سنڌ اسان جي آهي، ٻئي ڪنهن جي حوالي نه ڪنداسون : نواز شريف
دوستو آهي نه ڇرڪائيندڙ خبر
دوستو آهي نه ڇرڪائيندڙ خبر
سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو سان ٿيل ملاقات جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي نواز شريف چيو ته سنڌ اسان جي آهي ۽ اسان سنڌ ٻئي ڪنهن جي حوالي نه ڪنداسون، ممتاز ڀٽو ميثاقِ پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي ان تي مون کي خوشي ٿي آهي۔

سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽي چيو آهي ته نواز شريف سان رابطا اتحاد جوڙڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن، اهڙا اتحاد هڪ ٻن ملاقاتن ۾ ته ناهن ٺهي سگهندا پر مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن ڪجهه منٽن ۾ اتحاد ٿي سگهي، هن اهي ڳالهيون جاتي عمراء فارم هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيون، ملاقات ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر قيادت راجا ظفر الحق، سيد غوث علي شاهه، اقبال ظفر جهگڙا، سينيٽر پرويز رشيد ۽ ٻيا پڻ شامل هئا، ممتاز ڀٽي منجهند جي ماني مسلم ليگ (ن) جي قيادت سان گڏ کاڌي ۽ نواز شريف سان ملاقات بعد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن راجا ظفر الحق ۽ سيد غوث علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ممتاز ڀٽو چيو ته هو نواز شريف جو ٿورائتو آهي جنهن کيس گهرايو