ئي تعرف ڪرائي چڪو آهيان پر اتفاق سان ان ۾ پورو تعرف شايد نه هو جنهن مان توهان سان معذرت خواه آهيان۔۔۔۔۔۔ هن وقت مان ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ رهندو اهيان۔ منهنجو تعلق ضلعي سانگهڙ تعلقو کپرو سان آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي مان (ڪراچي يونورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ بي ايس سيڪينڊ ايئر جو شاگرد آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شايد اگر اڃان به ڪا ڪوتاهي رهجي ويئي هجي ته معاف ڪجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻي ڳالهه اها ته خبر نٿي پوي ته ٽيگ ۾ڇا لکبو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا جو طلب گار عبدالحڪيم راڄڙ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو! واليڪم السلام ادا ادا اسان اوها کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا پئون ادا غلطيون سلطيون ته ٿينديون رهندو آهن ان جي پرواه ئي نه ڪريو باقي رهي ڳالهه ٽيگن جي ته ان ۾ توهان کي لکڻ جي ڪا به ضرورت ناهي اهي ٽيگ پاڻ ئي لکبا آهن سدائين گڏ
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو! ادا عبدالڪيم راڄڙ اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار۔ دوستو عبدالحڪيم راڄڙ سنڌ سان پيار ڪندڙ نوجوان ۽ سماجي ڪمن سان پڻ لاڳاپيل آهي۔ اسان جي انهن نوجوانن مان جيڪي عملي طور ڪم ڪن۔ باقي ڀاء اوهان سنڌ سلامت جي سکيا واري سيڪشن ۾ وڃون ته اوهان جي رهنمائي ٿيندي۔ باقي اوهان سچل ڳوٺ ۾ مونکان به سنڌ سلامت بابت ملاقات ڪري يا فون ڪري ڪجه به پڇي سگهو ٿا۔
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو! وعليڪم السلام ادا عبدالحڪيم تمام گهڻي خوشي ٿي اوهان جي اچڻ سان اسان جي هن اڱڻ تي۔ دل ڪي گهرائن سان ڀليڪار۔ الله آڻ او جن ڏٺي من سرهو ٿئي۔ نويد احمد ڪلوڙ
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو! ادا راڄڙ صاحب! اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو
جواب: اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو! عبدالحڪيم راڄڙ کي ڀليڪار سچل ڳوٺ جا نوجوان دوست سنڌ سلامت جا ساٿاري پيا ٿين۔اميد ته پنهنجون لکڻيون به موڪليندا رهندا۔