• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو​

tumblr_krci6b3Q671qa7l9so1_1280.jpg
سحر امداد هڪ بهترين شاعره سان گڏ هڪ بهترن ليکڪه پڻ آهي، پاڻ شاعري کان علاوه ريسرچ تي پڻ ڪم ڪري چڪيون آهن، پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهن، سحر امداد صاحبه هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ بهترين ماءُ ۽ زال پڻ رهيون آهن هت سحر امداد جو مهراڻ ٽي وي کي ڏنل هڪ مختصر انٽرويو پيش ڪجي ٿو،
http://www.youtube.com/watch?v=fpLQF45NuLE

سحر امداد جون باقي تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو​
 
جواب: شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

محترمه سحر امداد سنڌ جي باشعور عورتن مان هڪ آهي۔

پاڻ شاعري سان گڏ ڪالم ۽ نثر پڻ لکيو اٿن۔ ناليواري شاعر امداد حسينيء جي وني محترمه سحر امداد جي شخصيت بلڪل سحر انگيز آهي۔

ادا ممتاز اوهان جو لاجواب ونڊ
 
جواب: شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

محترمه سحر امداد سنڌ جي باشعور عورتن مان هڪ آهي۔

پاڻ شاعري سان گڏ ڪالم ۽ نثر پڻ لکيو اٿن۔ ناليواري شاعر سحر امداد جي وني محترمه سحر امداد جي شخصيت بلڪل سحر انگيز آهي۔

ادا ممتاز اوهان جو لاجواب ونڊ
۔

3625564544_33f2b51292.jpg
۔ادا ونڊ کي پسند ڪرڻ لاء توهان جون مهربانيون ، باقي ادا سحر امداد ۔۔۔ سحر امداد جي وني نه پر امداد حسيني جي وني آهي، ۽ امداد حسيني صاحب پڻ هڪ بهترين سنڌي اديب ۽ شاعر آهي، سيد امداد علي شاه ولد سيد فضل محمد شاه 10 مارچ 1941 تي شهر ٽکڙ ، حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني يا سانول اٿس. پاڻ موجودو دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ۽ باقي سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين . امداد حسيني صاحب مسلسل لکندو پيو اچي هن سڀني جديد صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس نظم جديد انداز ۾ آهي. سندس ڪلام ڪيترن ئي سٺن فنڪارن ڳايو آهي
باقي ادا وساڻ صاحب امداد حسيني جي شاعري جون ڪجهه سٽون اوهان جون ڊزائين ڪيل پڻ هت پيش ڪجن ٿيون
۔


imdadhussaini.jpg

امداد حسيني جي آواز ۾ پڙهيل سندس شاعري هڪ وڊيو​
http://www.youtube.com/watch?v=g3opvCs5F70
 
جواب: شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

مهرباني ادا ممتاز

ڪجه ڏينهن اڳ مون محترمه سحر امداد جي نعتيه شاعري ونڊ ڪئي هئي ( گهِٽي آهي مديني جي

امداد حسينيء جي هي شاعري به پڙهڻ وٽان آهي۔

imdad.jpg
 
جواب: شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

مهرباني ادا ممتاز

ڪجه ڏينهن اڳ مون محترمه سحر امداد جي نعتيه شاعري ونڊ ڪئي هئي ( گهِٽي آهي مديني جي

امداد حسينيء جي هي شاعري به پڙهڻ وٽان آهي۔

imdad.jpg
ادا وساڻ صاحب اهيا شاعري ته منهنجي پسند جي شاعري آهي، ۽ اسان جڏهن 2002ع ۾ موسميات وٽ غازياني هائيٽس ۾ رهندا هئاسين ته اتي مان ٽيپ رڪارڊر ۾ اهيو ڪلام ٻڌندو هئس، ۽ اسان جو دوست هو محترم اختر حسين دايو صاحب جيڪو انجنيئر هو اهو به اهو ڪلام ٻڌڻ لاء مون وٽ ايندو هو۔ آخرڪار انهيء ڪلام واري ڪيسٽ ئي مون کيس ڏئي ڇڏي،
ڪيسٽ جي دنيا کانپوء اهيو ساڳيو ڪلام مان ٽي وي تي نيٽ تي ٻڌڻ لڳس۔ جيڪو ڪڏهن ڪڏهن هاڻ به ٻڌندو رهندو آهيان۔
 
جواب: شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

ادا شاعري ته بهترين آهي پر اوهان جي ڊزانئنگ ته چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن
 
جواب: شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

ادا شاعري ته بهترين آهي پر اوهان جي ڊزانئنگ ته چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن

ادا مهرباني

دوستن جي پسند جو خيال رکندي ۽ سنڌ سان محبت جي ڪري ننڍڙي ڪوشش ڪندا آهيون
 
جواب: شاعره، ۽ ليکڪ سحر امداد جو مختصر هڪ انٽرويو

ادا قرب اوهان جا جو اوهان هن نه چيز جي لکڻيء جي مانائتي موٽ ڏني۔
 
Back
Top