شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ جي ياد ۾

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ جي ياد ۾​


    امتياز چانڊيو
    اسان قيادت جي معاملي ۾ ڏاڍا بدنصيب رهيا آهيون، هڪ ته بهادر، ڏاها ۽ محنتي ماڻهو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺن ٿا ۽ ٻيو اهي بيدرديءَ سان قتل ڪيا وڃن ٿا، اسان بيوسيءَ مان قاتل سڃاڻيندي به ڪجهه نٿا ڪري سگهون، ۷ جون 1990ع تي ڏينهن ڏٺي جو حيدرآباد جي ڊفينس ڪالونيءَ ۾ دهشتگردن هٿان بيدرديءَ سان شهيد ڪيل پروفيسر حزب الله ميمڻ انهن پيارين شخصيتن مان هڪ هو، جنهن جي سنڌي ماڻهن کي ضرورت هئي، هو هڪ بهترين استاد، شاعر، ليکڪ ۽ موسيقي جو قدردان ۽ محقق هو، 1990ع ۾ جڏهن لساني جهيڙا عروج تي هئا، تنهن دوران کيس شهيد ڪيو ويو، پروفيسر حزب الله ميمڻ تمام گهڻي صلاحيتن وارو سمجهو قابل انسان هو، هو هر لحاظ کان هڪ بااخلاق لائق صالح جوان هو، هو سٺو دوست به هو، حزب الله ميمڻ هر موضوع تي چڱي انداز ۾ گفتگو ڪندو هو پوءِ اهو ملڪي حالات هجن يا ٻي ڪا ڳالهه هجي، سندس پنهنجي علمي مضمون نفسيات ۾ جيڪا سندس ڄاڻ هئي، ان ۾ سندس شوق به شامل هو، سڀ کان وڌيڪ کيس نفسيات سان تمام گهڻو شوق هو، شهيد حزب الله ميمڻ يونيورسٽي جوائن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي سبجيڪٽ سان تمام گهڻو نڀايو، سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ حزب الله ميمڻ انهن استادن مان هو، جن دل گرمائي ڪم ڪيو، هن کي سنڌي هنر ۽ فن سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، علمي ذوق سان گڏ اجرڪ جي رنگائي، ڇپائي ۽ ٻين مختلف مرحلن جي باري ۾ سندس ڳالهيون ٻڌي حيرانگي ٿيندي هئي ۽ سندس اهي ڳالهيون ڪتاب ۾ لکڻ جهڙيون هيون، کيس ماڻهو صلاح ڏيندا هئا ته هو ڪتاب تيار ڪري ۽ اها تحقيق ماڻهن تان پهچائي.
    حزب الله ميمڻ رضا تي راضي رهڻ، شاڪر رهڻ ۽ صبر ڪرڻ وارن ماڻهن مان هو، سندس لائبريري تي حملو ڪري ان کي ساڙڻ ۽ گهر تي حملو ڪرڻ وارن واقعن کيس وڏي تڪليف پهچائي هئي، سندس گهر ۾ ڪي نادر شيون مثال طور کٿا، اجرڪون ۽ لونگيون جن جي ٺاهڻ وارا ڪاريگر ئي نه رهيا آهن، اهي شيون هينئر ٺاهڻ وارو ڪير به ناهي، اهي سڀ لٽيون ۽ تباهه ڪيون ويون، ان کان سواءِ ميرن جي زماني جا ڪپڙا ۽ زيور به حملي آور کڻي ويا، پراڻين ۽ اڻلڀ شين تي مشتمل سندس ميوزيم پڻ تباهه ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي هنر جا نمونا ۽ پراڻا يادگار سڪا شامل هئا، جيڪي چوري ڪيا ويا، اهو واقعو پڪي قلعي جي آپريشن دوران ڪيو ويو، جڏهن سنڌين کي ڳولهي ڳولهي ماريو پئي ويو، پڪي قلعي کان مارڪيٽ ٽاور تائين صدين کان وٺي آباد سنڌين کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بنائي علائقي کي صاف ڪيو ويو، جتي هاڻي مختلف پاڙن ۽ پڙن جي نالن سان علائقا قائم ڪيل هئا، جن ۾ جمن شاهه جو پڙ، پرور شاهه جو پڙ، فقير جو پڙ، نائين جو پڙ، ساٿين جو پاڙو، پاٽولين جو پاڙو، گولي انداز، رزي دوز، پخالي جو پاڙو، شهواڻي پاڙو ۽ ٻيا ڪيترائي پاڙا ۽ پڙ وارا علائقا آهن، اهي سنڌين سان آباد هئا، اهي پڪي قلعي جي آپريشن جي ڪاوڙ ۾ خالي ڪرايا ويا، ماڻهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا، اهي علائقا اڄ به سنڌين جي لاءِ نوگو ايريا بڻيل آهن، بحرحال ايتري واقعي تي به حزب الله ميمڻ جو صبر ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي.
    جڏهن کيس شهيد ڪيو ويو ته سندس شهادت جو ٻڌي سڄي حيدرآباد ۾ واويلا مچي ويو ۽ ماڻهو وڏي ڏک ۾ پئجي ويا. سندس وڇوڙي تي هن جي خاندان کي ايتري ته تڪليف پهتي جو ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ اهڙو واقعو ملڪ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو هجي. شهيد حزب الله ميمڻ ۽ سنڌين جي ناليوارين شخصيتن جي قتل ۾ ملوث دهشتگرد ڄاتل سڃاتل آهن، اهي اڄ به ٽارگيٽ ڪلنگ وارا واقعا ڪن ٿا، انهن جا پوئلڳ 12 مئي واري واقعي ۾ ملوث آهن، پر افسوس ته اهي اڄ به آزاد آهن، کين پڪڙ ۾ آڻڻ وارو ڪير به ناهي، هو اڳ کان به اڳرا آهن.
    1977ع ۾ خاص ڪري حيدرآباد ۾ سنڌين کي جڏهن وڏي پيماني تي نقصان رسايو ويو، 1990ع ۾ اسان پنهنجن کي ڪهايو ۽ مارايو خاموش ويٺا هئاسين، موجوده وقت ۾ به پيپلز پارٽي جي ٿيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا گهر ۽ اثاثا بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪريون.
    بشڪريه عبرت
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ جي ياد ۾

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ جي ياد ۾

    ادا توهان جي مهرباني ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو