Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
ڀٽ شاه ۾ هڪڙو طرحي مشاعرو ٿيو جنهن ۾ مون ناچيز کي به شريڪ ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿي. جنهن جي طرح هن ريت هئي ته.
اڃا ڀي اوهان جو کلڻ ياد آهي.
فعولن فعولن فعولن فعولن
هڻي دل تي ڌاڙو لٽڻ ياد آهي،
۽ راهن ۾ رولي ڇڏڻ ياد آهي.
اسانکي ستم سور سارا ڏئي پوء،
رقيبن سان گڏجي گهمڻ ياد آهي.
اسانجي اچڻ تي وجهي بندشون پوء،
لڪي ليئا پائي ڏسڻ ياد آهي.
اها ڀي ڪا سهڻا ملاقات آهي،
گهڙي کن اچي پوء وڃڻ ياد آهي.
اسانکي اجايا ڏئي خواب سارا،
اوهان جو مزي سان سمهڻ ياد آهي.
نشيلي نگاهن سان مدهوش من ٿيو،
اوهان تان فدا ٿي وڃڻ ياد آهي.
ڪڏهن مرڪ آئي نه مُک تي چوان ڇو،
طرح : اڃان ڀي اوهانجو کلڻ ياد آهي.
محبت ۾ "مجروح" ٿينداسين تنهنجا،
اوهانجو ائين سو چوڻ ياد آهي.
اڃا ڀي اوهان جو کلڻ ياد آهي.
فعولن فعولن فعولن فعولن
هڻي دل تي ڌاڙو لٽڻ ياد آهي،
۽ راهن ۾ رولي ڇڏڻ ياد آهي.
اسانکي ستم سور سارا ڏئي پوء،
رقيبن سان گڏجي گهمڻ ياد آهي.
اسانجي اچڻ تي وجهي بندشون پوء،
لڪي ليئا پائي ڏسڻ ياد آهي.
اها ڀي ڪا سهڻا ملاقات آهي،
گهڙي کن اچي پوء وڃڻ ياد آهي.
اسانکي اجايا ڏئي خواب سارا،
اوهان جو مزي سان سمهڻ ياد آهي.
نشيلي نگاهن سان مدهوش من ٿيو،
اوهان تان فدا ٿي وڃڻ ياد آهي.
ڪڏهن مرڪ آئي نه مُک تي چوان ڇو،
طرح : اڃان ڀي اوهانجو کلڻ ياد آهي.
محبت ۾ "مجروح" ٿينداسين تنهنجا،
اوهانجو ائين سو چوڻ ياد آهي.