ذوالفقار مرزا جو دليراڻو موقف ۽ ڪراچيءَ جو امن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ذوالفقار مرزا جو دليراڻو موقف ۽ ڪراچيءَ جو امن

    عاجز جمالي

    [JUSTIFY]ڪراچيءَ ۾ ڏهين محرم تي ماتمي جلوس خير سان گذري ويا. هن ڀيري شهر ۾ ۽ خاص ڪري قائداعظم جي مزار کان وٺي کارا در تائين ايم اي جناح روڊ تي غير معمولي قسم جا حفاظتي انتظام هُئا. سڄو هفتو انتظاميه چئن ڪلو ميٽرن جي هِن روڊ تي ڪم ڪيو. ايڏي وڏي مضبوط سيڪيورٽيءَ سبب ڪوبه اڻ وڻندڙ واقعو نه ٿيو ۽ نه ڪا دهشتگردي ٿي. سڀ ڪجهه خير سان گذري ويو. جنهن جو سڄو دارومدار سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي هُئو، ان ڪري ظاهر آهي ته بهترين حفاظتي انتظام ڪرڻ ۽ امن قائم رکڻ تي ذوالفقار مرزا ئي جس لهڻي ٿو. ذوالفقار مرزا ڏهين محرم کان ٽي ڏهاڙا اڳ ايم ڪيو ايم خلاف بيان ڏنو، جنهن سبب ايم ڪيو ايم ناراض آهي، پر هِن بيان سبب ڪراچي ۾ امن امان بابت ٿيل اجلاسن کان ايم ڪيو ايم پري رهي. پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن سان يا ته وزيراعليٰ هائوس ۾ گڏجاڻيون ٿيون يا گهرو وزير جي صدارت ۾ گڏجاڻيون ٿيون، جنهن سبب سڄو ڪنٽرول وٽس رهيو. جيڪڏهن ڪو واقعو ٿي وڃي ها ته اڄ ذوالفقار مرزا خلاف ڪراچي ۾ وڏي باهه ٻري چُڪي هجي ها. هاڻي سڀ ان تي پريشان آهن ته ”هي ڇا ٿي ويو“ ذوالفقار مرزا چواڻي ته سندس هميشه اهو ئي اصرار آهي ته کيس فري هينڊ ڇڏيو وڃي ۽ اهم فيصلن کان اتحادين کي پري رکيو وڃي.

    هن ڀيري ڪراچي پوليس جو سربراهه سي سي پي او فياض لغاري به سرائيڪي ڳالهائيندڙ آهي ۽ هُو سڌي ريت ذوالفقار مرزا وٽ ئي رپورٽ ڪري ٿو. کيس ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ وٽ رپورٽ ناهي ڪرڻي. هن ڀيري رينجرز جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ اردو ڳالهائيندڙ ناهي. شهري حڪومت جو ڪنٽرول ۽ ڪمانڊ سسٽم پڻ ايم ڪيو ايم جي ناظم وٽ ڪونه هُئو. جيتوڻيڪ ڊي سي او ڪراچي فضل الرحمان سندن ئي سفارشي آهي. ويتر ذوالفقار مرزا جي بيان کان پوءِ ڪاوڙ سبب مرزا کي فري هينڊ ملي ويو، جنهن سبب کيس بهرحال شاباس ملڻ گهرجي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڇنڇر ڏينهن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي گذريل موقف تي بيٺل رهيو. سندس چوڻ هُئو ته هٿيارن سميت ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ گرفتار ڪيل ڏوهارين جا چالان پيش ڪيا آهن، پر قانون واري کاتي ۽ ججن کي همٿ ڪرڻ گهرجي.

    ذوالفقار مرزا گهڻي عرصي کان اها ڳالهه ڪندو پيو اچي ته عدالتون ملزمن کي سزائون ڏيڻ بدران سندن ضمانتون کڻن ٿيون، جنهن سبب ڏوهاريءَ جي مستي وڌي ٿي. ذوالفقار مرزا جو اهو موقف ڇا هُئو جنهن تي ايم ڪيو ايم کي چڙ لڳي ۽ ايم ڪيو ايم نه رڳو ڏهه ڏهاڙن جو الٽيميٽم ڏنو، پر وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن؟ ذوالفقار مرزا جو چوڻ هُئو ته ”ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت (ايم ڪيو ايم) ملوث آهي. سندس 36 دهشتگرد هٿيارن سميت پڪڙيا ويا، جن ۾ لياقت آباد جو سيڪٽر انچارج به شامل آهي.“ سندس چواڻي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پٺاڻن، سنڌين، بلوچن، پنجابين ۽ ٻين قوميتن جي ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماري رهي آهي. عمران فاروق لنڊن ۾ قتل ٿيو، پر ڪراچيءَ کي ساڙيو ويو، پٺاڻن جون گاڏيون ساڙيون ويون. هن واپارين کي کُليل لفظن ۾ چيو ته، اوهان واپاري دهشتگردن کي ڀتو ڏيو ٿا، طالبان کي زڪوات ۽ چندو ڏيو ٿا، پر تحفظ جي تقاضا حڪومت کان ڪريو ٿا.

    اهي ڳالهيون عالم آشڪار آهن ته ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ ملوث ماڻهو ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿي آزاد ٿيندا آهن. سياسي مصلحتون آهن. انهن ماڻهن ۾ ذوالفقار مرزا چواڻي ايم ڪيو ايم، اي اين پي، سُني تحريڪ ۽ پابندي پيل تنظيمن جا ماڻهو ملوث آهن. سندس هِن بيان کان پوءِ ايم ڪيو ايم ڪوبه شديد ردعمل نه ڪيو. حڪومت کان الڳ ٿيڻ جي ڪا ڌمڪي نه ڏني، بلڪه صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سياسي تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم هن موڙ تي سرڪار کان الڳ ٿيندي ته مٿس ذوالفقار مرزا جو الزام ثابت ٿي ويندو ۽ ٻي ڳالهه ته ايم ڪيو ايم جا ماڻهو جيڪڏهن پوليس تحويل ۾ آهن ته سندس لاءِ سڀ کان پريشاني جي ڳالهه اِها هوندي ۽ سندس ڪوشش هوندي ته هُو اُهي ماڻهو ڪيئن به ڪري ڇڏائين. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم سان واڳيل وزير اهو چون ٿا ته جيڪڏهن ذوالفقار مرزا وٽ ڏوهاري آهن ته هو عوام آڏو پيش ڪري پر اصل ۾ هُو ان ڳالهه کي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ذوالفقار مرزا واقعي به اهڙو ڪم ڪيو ته اُهو ايم ڪيو ايم جي سياسي ساک لاءِ وڏو ڌڪ هوندو ۽ ايم ڪيو ايم کي اهڙو عمل مجبور ڪندو ته هُو سرڪار کان الڳ ٿئي.

    ماضيءَ جو تجزيو ڪريون ته ايم ڪيو ايم هميشه سرڪار کان تڏهن الڳ ٿيندي آهي جڏهن سرڪار کي چلتو ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو آهي. سياست ۾ وقت جي سڀ کان وڌيڪ اهميت آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين پڻ سڀني ڌرين سان رابطا شروع ڪيا، جن ڌرين سان سرڪار رابطن ۾ آهي. سرڪار پنهنجن اتحادين ۽ مستقبل جي اتحادين سان رابطن ۾ آهي ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه وري انهن اڳواڻن سان رابطن ۾ آهي، جيڪي مخالف ڌر ۾ آهن. سرڪار کان ناراض آهن يا الڳ ٿيا آهن. جيئن فضل الرحمان، ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين به ذوالفقار مرزا جي بيان تي ڪو ردعمل ظاهر نه ڪيو، پر هُن چيو ته ”ڪارڪن ايندڙ چونڊن جي تياري ڪن“. سندس پوئين ڳالهه مان اِهو اشارو مليو ته مُلڪ ۾ ڪا تبديلي اچي رهي آهي. مڊٽرم چونڊون، عام چونڊون يا مڪاني چونڊون. الطاف حسين اها ڳالهه واضح نه ڪئي، پر اڪثر تجزيه نگارن جو اِهو چوڻ آهي ته مُلڪ ۾ چونڊن جي ذريعي تبديليءَ جا آثار نطر ڪونه ٿا اچن ۽ نه ڪي عدم اعتماد جي ووٽ جا ڪي آثار آهن. ڇو ته صدر آصف زرداري جو نواز شريف سان رابطو، فضل الرحمان سان ملاقات، مسلم ليگ (ق) ۽ هم خيال گروپ سان سرڪار جا رابطا، اهو سڀ ڪجهه ٻڌائين ٿا ته سرڪار پنهنجا نوان دوست به ڳولي رهي آهي ۽ رٺل دوست به پرچائي رهي آهي، سو ان قسم جي سڄي ماحول ۾ ايم ڪيو ايم جو سرڪار کان ٻاهر رهڻ ۾ کيس به سياسي يا غير سياسي فائدو نظر ڪونه ٿو اچي. رهيل ڪسر وري وزيراعظم ۽ صدر سان ٿيندڙ ملاقاتن ۾ پوري ٿي ويندي. ڇو ته صدر ۽ وزيراعظم ايم ڪيو ايم وفد کي ائين ته ڪڏهن به ڪونه چوندا ته ذوالفقار مرزا جو موقف سندن موقف آهي. ظاهر آهي ته هُو اِهو ئي چوندا ته هُو ذوالفقار مرزا کي سمجهائيندا. آئنده اهڙا بيان ڪونه ڏنا ويندا. وري ڪجهه ڏينهن بيانن جي جنگ بندي ٿيندي. ذوالفقار مرزا ۽ آغا سراج دراني پڻ خاموش ٿيندا. پر ان جي باوجود به ان ڳالهه جا امڪان هر وقت موجود آهن ته ايم ڪيو ايم في الحال خاموش رهي به مناسب وقت جي تلاش ۾ هوندي. وقت اچڻ تي ئي ڪراچيءَ جون حالتون وري خراب ٿي وينديون. ايم ڪيو ايم ۽ ذوالفقار مرزا ٻيهر هڪ ٻئي خلاف بيانن جي فائرنگ شروع ڪندا. اِهو سڀ ڪجهه هن وقت تائين ٿيل حالتن آڌار تي چئي رهيا آهيون. پر ٿلهي ليکي ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف ذوالفقار مرزا جو جيڪو موقف رهيو ۽ جهڙي ريت هُو دهشتگردي خلاف اڙٻنگ بڻجي بيٺو آهي، ان سندس وزن ۾ واڌارو ڪيو آهي ۽ سندس مؤقف بهادر گهرو وزير ثابت ڪيو آهي. مون کي ڄاڻ به آهي ۽ ايجنسين جون رپورٽون به آهن ته ڪراچي ۾ ذوالفقار مرزا جي حياتيءَ کي هِن وقت سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي، پر هي جوڌو جوان رات جو دير دير تائين اڪيلي سر گاڏي ڊوڙائيندو رهندو آهي. اوچتو ٿاڻن تي پهچي ويندو آهي. جيتوڻيڪ ذوالفقار مرزا خلاف پروپيگنڊا ڪجهه سياسي ڌرين ۽ قوم پرستن لاءِ من پسند مشغلو آهي، پر جهڙين حالتن ۾ هُو ڪراچي اندر مافيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان تي سندس واکاڻ ٿيڻ گهرجي.

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي ۾ ذوالفقار مرزا جي نالي تي قبضا ڪندڙ گروهه سرگرم آهن. مختلف اڳواڻن جا واٺا پاڻ کي ذوالفقار مرزا جو ماڻهو سڏائي لينڊ مافيا لاءِ پڻ ڪم ڪن ٿا، پر ڪراچي ۾ دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ سگهه به گهربل هوندي آهي. ڪراچي اُهو شهر آهي، جيڪو هر قسم جي دهشتگردن جي نشاني تي آهي. ان شهر ۾ سنڌ جي گهرو وزير کي ڪيئن هجڻ گهرجي؟ ذوالفقار مرزا جهڙو ماڻهو ئي شايد ان جڳهه تي بهتر ماڻهو ٿي سگهي ٿو. ذوالفقار مرزا ظاهر آهي ته صدر آصف زرداريءَ جو بااعتماد ساٿي آهي ۽ مٿس پارٽيءَ جو به اعتماد آهي، ڇو ته هاڻي هُو پارٽيءَ جو صوبائي نائب صدر پڻ آهي. سنڌ ڪابينا اندر پڻ ذوالفقار مرزا وزيرن ۽ سنڌ اسيمبليءَ اندر ايم پي ايز جي حمايت رکي ٿو. ان ڪري سندس موقف رڳو هڪ فرد جو موقف نه ٿو ٿي سگهي. سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو کيس ساٿ آهي. ان ڪري ئي هن ايم ڪيو ايم خلاف ايڏو سخت موقف اختيار ڪيو آهي. ايڏو سخت جو سندس اهڙي موقف سبب سرڪار جي اهم اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم سرڪار کان الڳ به ٿي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال سرڪار جي بقا جي سوال سان ڳنڍيل آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪير اِهو سمجهي ٿو ته ذوالفقار مرزا جو بيان هوا ۾ ڇڏيل آهي ته اها سندس خام خيالي هوندي.خود اها ايم ڪيو ايم پڻ ڄاڻي ٿي ته ذوالفقار مرزا صدر آصف زرداريءَ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪوبه اهڙو ڪم نه ٿو ڪري سگهي، پر تڏهن به ايم ڪيو ايم ٻاهر اهڙو تاثر اڀاري رهي آهي ته ڄڻ اِهو سڀ ڪجهه اڪيلي مرزا جو موقف آهي، پر سمجهڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اِهو موقف ايم ڪيو ايم بابت پيپلز پارٽي جي اصل موقف جو مظهر آهي. پيپلز پارٽيءَ جو هر وزير لڳ ڀڳ اهڙو ئي موقف رکندو آهي، پر سياسي مصلحت ۽ حڪومتي مجبورين سبب سڀ ماٺ آهن، پر ذوالفقار مرزا ماٺ ناهي. اهو ئي سبب آهي جو جن گڏجاڻين ۾ ايم ڪيو ايم هوندي آهي، انهن ۾ ذوالفقار مرزا نه هوندو آهي، پر محرم ۾ ٽي ڏهاڙا اڳ ايم ڪيو ايم خلاف بيان ڏيئي مرزا ايم ڪيو ايم کي امن امان بابت فيصلن کان پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ساڳي ريت امن کي قائم رکي، اهو به ثابت ڪيو ته هُو ڪراچي ۾ امن قائم رکي سگهي ٿو. ذوالفقار مرزا سنڌ جي انهن چند بهادر وزيرن مان آهي، جيڪي کُلي ڳالهائين ٿا. هُو سنڌ دشمن ڌرين کي نشانو بڻائين ٿا، تڏهن هُو نشانو به بڻجي ٿو. حڪومت پنهنجي جڳهه تي پر تاريخ ۾ هميشه سندس ذڪر ٿيندو. سنڌ جا ماڻهو هميشه کيس ”بهادر“ تصور ڪندا.[/JUSTIFY]

    aajizjamali100@yahoo.com

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ذوالفقار مرزا جو دليراڻو موقف ۽ ڪراچيءَ جو امن

    [​IMG]
    ادا وساڻ توهان موقعي جي مناسبت سان هڪ بهترين مضمون ونڊ ڪيو آهي۔۔۔ ادا ڪراچي لاء ڇا لکجي ( ڪراچي شهر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر ڪراچي هن خطي ۾ هڪ اهم بندر پڻ رکي ٿو . ڪراچي شهر وڏي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. 1947ع ۾ پاڪستان بيٺڪيت قائم ٿيڻ کان هڪدم پوءِ ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ جو درجو ڏنو ويو ( جنهن کي بعد ۾ ختم پڻ ڪيو ويو ) ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء هندستاني پناهگيرن ( مهاجرن ) کي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۾ رهايو ويو. ۽ هت سنڌ ۾ هندن جون سموريون خالي ڪيل ملڪيتون، گهر مڪان، جايون ۽ دڪان ڪاروباري مرڪز هندستاني پناهگيرن حوالي ڪيا ويا ( جنهن جو هنن نيمڪ به نه ملهايو ۽ اسان جي چڱائي ڪيل جو هنن نيمڪ حرامي سان بدلو ڏنو ۽ گذريل وقت ۾ هزارين سنڌي شهيد ڪيائون۔ جنهن جون اخبارون گواهه آهن ) . پاڪستان جي قيام وقت ڪراچيءَ جي آبادي شماري رڳو چار لک هئي. پر ڪراچيءَ اندر هندستاني پناهگيرن جي لوڌ اڄ سوڌو غير قانوني طور جاري ساري آهي ۽ ڪراچيءَ جي آبادي سماري ڏيده ڪروڙ کان به ٽپي وئي آهي. انهي سموري آبادي ۾ هي متحده وارن پوري قوم کي خوف ۾ وجهي رکيو آهي۔ ) ۔ ادا ڪراچي اسان جي سنڌ جو نه صرف هڪ وڏو شهر آهي پر سنڌ جي دل آهي دل، ۽ هن سنڌ جي دل جي امن امان کي هنن درندن ( متحده جي دهشت گردن ) تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ صرف هنن جي ڪري ئي ڪراچي جو هر شهري خوف ۾ ورتل آهي، هنن لاء جناب ذوالفقار مرزا جهڙو بيباڪ ماڻهون ئي گهرجي، جيڪو هنن کي منهن تي حق سچ چوندو هجي، ادا وساڻ صاحب اهيا ته سڀني کي به خبر آهي ته ذوالفقار مرزا هنن ظالمن کي پسند نه آهي سو هميشه ان تاڙ م هوندا آهن ته مرزا جي ڪا خامي نظر اچي، ۽ مون ته اهيو به محسوس ڪيو آهي ته هنن جا اردو وارا ٽي وي چينل به ( متحده سان ٻٽ بڻيل آهن ۽ اهي به مرزا صاحب کي هرو ڀرو نشاني تي رکندا آهن
    ادا اهيا به حقيقت آهي ته جيڪڏهن هن محرم ۾ ( الله نه ڪري ) ڪو واقعو ٿي وڃي ها ته اڄ ذوالفقار مرزا خلاف ڪراچي ۾ وڏي باهه ٻري چُڪي هجي ها. مگر جڏهن الله جي حڪم سان ڪراچي توڙي سنڌ جي تمام شهرن ۾ هي محرم امن امان سان گذري ويو آهي ته هنن تعصب پسندن کلي دل سان مرزا صاحب جي تعريف لاء سکڻا الفاظ به استعمال نه ڪيا آهن۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ذوالفقار مرزا جو دليراڻو موقف ۽ ڪراچيءَ جو امن

    ادا ممتاز مان اوهان جي ڳالهين سان متفق آهيان

    هن دفعي محرم الحرام جي مهيني ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو مسئلو ڪونه آيو آهي۔ ورنه خاص ڪري ڪراچيء ۾ ته آئي ڏينهن ڪجه نه ڪجه ٿيندو رهندو هو۔ نه هنن مان ڪنهن ۽ نه وري اردو يا سنڌي ميڊيا هن تي ڪا روشني وڌي۔

    پر اسان سنڌ سلامت جي هن فورم تان سنڌ جي وزير داخله ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پاران کنيل قدمن جي تعريف ڪندي کيس سلام ٿا پيش ڪيون جو هن مبارڪ عشري ۾ مڪمل طور امان امان رهيو
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ذوالفقار مرزا جو دليراڻو موقف ۽ ڪراچيءَ جو امن

    جي سائين بلڪل ..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو