• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي (شيخ اياز)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
شيخ اياز جي غزل جو انگريزي ۾ ترجمو ، هي غزل اياز جي مشهور ڪتاب ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۾ آهي __حسام ميمڻ




تتيءَ ۾ گهـــڙو ڪــا ڀري ٿـــي پئـي،
ٿري سُونهن چمڪا ڪري ٿي پئـي،

اهو ڪانڌ ڪهڙو، انهيءَ کي ڏسون،
سهــاڳڻ ته ٻهه ٻهه ٻـــري ٿـــي پئـــي۔

اُٺــــي جــــــي هــــوا ۾ کنيـــا مور پَر،
ڊُڪـــــي ڊيل هــــر هر ٺري ٿي پئي،

ڪرايون ڳچيءَ ۾ وجهي ڪانڌَ کي،
ڏســــــي وڄ وينگس ڏري ٿـــــي پئــي،

ســــکيءَ کي ڏجــــي ساهه گهوري ”اياز“،
مــــگر ڇــــا ڪــجي جــو پري ٿي پئي۔


Translated by Hisam Memon



The damsel fills the jar with water in hot
Such beauty of desert dazzles a lot

Let us see that lad, for that
The bride becomes so happy and great

Twistingly the peacock flew in the air
The pea hen ran joyously to stare

She embraced her beloved with arms around
Damsel was scared, when lightening occurred

Expired be ‘Ayaz’ for the beloved
What to do, if she is at distance
 
جواب: مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي (شيخ اياز)

ادا سليمان وساڻ ۽ ادا آرزو۔

مهربايون جو اوهانکي اسان جي ونڊ ڪيل شاعري پسند آئي۔۔۔۔ادا اسان جو تمام پيارو ليکڪ حسام ميمڻ جن کي مان هن اڱڻ جي دعوت اڄ ياد ڪري ڏيندم ان فيس بوڪ تي هي شاعري ميسج ڪئي۔۔۔مونکي سٺي لڳي سو اوهان سان ونڊ ڪيم حسام ميمڻ جو تعلق شڪارپور سان آهي
 
جواب: مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي (شيخ اياز)

ڪرايون ڳچيءَ ۾ وجهي ڪانڌَ کي،
ڏســــي وڄ وينــــگس ڏري ٿـــي پئــي۔

الله اڪبر! جذبن جو ڀنڍار آهي شاعري ۔۔۔ پنهنجي پڄڻ کان گهڻو پري آهي ۽ نه وري ڪي لفظ آهن جو چئي سگهجن بس شيخ اياز جي شاعريءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔

هيءَ شاعري انگريزيءَ مان ترجمو ڪئي وئي آهي ته ترجمي ڪرڻ واري به شيخ اياز جي ڏانوَ جا لفظ استعمال ڪري ڪمال ڪيو آهي ۔۔۔ واه واه اصل جواب ناهي ۔۔۔

لک ٿورا دوست! ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔ پر يار لائينون الائنمنٽ ڪرين ها ته سٺو هو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي (شيخ اياز)

ادا تمام بهترين چونڊ آهي۔
پڙهي ڪري سحرا جا خيالات ڇائجي ٿا پون۔

بهترين۔
 
Back
Top