رني ڪوٽ جو رڻ ۽ پريشان پريون! نثار کوکر [justify] اها ڊسمبر جي هڪ عام ڪچڙي منجهند هئي، جڏهن اسان رني ڪوٽ جي سن گيٽ اڳيان وڃي گاڏي بيهاري. ڪاري جبل جي ڇانوَ ۾ سمنڊ جي سطح کان 2 هزار فوٽ بلنديءَ تي بيٺل قلعي جي ڪجهه ديوارن ۾ ايتري ته ڪشش رکيل آهي، جو انهن تائين پهچڻ لاءِ دل بي تاب ٿي پوي ٿي. صديون پراڻو سنڌ جو هي تاريخي قلعو توڻي جو 1993ع کان اقوام متحده جي اداري يونيسڪو جي عالمي هيريٽيج سائيٽس واري فهرست ۾ شامل آهي، پر سنڌ سرڪار ان قلعي بابت ايتري ته خاموش ۽ لاتعلق ٿيل آهي، جو ان نه ڀليڪار جو ڪو بورڊ هنيو آهي، نه ئي قلعي جي ڄاڻ وٺڻ بابت ڪو گائيڊ موجود آهي. رني ڪوٽ ۾ ان وقت ويراني ڇانيل هئي، پر مختلف پهاڙن تي لڳ ڀڳ 20 ميل يا 35 ڪلوميٽرن تائين ڦهليل ان جي ديوارن ۾ اهڙي ته ڪا ڪشش هئي، جو اسان جابلو رستن لاءِ مخصوص ڪيل بوٽن يا جاگرن کانسواءِ ئي ديوارن جو سفر ڪرڻ لاءِ چڙهي پياسين. رني ڪوٽ جي هن وسيع تاريخي، پر ويران قلعي ۾ ان وقت صرف اسان ٻه سياح موجود هئاسين، جيڪي به اوچتو انڊس هاءِ وي تان لهي ڪاري جبل طرف ڪاهي پيا هئاسين. حقيقت اها هئي ته ان ڏينهن رني ڪوٽ طرف اچڻ جو ڪو ارادو نه هو. حيدرآباد جي رسالا روڊ واري مشهور برياني اسان جي هٿ ۾ هئي، اها برياني کائڻ لاءِ ڪا خوبصورت هوادار جڳهه ڳوليندي ڳوليندي اسان حيدرآباد کان 90 ڪلوميٽر پري هن قلعي ۾ ائين پهچي ويا هئاسين، جيئن ڪجهه وقت اڳ گهاري جي مڇي کائڻ لاءِ اسان شاهراهه فيصل تان نڪري اچي ٺٽي جي بازارن ۾ پهتا هئاسين ۽ مڪليءَ جي ڪنهن بي نام پر چوطرف کليل ۽ هوادار مقبري هيٺان ويهي اسان ٺٽي جي مڇي چانورن جي مانيءَ سان کاڌي هئي. پر برياني اڃان اسان جي هٿ ۾ هئي ۽ اسان رني ڪوٽ جي ڪنهن به هڪ چوٽيءَ تائين پهچڻ جي جستجو ۾ هئاسين. اوچين جابلو چوٽين تي اڏيل هن فوجي اهميت واري ڪوٽ جون ديوارون ڪٿي ڪشاديون ته ڪٿي سوڙهيون ٿينديون پئي ويون، پر اسان پنهنجو سفر جاري رکيو. ان سفر ۾ سهڪي ته آئون به پيو هئس، پر منهنجي همسفر دوست ته پنهنجو شولڊر بيگ رکي جوتا به هٿ ۾ کڻي ورتا هئا، پر سفر پوءِ به جاري هو. هي قلعو نه صرف دنيا جي سياحن جي وڏي اڪثريت جي اکين کان اوجهل آهي، پر صديون گذرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪيترن حوالن سان هڪ معمو بڻيل آهي. آرڪيالاجسٽ ۽ مورخ اڃان تائين متفق نه ٿي سگهيا آهن ته جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان هي بهترين قلعو ڪهڙي دور ۾ ۽ ڪنهن تعمير ڪرايو. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته سنڌ تي عربن جي حڪمراني دوران هي قلعو تڏهن تعمير ڪيو ويو، جڏهن عمر بن موسيٰ برميڪي هتي گورنر هو. ٻه هزار ڏهه واري ڊسمبر ۾ رني ڪوٽ جي اترئين ديوار ٽي هزارين فوٽ اوچي برج وٽ ويهي اسان اهو بحث ڪري رهيا هئاسين ته آخر درياهي پاسي کان ڪهڙيون فوجون حملا آور ٿينديون هونديون، جو هي شاندار قلعو انهن حملن کان بچاءُ لاءِ تعمير ٿيو ۽ اسان اهو به سوچيو پئي ته اهو ڪهڙو پهريون فوجي جرنيل هوندو، جنهن هن قلعي جي برجن تي ڀالا ۽ تير کڻي بيٺل برجستن سپاهين کان سلامي ورتي هوندي، ڇا اهي سپاهي ۽ جرنيل سنڌي ڳالهائيندا هئا، ڪا خبر ناهي؟ رني ڪوٽ تي مفصل تحقيق ڪندڙ ۽ ٽي دفعا پيرين پنڌ هن قلعي جي ماپ وٺندڙ سائين بدر ابڙي جو خيال آهي ته رني ڪوٽ وارو هي قلعو اهو ئي نيرون ڪوٽ آهي، جنهن جو چچنامي ۾ ذڪر ٿيل آهي. هن جو خيال آهي ته تحفته الڪرام ۾ حيدرآباد جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ غلطيءَ وچان لکيل آهي. رني ڪوٽ جي سهڻي سفر تان واپس ٿي جڏهن بدر صاحب کي فون ڪيم ته هن اهو ئي ٻڌايو ته چچنامي ۾ جنهن نيرون ڪوٽ جو ذڪر آهي، سو رني ڪوٽ آهي. ان جي جاگرافي، جبل، چشما ۽ چراگاهه ان جا گواهه آهن. بدر ابڙي موجب سنڌ جي ڪنهن ٻئي قلعي ۾ چشمو آهي يا چراگاهه هجي ته ٻڌايو. هن ٻڌايو ته قلعي جي مختلف تاريخي دورن ۾ مرمت ٿيندي رهي آهي. اليگزنڊر برنس به 1830ع ۾ اهو لکيو آهي ته، ٽالپر حڪمرانن هن قلعي جي مرمت ڪرائي. رني ڪوٽ جي مرمت ۽ تعمير واري ان تاريخي بحث منجهان نڪرندي مون اهو پئي سوچيو ته جنهن بادشاهه يا جرنيل اهو قلعو تعمير ڪرايو، يا جن بعد ۾ ان جي مرمت ڪرائي، سي ٿوري زحمت ڪري پٿر جي ڪنهن ٽڪري تي جيڪڏهن پنهنجو نالو ۽ تاريخ لکي وڃن ها ته رني ڪوٽ بابت وڏو معمو حل ٿيل هجي ها. بدر ابڙي جو رني ڪوٽ بابت مفصل ڪتاب به لکيل آهي، پر هن مون کي ٻڌايو ته هن اٺ اٺ ڏينهن رني ڪوٽ ۾ گذاري مختلف وقتن تي ٽي دفعا ان قلعي جي ماپ ورتي آهي. بدر صاحب جي اهڙي ڳالهه ٻڌي منهنجو کائنس اهو سوال هو ته ”سائين توهان ڪيئن ڪوٽ جون ديوارون چڙهيون، اسان ته هڪ سفر ۾ ئي سهڪي پيا هئاسين.“ بدر هلڪو کلي وراڻيو ته ”سائين عمر جي تقاضا به آهي.“ اها ڳالهه ان وقت به محسوس ٿي، جڏهن اسان قلعي جي اترئين ديوار جي اڌ تي ٺهيل برج تي وڃي دنگ ڪيو ۽ سهڪي بيهي رهياسين. رني ڪوٽ جي هنن ديوارن کي ڏسي لڳي ٿو ته قلعي جي تعمير ۾ ان وقت جي ڪنهن ماهر فوجي جرنيل جي دلچسپي شامل هئي. ديوار تي ڪجهه فوٽن جي فاصلي سان ان وقت جي تير انداز سپاهين لاءِ اهڙا ته مورچا ٺهيل آهن، جتان هو هيٺاهين طرف حملا آور فوج مٿان آسانيءَ سان تير اڇلي سگهن. رني ڪوٽ جي اوچي برج تي ويٺي جڏهن ٿڌي هوا اسان جا پگهر سڪائي رهي هئي، تڏهن آئون اهو ئي سوچي رهيو هئس ته هن قلعي اندر سوين سال اڳ ڪهڙا سپاهي، ڪهڙا جرنيل رهندا هوندا. اهي سنڌ ڄاوا ڌرتيءَ جا محافظ هئا يا ڌاريا ڦورو لٽيرا ۽ غاصب هئا، ڪا خبر ناهي. اهو خيال سگريٽ جي دونهين سان گڏ اڏامي وڃي ٿو. سنڌ جي غلامين، آزادين، شڪستن ۽ فتحن جي داستانن جيان رني ڪوٽ جي تاريخ تي به اهڙي ڪا دز پيل آهي، جو هٽيو نٿي هٽجي. سنڌ سرڪار جيڪڏهن سياحن لاءِ ماحول موافق بڻائي ته هن قلعي جي اوچن برجن تان بيهي ڪاري جبل ۾ لهندڙ سج جو نظارو ڪرڻ لاءِ دنيا جا سياح گڏ ٿي ويندا، پر هتي ته رني ڪوٽ ۾ سهولتن جي اڻاٺ جو رڻ متل آهي. پاڻي ڪو نه ٿو ملي ته سياح ڪٿان ايندا. ائين به ناهي ته رني ڪوٽ رڳو تيرن، ڀالن، سپاهين، پٿرن ۽ اسلحي خاني جي قصن سان ڀريل آهي، پر هن قلعي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ گبولن وٽ اهي قصا به مشهور آهن ته هن قلعي ۾ ڪي پريون، حسن جون پريون اينديون رهيون. رني ڪوٽ کي ٻه وڏا دروازا موهن گيٽ ۽ سن گيٽ آهن، پر ٻه ننڍا دروازا آمري گيٽ ۽ شاهه پير گيٽ به اٿس. موهن گيٽ ڀرسان قدرتي پاڻي واري چشمي کي ”پرين جو تڙ“ چيو وڃي ٿو، جتي ڪنهن زماني ۾ چوڏهينءَ جي رات ڪوهه قاف جون پريون اچي تڙ ڪنديون هيون. چوڏهينءَ جو چنڊ هاڻي به رني ڪوٽ مٿان پنهنجي کير جهڙي روشني هاري ٿو، پر ان طرف پرين هاڻي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن قلعي طرف اچڻ ته انهن جوشيلن جوانن به ڇڏي ڏنو آهي، جيڪي اسي واري ڏهاڪي ۾ پاڻ کي سوڍا پٽ سنڌ جا سمجهندا هئا. ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي کانپوءِ روپوش ٿيل انهن جديد گوريلن کي جڏهن هن ڪوٽ جي اوٽ ۾ سن جي جهوني ترسايو هو ته هنن کيس ايلازن وارا نياپا اماڻيا هئا ته ”سائين هتي مڇرن کائي ناس ڪيو آهي ۽ قلعي جي ويراني ته رات جو کائڻ ٿي اچي، اسان کي ڪٿي ٻئي هنڌ موڪليو.“ رني ڪوٽ اندر ان زماني ۾ روپوشيءَ جا ڪجهه هفتا گذاريندڙ هڪ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ٻڌايو. ڊسمبر جي ڏينهن جو مختصر سج نه چاهيندي به ڪاري جبل ۾ ٽٻي هڻي موڪلائي رهيو هو. اسان ڏاکڻين ڀت جي برج تان لهي واپس ٿياسين، ته مون کان هڪ جديد پريءَ پڇيو ”هتي ته ڪا سهوليت ئي ناهي، ريسٽورنٽ نه واش روم، نه ڪو گائيڊ، نه چوڪيدار، هتي پريون ڪيئن اينديون هونديون.“ مون مرڪي کيس وراڻيو تون فڪر نه ڪر رني ڪوٽ جي هن رڻ ۾ هاڻي نه پريون اچن ٿيون، نه سپاهي جرنيل يا گوريلا، ڇو ته اسان پنهنجي ورثي کان لاتعلق بڻيل قوم آهيون، جانورن جي ڌڻ جيان اڳتي وڌندا پيا وڃون، پر خبر ناهي ته ڪير آهيون ڪٿان آيا آهيون؟ واپسيءَ تي خاموشي ٿڪاوٽ واري به هئي پر ان خاموشيءَ ۾ هڪ خدشي جهڙي مايوسي اها به شامل هئي ته ڪٿي اڳتي هلي سکر جي بکر ۽ عمرڪوٽ قلعن جيان سڀاڻي رني ڪوٽ به ”ڏاڍن“ جي قبضي ۾ نه اچي وڃي ۽ اسان عام ماڻهو ان ۾ داخل به نه ٿي سگهون.[/justify] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان