اچو ته نئين سنڌ اڏيون! سوڀوگيانچنداڻي [justify] ويجهڙائيءَ ۾ مون وٽ منهنجو هڪ پاڙيسري نوجوان آيو، جنهن ڪجهه وقت اڳ موهن جو دڙو تي به ڪم ڪيو هو، ۽ هن جو ڀاءُ جيڪو موهن جو دڙو تي ٽوئرسٽ گائيڊ جو ڪم ڪندو هو ۽ ڪنهن وقت ڊاڪٽر ڊيلس جي رهبري ۾ سٺي انگريزي ڳالهائڻ سکي ويو هو، اهو ويچارو جوان وهي ۾ گذاري ويو ۽ پوئتان ڇڏي ويو صرف پنهنجي غمن جو داستان. هو انگريزيءَ ۾ ايترو هوشيار هو، جو هڪ ڀيري هڪ انگريز هن وٽ اچي ٻه ٽي راتيون رهيو هو ۽ هڪ رات خوفائتو خواب ڏسي، ڊڄي الف ننگو حالت ۾ گهر کان ٻاهر ڀڳو هو. هن ڊوڙي وڃي پڪڙيو هوس ۽ موٽائي اچي ساڳئي بستري تي سمهاريو هئائينس. ته، مون ڳالهه پئي ڪئي پاڙيسري نوجوان جي، جيڪو پڻ پنهنجي ٽوئرسٽ ڀاءُ وانگر مون سان اهو ئي قرب جو رستو نڀائيندو آيو آهي. هر دفعي موهن جي دڙي جي ڪا نه ڪا تصوير ڪڍي اچي ڏيکاريندو آهي. هن ڀيري آيو ته اهڙي ڳالهه ڪيائين، جو منهنجا لڱ ڪانڊاريجي ويا. چيائين، ”دادا، تو وٽ مشوري لاءِ آيو آهيان ۽ ڪهاڙي به تکي ڪرائي رکي اٿم.“ چيومانس ته، ” وڃي راضي نامو ڪريس. دشمني نه وڌاءِ.“ هن منهنجي صلاح تي عمل ڪيو ۽ پاڻ به وڏي ڏچي کان بچي ويو ته پنهنجي ڪٽنب کي به وڏي عذاب کان بچائي ورتائين. ان ڳالهه جي حوالي سان ذڪر ڪجي قبائلي جهيڙن جو، ته انهن جو بنيادي ڪارڻ اڪثر ڪارنهن جو الزام هوندو آهي. جنهن تي چڱا مڙس وري مڇن کي تاءُ ڏئي جهيڙن کي وڌائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي بجاءِ ڌرين جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي، انهن کي ايڏي ته شهه ڏيندا آهن، جو نيٺ وڃي قصو قبائلي جهيڙن تي پهچندو آهي. جنهن بعد وڏيرا ۽ سردار پاڻ ۾ ساز باز ڪري، جرڳا ڪوٺائي، ڌرين تي لکا روپيه ڏنڊ وجهي ۽ نياڻيون سڱ چٽيءَ ۾ ڏئي پنهنجي دٻ دٻي ۽ سرداريءَ ۽ وڏيرڪيءَ واري حڪومت کي برقرار رکندا آهن. انهن جرڳن مان ڌرين کي ڏنڊ چٽيءَ جا طئه ڪيل ڏوڪڙ جڏهن وڏيرن ۽ سردارن جي هٿ کاڄي ويندا آهن ۽ متاثرن کي ڪجهه به پلئه نه پوندو آهي، ته ڌريون وري سندرو ٻڌي جهيڙن جي بازار کي گرم ڪري ڇڏينديون آهن. اهو سلسلو اسان جي سائي ۽ ستابي سنڌ کي هاڻي مڪمل طور تي مفلوج ڪري چڪو آهي ۽ اسان کي ان انڌيءَ گهٽيءَ مان نڪرڻ جو ڪو به دڳ نٿو سجهي. سَوَن جي تعداد ۾ ماڻهو گجر موريءَ وانگر وڍجن ٿا ۽ وڏيرن ۽ سردارن جا جاوا جاري آهن. سنڌ جا ساڃاهه وند وري ان قتلِ عام کي اکيون ڦاڙي ڏسندا رهيا آهن. حڪومتون پڻ ان خونريزي کي بند ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويون آهن. نتيجي ۾ اڌ سنڌ گذريل ٻن ڏهاڪن کان ان قهر جي زنجيرن ۾ مڪمل طور تي قابو ٿي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪڙهندي ڪڙهندي ان ڏينهن جڏهن هڪ سماجي تنظيم جي سڏ تي ان جي انساني حقن بابت ڪوٺايل ميڙ ۾ صدارت ڪرڻ ويس ته اتي مون سنڌ جي سڀني ساڃاهه وندن کي هٿ جوڙي عرض ڪيو ته، ”ٻيلي، سنڌ جي مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين کي ڪارنهن جي الزامن ۾ ڪسڻ کان بچائڻ لاءِ ۽ ناسور بڻجي ويل قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ هاڻي گانڌي وانگر لٺ کڻي ۽ مون وانگر سادا ڪپڙا پائي هلي ڳوٺ ڳوٺ ۾ اها مهم هلائڻي پوندي ته پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيو ۽ هٿيار اڇلي هڪ ٻئي سان ڀائپيءَ واري رشتي ۾ ڳنڍجو.“ منهنجي ان سڏ جي موٽ ۾ سنڌ جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ نياڻين پاران آجيان ڪئي وئي آهي ۽ اهي سڀ چئي رهيا آهن ته اهي ان عمل ۾ مون سان هر وک تي گڏ هوندا. مان انهن سڀني جي اهڙي مثبت موٽ سان پنهنجي 90 ورهين جي ڄمار ۾ سچ پچ ته جوان ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي اکين ۾ سانڍيل اهو نئين سنڌ جو سپنو هاڻي ڄڻ ته مون کي ساڀيان ٿيڻ جي قريب محسوس ٿي رهيو آهي. انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته نيپيئر ڪارنهن جي الزام ۾ هر گرفتار ٿيندڙ تي خون جي چارج رکڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پوءِ هڪ ئي سال ۾ 500 ماڻهو ڦاهي چاڙهيا ويا هئا. جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ عورتن جو قتل عام بنهين گهٽجي ويو هو. هاڻي به منهنجي تجويز اها آهي ته ڪارنهن عيوض خون کي خون ئي سمجهيو وڃي ۽ سڀ سماج سڌارڪ ۽ شريف ماڻهو پنهنجي مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جي سر بچائڻ لاءِ هڪ آواز ٿي وڃن، ڇو ته هاڻي علي قاضيءَ جي لفظن ۾، ”گهڻو ٿيو.“ ياد ٿو پويم ته ضياءُالحق جي دور ۾ مون هڪ ڪيس هلايو، جنهن ۾ فرياديءَ پاران ڪارنهن الزام هيٺ ڪٺل عورتن تي ٽن شاهدن ته ڀري شاهدي ڏني، پر هڪ حق ڪندي شاهدي نه ڏني ۽ وڏي واڪي چيائين ته، ”اهو واقعو جيئن ته مون پنهنجي اکين سان نه ڏٺو آهي، ان ڪري ڪنهن بيگناهه نياڻيءَ تي اهڙو الزام نه هڻندس.“ ڪيس جي فتويٰ ۾ عورت کي ڪهندڙ همراهه ان ڪري آزاد ٿي ويو، ڇو ته ان جي حق ۾ ٽي شاهديون آيون هيون. 21 هين صديءَ جي روشن خيال دنيا سان وک وک ۾ ملائي اسان کي به لازمي طور تي هلڻو پوندو ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي اهڙي انداز ۾ قائم ڪرڻو پوندو، جو نياڻين جي وهندڙ هن ناحق خون کي هميشه لاءِ ٻنجو اچي وڃي. قبائليت ۽ ڪارنهن جي نالي ۾ ٿيندڙ هن خونريزيءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ مون فيصلو ڪيو آهي ته ان مهم جو آغاز موهن جي دڙي کان ڪرڻ گهرجي. جيڪو سڄي دنيا ۾ اسان جي مهذب پڻي جي عظمت جو اهڃاڻ آهي. منهنجي خواهش آهي ته مون سان گڏ هن مهم ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ علي قاضي ٻانهن ٻيلي ٿئي ۽ پورو هفتو ان مهم هلائڻ جو اعلان ڪري. پوءِ اسان ٻئي سڄي سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياسي پارٽين ۽ نياڻين جي قافلي کي ساڻ کڻي هر هڪ متاثر جي در در تي وڃون ۽ ان خونريزيءَ کي هميشه لاءِ بند ڪرايون. مون کي اميد آهي ته اسان سڀ گڏجي سنڌ جي هڪ نئين آئيندي لاءِ ان جاکوڙ ۾ يقينن ائين ئي ڪامياب ٿينداسين، جيئن گذريل سال 6 ڊسمبر ۽ 24 جنوريءَ کانپوءِ هن سال 5 ڊسمبر تي ”ايڪتا“ جو ڏينهن ملهائي پاڻ ۾ متحد ٿيڻ جي ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيا هئاسون.[/justify] روزانه ڪاوش تان ورتل