• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو اڄ فيس بوڪ تي ادل سومري جي شاعري ملي۔ سوچيم ته ڇونه دوستن سان ونڊ ڪجي۔ هيء شاعري ڪراچيء جي سنڌي وستين تي چيل آهي۔

ڪيڏا هن بجيٽ ۾ ، پئسا تو ورتا
اجڙيل سڀ رستا ، ساڳيا سچل ڳوٺ جا

2n0vdw2.jpg
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سهڻا سليمان، سائين ادل سومرو منهنجي ڀر ۾ هجي ها ته اٿي سلام ڪريانس هان ۽ نرڙ تي مٺي ڏيانس هان ۔۔۔

سلام آهي سچ جي جوت جلائڻ وارن انهن هٿن کي جي قلم جي نوڪ کان بندوق جو ڪم وٺن ٿا ۔۔۔ ڪراچيءَ جي ڳوٺن جي سچي ترجماني ڪيل آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
ڪيڏو ڪلور آ جو
اسان پنهنجي شهر ۾به ويڳاڻا لڳا پيا آهيون

پر نيٺ ته ٻالڪ وڏرو ٿيندو

اسانجو به وارو ايندو
 
واھ ادا تمام زبردست سائين۔۔۔۽ سمورو سچ۔۔۔اسانکي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسان سنڌ ۾ ڪون ٿا رهون۔۔۔۔۔جڻ ته هي ملڪ ئي ٻيو آهي۔
 
سائين نثار مهرباني

ادل سومري جي سموري شاعري سون آهي پر هي شاعري ته منهنجي به دل وٽان ڪيل آهي۔ هيڏي دليري سان ۽ سچ لکڻ جو انداز به نرالو۔
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين توهان جي مهرباني اسان کي هي شاعري ڏاڊي سٺي لڳي ۔۔۔۔۔۔مهرباني ۔۔۔۔۔سائين سليمان سائين۔۔۔
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪيڏو ڪلور آ جو
اسان پنهنجي شهر ۾به ويڳاڻا لڳا پيا آهيون

پر نيٺ ته ٻالڪ وڏرو ٿيندو

اسانجو به وارو ايندو

ادا بلڪل اسان جو به وارو ايندو

نيٺ ته ٿيندو سوجهرو ، رهڻي ناهي رات
سڀ کي اها تات ته موٽي ايندو مينڌرو
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

واھ ادا تمام زبردست سائين۔۔۔۽ سمورو سچ۔۔۔اسانکي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسان سنڌ ۾ ڪون ٿا رهون۔۔۔۔۔جڻ ته هي ملڪ ئي ٻيو آهي۔

يار عاشق دل نه لاه

الله پاڪ چڱي ڪندو ، دنيا اميد تي قائم آهي

ادل جي شاعري لاجواب آهي
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

دا سليمان مهرباني ونڊ ڪرڻ جي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سائين جن جي شاعري تمام بهترين آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا سليمان مهرباني ونڊ ڪرڻ جي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين جن جي شاعري تمام بهترين آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سائين توهان جي مهرباني اسان کي هي شاعري ڏاڊي سٺي لڳي ۔۔۔۔۔۔مهرباني ۔۔۔۔۔سائين سليمان سائين۔۔۔

سنديپ اوهان جي مهرباني

اسان اوهان جي لکڻين جي انتظار ۾ آهيون

اميد ته جلد اسان سان پنهنجا خيال ونڊ ڪندا

۽ ها اوهان تعارف واري سيڪشن م اچي پنهنجو تعارف ڪرايو۔ سمجهڻ لاء هنن ٿريڊس کي پڙهو

http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1104
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا سليمان وساڻ صاحب ادل سومرو صاحب اسان جي سنڌ ادب ۽ شاعري جو هڪ بهترين اديب ۽ شاعر آهي، ادا توهان جيڪا شاعري ونڊ ڪئي آهي اهيا ته سو سيڪڙو صحيح ۽ سچ آهي، ادا من ڪو انهن کي شرم پوي جيڪي ٺيڪيدار ڪروڙين رپيا کائي ٿا وڃن،
ادا ادل سومرو جي شاعري هميشه سچ ڳالهائيندي رهندي آهي ، ادل بابت مان هڪ مڪمل سوانح خاڪو ، مضمون، شاعري ۽ سندس طويل هڪ انٽرويو (وڊيوز جي صورت ۾ ) به سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهيان۔
جنهن کي پڻ توهان ڏسي پڙهي سگهو ٿا، توهان صرف هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔

جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا سليمان وساڻ صاحب ادل سومرو صاحب اسان جي سنڌ ادب ۽ شاعري جو هڪ بهترين اديب ۽ شاعر آهي، ادا توهان جيڪا شاعري ونڊ ڪئي آهي اهيا ته سو سيڪڙو صحيح ۽ سچ آهي، ادا من ڪو انهن کي شرم پوي جيڪي ٺيڪيدار ڪروڙين رپيا کائي ٿا وڃن،
ادا ادل سومرو جي شاعري هميشه سچ ڳالهائيندي رهندي آهي ، ادل بابت مان هڪ مڪمل سوانح جو خاڪو ، مضمون، شاعري ۽ سندس طويل هڪ انٽرويو (وڊيوز جي صورت ۾ ) به سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهيان۔
جنهن کي پڻ توهان ڏسي پڙهي سگهو ٿا، توهان صرف هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔

ادا ممتاز مهرباني

اوهان جي قيمتي ليک کي مان اڳ ئي پڙهي چڪو آهيان۔ اوهان جون لاجواب ڪوششون آهن۔ ادل سومرو اونداه ۾ ڏيئي جي مثال آهي۔ رب پاڪ کيس خوش رکي
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

واه سائين

ڇا ته عمده شاعري آهي ۔ روشنين جي شهر ۾ سنڌي علائقن جي ڀلي منظر نگاري
 
جواب: روشنين جي شهر م سنڌي ڳوٺ اداس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا تمام لاجواب ونڊ آهي .
ادا رياض صاحب انهن ٻن الفاظن کان مٿي به ڪجهه ته لکندا ڪريو، توهان پاڻ کي لکڻ تي هيرايو، توهان لکندو ته توهان کي لکڻ به ايندو نه۔
 
Back
Top