مون کي اهو لکندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌ سلامت فورم ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي آهي اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ مختصر عرصي ۾ سنڌ سلامت تي 5000 تحريرون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ ان کان به وڌيڪ اهو ته فورم تي رجسٽرڊ رڪنن جو تعداد 100 کان مٿي ٽپي چڪو آهي۔۔۔۔ هي يقينن توهان سڀني رڪنن جي محنت جو نتيجو آهي ۔۔۔ جس هجي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي جن پنهنجي مصروف ۽ ذميدارين سان ڀريل زندگي مان پنهنجي ٻولي خاطر، پنهنجي سنگت خاطر، پنهنجي ساٿ خاطر ۽ پنهنجي پاڻ خاطر فورم تي مسلسل ايندا رهيا ۽ نون توڙي پراڻن ساٿين کي همٿائيندا رهيا۔۔۔۔۔ مون کي يقين آهي ته سنڌ سلامت فورم کي عام ڪرڻ لاءِ توهان دوستن مختلف گروپن تي وڃي ميلز ۽ موبائيل ميسيجز وسيلي پڻ پنهنجي جستجو جاري رکي آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو فورم تي روزانو نوان نوان دوست رجسٽريشن ڪرائي رهيا آهن۔۔۔۔۔ مان انهن سمورن دوستن جو به شڪريو ادا ڪندس جيڪي سنڌ سلامت فورم تي ڪجهه مسئلن اچڻ جي ڪري پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ته ڪري نه سگهيا آهن۔۔۔ پر فورم تي مهمان جي صورت ۾ لڳاتار ايندا رهن ٿا ۽ فيڊ بيڪ جي صورت پنهنجا رايا فورم جي انتظاميه تائين پهچائيندا رهن ٿا۔۔۔۔ گڏ انهن سڀني ساٿين کان مان معزرت گهرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندس جن کي فورم تي رجسٽريشن مڪمل ڪرائڻ وقت مونجهارن کي منهن ڏيڻو پيو۔۔۔۔ انهن ساٿين جن فيڊ بيڪ ذريعي ميلز موڪليون آهن انهن کي پڻ وقت سر جواب موڪلڻ جي پوري پوري ڪوشش رهي آهي پر هتي انهن کي آگاهي ڏيندو هلان ته جيڪڏهن رجسٽريشن جي عمل کي وڌيڪ سولو بڻايو ويو ته فورم تي سپيمز جي حملي جو خدشو ٿي سگهي ٿو ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن دوست کي فورم تي رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ ڏکيائي سامهون اچي رهي آهي ته اهي انتظاميه سان هيٺ ڏنل اي ميل تي رابطو ڪن ۔۔۔۔ سنڌ سلامت انتظاميه جي پوري پوري ڪوشش هوندي ته کين درست ۽ تڪڙي رهنمائي ڏني وڃي۔۔۔۔ آخر ۾ مان شاهه صاحب جي هنن لفظن سان سنڌ سلامت فورم جي سموري ساٿ جو شڪريو ادا ڪندس ته۔۔۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔۔۔۔۔ sindhsalamatsaathsal انتظاميه سان رابطي لاءِ اي ميل ايڊريس آهي۔۔۔ salamatsindh@gmail.com
شروع ان الله جي نالي سان جيڪو ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي مون فقير پاران سڄي سنڌ سلامت کي مبارڪباد هجي ته بقول ادا رشيد جي هن تمام ٿوري عرصي اندر سنڌ سلامت تي 5000 تحريرون ۽ شاهد آفريدي وانگر ميمبرن جي تيز ترين سنچري مڪمل ڪئي آهي اهو سڀ ادا رشيد ،ادا علي علي ، محترم سائين نثار ناز ، سائين نثار ابڙو ، حڪيم محمد يوسف کتري، ادو مگسي ، ادو زاهد الجميلي ول خليلي عرف صوفي فقير ، ادو جهانداد، ادو وحيد سمون ، ابو زين ، عظيم ، ادي ساره ۽ سنڌ سلامت جي دادلي عبدالوهاب بلوچ ڀاءُ جي محنتن ، ڪاوشن ڪوششن ،جذبن ۽ ڏينهن رات جي محنتن جو ڦل آهي مون فقير وٽ اهي لفظ ئي نه آهن جنهن سان سنڌ سلامت جي مور ادا رشيد جا ٿورا مڃيا جنهن وي بليٽن جهڙي پروگرام کي ماکي کان به مٺڙي ٻولي سنڌي ۾ ترجمو ڪري وي بليٽن وارن کي ئي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏوگڏ پهنجي سنڌي اٻوجهه ماروئڙن تي هڪ وڏو احسان تحفي جي صورت ۾ پيش ڪيو سنڌ سلامت جو ٿوري عرصي ۾ ترقي جو سبب اهو ئي آهي ته هن فورم جي سڀني ميمبرن پنهنجي مفاد خاطر نه پر پوري سنڌ جي لا۽ سوچيو ۽ ڪري ڏيکاريو منهنجي رب پاڪ کان دعا آهي ته اي الله رب العزت سنڌ سلامت کي هن وقت جي خطرن ، بيمارين(وائرس) ۽ دشمن عناصرن کان تا قيامت محفوظ رک . آمين . مدئي لاکهه برا چاهي تو ڪيا هوتا هي وهي هوتا هي جو منظوري خدا هوتا هي shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
السلام عليڪم منهنجي طرفان سنڌ سلامت جي سڀني مانوارن کي مبارڪون قبول هجن ادا اها تمام سٺي ڳاله آهي جو فورم ايتري گهٽ عرصي ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي اسان جي دعا آهي ته ڌڻي اڃا به سنڌ سلامت کي ترقي ڏئي جو سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ڀائرن تائين پنهنجو پيغام پهچائي سگهجي آمين ادا هونئن به هڪ چوڻي مشهور آهي ته فورم ،ميمبرن جي تعداد يا زياده پوسٽن جي هجڻ سا ترقي ناهي ڪندو بلڪه ميمبرن جي درميان محبت ، ٻڌي ۽ ڀائيچاري جي ڪري ترقي ڪندو آهي اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ سلامت ان منزل تي رسيو آهي منهنجي دعا آهي ته ڌڻي پاڪ اڃا به ان فورم کي ان منزل تائين پهچائي جنهن منزل جا اسان سپنا ڏٺا آهن آمين آخر ۾ مان پڻ تمام دوستن جو شڪر گذار آهيان جن ان ۾ اسان جو ساٿ ڏنو شل جُڙيا هجو آباد هجو
HaqMojood shabashshabashshabashshabash shabashshabashshabashshabash shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal sadayeen gud
السلام عليڪم ادا منهنجي طرفان سنڌ سلامت جي سڀني مانوارن دوستن کي مبارڪون قبول هجن ادا اها تمام سٺي ڳالهه آهي جو فورم ايتري گهٽ عرصي ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي اسان جي ڌڻي دراها دعا آهي ته ڌڻي اڃا به سنڌ سلامت کي ترقي ڏئي جو سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ڀائرن تائين پنهنجو پيغام پهچائي سگهجي آمين
سنڌ سلامت جي پوري ٽيم کي هن ناچيز طرفان مبارڪ باد هجي. ادا رشيد توهان جي ڪوششن جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ هوندي. مٺا شال جڙيو ۽ ڇڙيو هجين.
دوستو منهنجي طرفان به سڄي سنڌ سلامت جي سنگت کي مبارڪون هجن، الله سائين اسان سڀنين کي اهڙي محبت ۽ پيار سان قائم رکي هن سنڌ سلامت واري ساٿ ۾۔۔۔۔ ادا شبير جتوئي جيڪو لکيو آهي، سو مونکي تمام گهڻو پسند آيو۔۔۔۔ مان به ائين چوان هان۔۔۔ پر ادا شبير جتوئي صاحب اسان کان پهريان پنهنجا ويچار ونڊي ويٺو۔۔۔۔۔۔
ادا زاهد ادي شبير مهنجا چيل جملا پيش ڪيا آهن ادي اها جملا هتي لکيا ادي جي مهرباني ۽ اوهان جي پسند ڪرڻ جي به مهرباني آخر اوهان کي وڻن ڇونه آهن جو اوهان جي جهوني محبوب جا khil sahi
سنڌسلامت جي سڄي ساٿ کي مان غريب مبارڪباد عرض ڪيان ٿو ادا رشيد مونکي اها خبر نه هئي اڃا ڪو صفا ٿورو عرصو گذريو آهي سنڌسلامت کي واقعا اها اسانجي ڪجھ محنتي دوستن جو اثر آهي جنهن هن فورم کي ڪٿي وڃي پڄايو آهي محنت ته سڀني ڪئي آهي پر ڪجھ دوستن اهڙا آهن جي بي انتها محنت آهي جن ۾ عبدالوهاب علي علي فلپوٽو فقير نثار ناز ابوزين جهانداد سمون زاهدسومرو نثار ابڙو shabashshabashshabashshabash suhnan saan
ادا غريب اوهان اسان کي به محنت ڪندڙ جي لسٽ ۾ شامل ڪيو اوهان جي تمام گهڻي مهرباني سهڻا اسان جي دعا آهي ته الله تعالي اوها ن کي جلد امير ڪري khil sahikhil sahikhil sahi
منهنجا سهڻا ماکي کان به مٺڙي ٻولي سنڌي ۾ چوڻي آهي ته؛ گهر ته گهوريانءِ نه گهوري وجهانءِ مٺا فورم جي ترقي جو سبب هڪ ئي آهي ته هن فورم جي انتظاميه جو پوري سنڌ سلامت جي ميمبرن سان تمام سهڻو برتاءُ رهيو آهي. سياڻن لاءِ اشارو ئي ڪافي هوندو آهي.
دوستو منهنجي طرفان به سڄي سنڌ سلامت جي سنگت کي مبارڪون هجن، الله سائين اسان سڀنين کي سدائين اهڙي ئي محنت ۽ مخبت سان قائم رکي،
جواب: سنڌ سلامت فورم تي 5000 تحريرون ۽ ميمبرن جي سينچري مڪمل۔۔۔ سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي منهنجي طرفان مبارڪون هجن.
جواب: سنڌ سلامت فورم تي 5000 تحريرون ۽ ميمبرن جي سينچري مڪمل۔۔۔ مبارڪان مبارڪان مبارڪان 5000 بار مبارڪان..........*