پيارا دوستو 5 ڊسمبر ايڪتا ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب جي سامهون هڪڙو اسٽيج سجايو ويو هو، اتي ڪجهه سنڌي معصوم نياڻين سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ راڻي محترما بينظير ڀٽو شهيد سان عقيدت طور ايڪتا ڏينهن ملهايو، سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون پنهنجي مني ڪئميرا ذريعي انهن نياڻين جي نچڻ ٽپڻ وارا منظر رڪارڊ ڪري ڇڏيا، توهان سان ونڊ پيو ڪريان سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش۔
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو سائين مان اهو يقين سان ٿو چوان ته اوهان جي ونڊ زبردست هوندي۔۔۔مان وڊيو ڏسي ڪون ٿو سگهان ڇوته مون وٽ شايد مسئلو آهي۔۔۔جو ڪوبه يوٽوب جو وڊيو ڪون ٿو هلي۔۔۔صبح سان ضرور ڏسبو۔
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو عاشق پهرين ڏسبو آهي پو پرکبو آهي پو ڪامينٽس ڏبا آهن تون اسان سان حد درجي جو پيار ڪرين ٿو ان ڪري اسان جي هن پوسٽ کي اڻ ڏٺي اوڪي ڪري ڇڏيو تو انهن مهربانين جا ته مان ٿورا لاهي ئي ڪونه سگهندس۔ ٿورائتو آهيان همت افزائين جو۔
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو سائين نثار ناز سلام سنڌ جو ايڪتا ڏينهن هجي ۽ وري شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان منسوب هجي۔ يقينن وڏڙن سان گڏ ٻارن جا جذبا به ڏسڻ وٽان هوندا آهن۔ اوهان جي بهترين ايڊيٽنگ ۽ جس هجي عبدالعفور سمون کي جيڪو اهڙا خوشيء جا موقعا پنهنجي ڪيمرا سان محفوظ ٿو ڪري ڇڏي۔ دعا آهي ته سنڌ خوشحال هجي ۽ اسان پنهنجن نياڻين ، پٽن ، ڀائرن ۽ ڀينرن کي خوشيء کان نچندي ۽ ڪڏندي ڏسون۔
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو سنڌ سلامت جي جاکوڙي ڪارڪنن پاران رڪارڊ توڙي ايڊٽ ڪيل هي وڊيو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ننڍڙن چهرن تي مرڪ ۽ سندن جهمريون ڏسڻوٽان آهن، الله کان دعا آهي ته شل اهڙيون خوشيون سدا سنڌ جي ماروئن کي نصيب ۾ هجن۔۔۔ توهان جي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي مهرباني، جن گڏجي محنت ڪري سدائين سنڌ سلامت لاءِ اهڙيون وڊيوز پيشڪيون آهن۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو ادا سُليمان تڏهن ته سدائين چوندو آهيان ته: هَلُ ته حيدر چوڪ کان ! سُونهن ڏيکاريانسنڌ جِي! ڄامشوري ۽المنظر کان، روڪ بنا ڪنهن ٽوڪَ کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي! ڪينجهر کان ڪشمور ڪنڌِي، نينهن نرالي لوڪ کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! بيتَ ڀِٽائِي جا ٿا پڙهجن، شوقَ وڏي ۽ ذوقَ کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! صُوفِي شاهه عنايت فلسفو، جڳمڳ جرڪي جهوڪَ کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! واکاڻ نه سنڌ جِي روڪبِي ، روڪيندڙ جي روڪَ کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! الا! سنڌ اڱڻَ تي انقلابَ ، ايندا قلمَ جي نوڪَ کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! ٿِي ”ناز“ گُهري بس آجپو، هي سنڌ غلامِي طوق کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي ! هَلُ ته حيدر چوڪَ کان ! سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو ادا مست تنهنجي همت افزائين جو آئون ۽ عبدالغفور سمون انتهائي ٿورائتا آهيون۔ اسين نچي ٽُپِي پاڻ ملهائينداسين، جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڳائينداسين
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو مٺا امين سمون شال جُڙيو هُجين۔ اها منهنجي ، ادا عبدالغفور سمون جي ، توهان سڀني مهربان دوستن جي ۽ سڀ کان وڏي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ جي ڪاميابي آهي جو هِي ونڊ ڏسي توهان کي مزو اچي ويو۔ مٺا امين تنهنجي همت افزائين جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔
جواب: جڏهن سنڌ جي معصوم نياڻين نچي ٽُپي ايڪتا ڏينهن ملهايو اسلام عليڪم (يـــــــــا علــــــــــــي مــــــــــــدد) جئـــــــــــــــي سنڌ جئــــــــــــي سنــــــــــڌي ثقافت منهنجا دوستون تمام بهترين وڊيو ۽ تمام بهترين ٻارڙا ڊانس ڪري رهيا آهن پنهنجي سنڌو سان ساٿ نڀائي رهيا آهن ۽ سال ۾ هڪ چڪر ايندڙ اهڙوڏينهن تمام جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن الله سائين کان دعا آهن ته تي هي اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ثقافت هميشهه لاءِ زندهه هجي (آمين) جئـــــــــــــــي سنڌ جئـــــــــي سنڌي ٻولي جئــــــــــــي سنڌي ثقافت پاران؛مزمل چانڊيو جئــــــي سنڌ اسٽوڊنس فيڊريشن نواب شاھ