دوستو ذرا هن تصوير کي غور سان ڏسو ته تصوير ۾ سچ پچ حرڪت آهي يا مون جهوني جو دماغ جو سنڌ سنڌ لڏي ٿو ۽ مون کي هي تصوير به حرڪت ۾ ٿي نظر اچي او ابا نوجوان فقير فلپوٽا ذرا تون ته ڏسجانس پر يار چشمو لاهي ڪري تون به نه ڏسجاڻ نه ته مون وارو حال ٿيندئي )))
جواب: تصوير ۾ حرڪت آهي يا نه؟؟ جنهن جو دماغ پهرين پوسٽ واري تصوير ڏسڻ سان گهمي ته اهو وري هن کي ڏسي ))
جواب: تصوير ۾ حرڪت آهي يا نه؟؟ مطلب ته اڄ سڀ دوست اسانجي مٿي ڦيرائڻ جو سامان مهيا ڪري رهيا آهن ۔۔۔ اڄ ئي پتنيءَ سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪجهه فرمائشون، ڪجهه ضرورتون ٻڌائي اڳ ئي مٿو ڦيرائي ڇڏيو اٿس، هن وقت آءُ نه ڦرندڙ شئي به ڏسانٿو ته ڦري ٿي ۔۔۔ الله خئير ڪندو ۔۔۔ ڀلي جنهنکي ڦرڻو آهي سي ڦرن اسان ته نه ڦرنداسون ۔۔۔ ۽ هميشه نينهن جا نعرا هڻداسون ۔۔۔ چڱو ڪم ڪيو اٿوَ، مغز ڦيرائڻ وارو ۔۔۔
جواب: تصوير ۾ حرڪت آهي يا نه؟؟ بلڪل سائين جهڙا حالت اوهانجي ٿي آهي۔۔۔تهڙي حالت عاشق سان به ٿي آهي۔۔۔بلڪل تصوير حرڪت ۾ آهي
جواب: تصوير ۾ حرڪت آهي يا نه؟؟ علي علي ۽ عاشق جو مٿو ڦرندو هوندو هن هفتي انشاء الله اوهان جو مٿو پنهنجي صحيح جاء تي هوندو۔ باقي سائين نثار جو مٿو پيو ڦري ان جي ته پاڻ ئي وضاحت ڪري ڇڏي اٿائين۔ باقي منهنجو مٿو وري ادا رشيد ڦيرائيندو جو مان 11 بجي رات جو سمهڻ وارو ماڻهو ، هاڻي ٽيم ويوئر تي ويهي رات جو هڪ وڄائي ٿو ڇڏي۔۔۔۔۔ مٿان وري دوستن جا هي ونڊ ۔۔۔۔۔ بس سائين پوء به چونداسين ته سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تصوير ۾ حرڪت آهي يا نه؟؟ سائين اوهان ڪراچي ۾ ٿا رهو يا ڳوٺ ۾ جو رات جو يارهين وڳي سمهندا آهيو۔۔۔؟
جواب: تصوير ۾ حرڪت آهي يا نه؟؟ ادا منهنجا ڀاء عاشق ۔۔۔۔۔۔۔ صبح جو 8 بجي آفيس پهچڻو ٿو پوي۔ هاڻي ساڍي ڇهين بجي اٿنداسون تڏهن ئي آفيس پهچبو۔ باقي رشيد اٿي صبح جو 11 بجي اهو جي رات جو 2 بجي سمهين ته به خير ۔۔۔۔۔۔۔ باقي يار پاڻ سياڻا آهيو