• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نادرا جي ڊپٽي چيئر مين طارق ملڪ سان ڳالهه ٻولهه

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
نادرا جي ڊپٽي چيئر مين طارق ملڪ سان ڳالهه ٻولهه​
۔
1zybf9s.jpg
۔ڪجهه مهينا پهرين ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جي هڪ وڏي آفت آئي هئي جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ شهر ٻڏي ويا ۽ انهن شهرن ۾ وڏي تباهي پنهنجا نشان ڇڏي وئي جيڪي نشان شايد صدين تائين نظر ايندا رهن،
جڏهن ٻوڏ آئي ته حڪومت انهن ٻوڏين جي مدد ڪرڻ لاء هڪ (( وطن ڪارڊ )) نالي ڪارڊ جاري ڪيو ( جيڪو اي ٽي ايم وانگر استعمال ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔۔ڪارڊ بئنڪ جي اي ٽي ايم ڪارڊ وانگر آهي، اهو ڪارڊ ڪنهن به بئنڪ جي اي ٽي ايم مشين ۾ وجهي ماڻهو 20 هزارن مان جيتري چاهي رقم ڪڍرائي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪير چاهي ته انهي ڪارڊ ذريعي خريداري به ڪري سگهي ٿو، ان ڪارڊ جو مطلب اهو آهي ته توهان جو بئنڪ ۾ اڪائونٽ کلي ويو ۽ ان ۾ 20 هزار رپيا به اچي ويا ۽ هاڻي توهان جي مرضي آهي ته جڏهن به ۽ ڪهڙي به وقت اها رقم ڪڍرايو، ) جنهن سان ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي پئي وڃي، ۽ جڏهن ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته ان م ڪيترائي مسئلا پڻ پيش آيا، مثلن گهڻن ماڻهن جا وطن ڪارڊ ان لاء نه ٺهي سگهيا جو انهن جو سناختي ڪارڊ ٻوڏ ۾ لڙهي ويو گم ٿئي ويو، وغيره وغيره يا ڪارڊ ٺهيو پر ان کي پيئسا ڪو نه مليا، يا جيڪو حقدار آهي ان جو ته ڪارڊ نه ٺهيو پر ان جو ٺهيو جيڪو اثر رکندڙ آهي، يا اگر ڪارڊ ٺهيو ته ان جو ڪارڊ ٺهڻ کانپوء گم ٿئي ويو ڦرجي ويو، ڪري پيو،يا ڪارڊ ٺهڻ ۾ ڪا مشڪل پيش اچي رهي آهي ته انهن ماڻهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ، ان لاء ڪي ٽي اين جي پروگرام ( اقتداري ايوانن مان۔۔۔۔ ۾ نادرا جي ڊپٽي چيئرمين طارق ملڪ کي گهرايو ويو هو )جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ماڻهن جي انهن مسئلن جا جواب پڻ ڏنا ويا آهن۔تاڪه انهن لاء ڪا آساني ٿئي سگهي۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو هي وڊيوز ان لاء هت پيش ڪجن ٿيون ته من ڪنهن سنڌي جي ڪنهن مسئلي جو ڪو حل هن وڊيوز ۾ جوابن مان ملي وڃي، پوء اچو ته هنن وڊيوز کي ڏسون۔


http://www.youtube.com/watch?v=L9XLu2PMYjY
http://www.youtube.com/watch?v=UNiVB-ajIG4
http://www.youtube.com/watch?v=WcWquRrGzfk۔
 
جواب: نادرا جي ڊپٽي چيئر مين طارق ملڪ سان ڳالهه ٻولهه

ادا مهرباني اوهان جي توهان اسان سان اها ونڊ شيئر ڪئي .
 
Back
Top