حسام ميمڻ
سينيئر رڪن
سامي ــ مايا ۽ پنهجو سماج
پوڙهو ائين پني پيو ، روڊن تي لاچار
مايا مايا ٿو ڪري، هو ڇو هر هر وار
هلو ته پڇون ساميءَ، جو ڄاڻي مايا ڄار
هِنَ سان اتياچار ، ماڻهوءَ يا مايا ڪئي
مايا متِ کسي يا ، بُکَ نهوڙيو هانءُ
سامي! سلوڪن ۾، ڪونهي ان جو نانءُ
سوچيان ويٺو آنءُ، ڪنهن دَرِ ڏجي دانهڙي
مڃيو ماڻهوءَ من ۾، رامَ گاڏئو نام
سنسار ۾ ٻيئي هلن، ٻنهي ڪجي پرنام
پنهنجو پنهنجو ڪام، سامي! ماڻهن کي سُنهين
مايا جو ڪاٿو، ڪونه ڪري سگهندين
مايا ڪُنڊيءَ ۾، مَن تنهنجو ڦاٿو
سوچين تون ڇا ٿو، ڄار پٺيان ٻيو ڄار آ
وارو او وارو ! ويل وٺڻ جي ڪر
پيڙهي پويان ٿي اچي، کول مٺا تارو
کڻ تون يڪتارو ، وقت وڃئي ٿو
پيسي ڪاڻ پي ٿيو، ڀاءَ کان پنهنجو ڀاءُ
ڪونه ڪري پيو ڪنهن تي، ڪوئي اڄ ڪهڪاءُ
اُٿ اُٿ سامي!آءُ، مايا کي سمجهاءِ
مايا ڌوتي آ ، يا ڌوتو آ انسان
ساڌو،سنت،سڏائي، پوءِ به بي ايمان
اڄڪلهه جو انسان، سامي!سمجهه مٿانهون
مايا موههُ رکي ٿي، پر او سامي ڀاءُ
اڄڪلهه جي انسان کي، بک ڏنو آ گهاءُ
ڏَسِ ڏَسِ اِن جو تاءُ، تو ڪڏهن محسوس ڪيو
پيٽ بکايل ٻار لاءِ، ودياڪوهه ڪري
ان کي وديا چئبو آ، جيڪا پيٽ ڀري
پر جي بک مري، مَنش، ته وديا ڇا ڪبي
اچ اچ سامي! ڏس، اَوديا جا ڪارڻ
پورهيو سارو ڏينهن ڪرن، پوءِ به ٻارڻ
هي ماڻهوءَ مارڻ، وديا وارا ٿا ڪرن
محبوب کي ماڻي ڪري، مُنهن مَٽِڻ وديا نه آ
اُن سان رهڻ،اُن کي چمڻ، سامي! سڀن جو جيءُ ٺري
رابيل روحن ۾ ڦٽن، رات چادر جيئن ڌري
تو الائي ڪيئن سَري ، پاڻ لئه محشر اهو
جنهن ڄڻيو ان کي ڇڏڻ، اُن جو قسم وديا نه آ
اُن اڳيان سِرَ جو جُهڪڻ،سامي! لڳي منزل ملڻ
شبد هُن جو ڪو چوڻ، شبد تنهنجي کان مٿي آ
سچ چوانءِ سامي! جي مٺيان نه ڀائين
مايا مايا ٿو ڪري، ڄڻ واقف ئي ناهين
پاڻ منجهه آهين، پُورو پنهجي ساءِ تون
وڏا وارَ ڪري، ٿو جوڳي سڏائين
فنا جي فڪر اڳيان، مُور نه تون آئين
ماڻهو پيو کائين، خودي کائڻ سک چريا
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته منَ ۾ ڏيئو ٻار
پاڻپڻي جو پاڻي، قلب منجهان تون هار
سَهه سڀ ڪا آر، سائين! هن سنسار ۾
صابرين کان سک، سندو صبر ساز،
ڪونهي جن آواز، آنءُ نه جيئندي ان ري
پوڙهو ائين پني پيو ، روڊن تي لاچار
مايا مايا ٿو ڪري، هو ڇو هر هر وار
هلو ته پڇون ساميءَ، جو ڄاڻي مايا ڄار
هِنَ سان اتياچار ، ماڻهوءَ يا مايا ڪئي
مايا متِ کسي يا ، بُکَ نهوڙيو هانءُ
سامي! سلوڪن ۾، ڪونهي ان جو نانءُ
سوچيان ويٺو آنءُ، ڪنهن دَرِ ڏجي دانهڙي
مڃيو ماڻهوءَ من ۾، رامَ گاڏئو نام
سنسار ۾ ٻيئي هلن، ٻنهي ڪجي پرنام
پنهنجو پنهنجو ڪام، سامي! ماڻهن کي سُنهين
مايا جو ڪاٿو، ڪونه ڪري سگهندين
مايا ڪُنڊيءَ ۾، مَن تنهنجو ڦاٿو
سوچين تون ڇا ٿو، ڄار پٺيان ٻيو ڄار آ
وارو او وارو ! ويل وٺڻ جي ڪر
پيڙهي پويان ٿي اچي، کول مٺا تارو
کڻ تون يڪتارو ، وقت وڃئي ٿو
پيسي ڪاڻ پي ٿيو، ڀاءَ کان پنهنجو ڀاءُ
ڪونه ڪري پيو ڪنهن تي، ڪوئي اڄ ڪهڪاءُ
اُٿ اُٿ سامي!آءُ، مايا کي سمجهاءِ
مايا ڌوتي آ ، يا ڌوتو آ انسان
ساڌو،سنت،سڏائي، پوءِ به بي ايمان
اڄڪلهه جو انسان، سامي!سمجهه مٿانهون
مايا موههُ رکي ٿي، پر او سامي ڀاءُ
اڄڪلهه جي انسان کي، بک ڏنو آ گهاءُ
ڏَسِ ڏَسِ اِن جو تاءُ، تو ڪڏهن محسوس ڪيو
پيٽ بکايل ٻار لاءِ، ودياڪوهه ڪري
ان کي وديا چئبو آ، جيڪا پيٽ ڀري
پر جي بک مري، مَنش، ته وديا ڇا ڪبي
اچ اچ سامي! ڏس، اَوديا جا ڪارڻ
پورهيو سارو ڏينهن ڪرن، پوءِ به ٻارڻ
هي ماڻهوءَ مارڻ، وديا وارا ٿا ڪرن
محبوب کي ماڻي ڪري، مُنهن مَٽِڻ وديا نه آ
اُن سان رهڻ،اُن کي چمڻ، سامي! سڀن جو جيءُ ٺري
رابيل روحن ۾ ڦٽن، رات چادر جيئن ڌري
تو الائي ڪيئن سَري ، پاڻ لئه محشر اهو
جنهن ڄڻيو ان کي ڇڏڻ، اُن جو قسم وديا نه آ
اُن اڳيان سِرَ جو جُهڪڻ،سامي! لڳي منزل ملڻ
شبد هُن جو ڪو چوڻ، شبد تنهنجي کان مٿي آ
سچ چوانءِ سامي! جي مٺيان نه ڀائين
مايا مايا ٿو ڪري، ڄڻ واقف ئي ناهين
پاڻ منجهه آهين، پُورو پنهجي ساءِ تون
وڏا وارَ ڪري، ٿو جوڳي سڏائين
فنا جي فڪر اڳيان، مُور نه تون آئين
ماڻهو پيو کائين، خودي کائڻ سک چريا
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته منَ ۾ ڏيئو ٻار
پاڻپڻي جو پاڻي، قلب منجهان تون هار
سَهه سڀ ڪا آر، سائين! هن سنسار ۾
صابرين کان سک، سندو صبر ساز،
ڪونهي جن آواز، آنءُ نه جيئندي ان ري