تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي۔ (شيخ اياز)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي
ٿري سُونهن چمڪا ڪري ٿي پئي

اهو ڪانڌ ڪهڙو، انهيءَ کي ڏسون
سهاڳڻ ته ٻهه ٻهه ٻري ٿي پئي

اُٺي جي هوا ۾ کنيا مور پَر
ڊُڪي ڊيل هر هر ٺري ٿي پئي

ڪرايون ڳچيءَ ۾ وجهي ڪانڌَ کي
ڏسي وڄ وينگس ڏري ٿي پئي

سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز
مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي

vghmja.jpg
 
جواب: تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي۔ (شيخ اياز)

سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز
مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي

ڊسمبر جو مهينو پيو هلي ، سال جو آخري مهينو جنهن ۾ اسان کان شيخ اياز وڇڙيو ، جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير وڇڙي ، جنهن ۾ سرمد وڇڙيو جنهن ۾ دلين جي شاعره پروين شاڪر وڇڙي​
 
جواب: تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي۔ (شيخ اياز)

وڇوڙن جي ڳالهين کان هٽي ڪري شيخ اياز جو زبردست غزل ونڊ ڪرڻ ۽ انهي شاعري سان ٺهڪندڙ تصوير لڳائڻ تي ادا عاشق سولنگي کي دلي واڌايون شابسون، محبتون ۔ الله سائين اسان جي عاشق سنڌ سلامت جي عاشق جو سدائين خير ڪري ۔ سدائين شال جُڙيو هُجي (آمين)
 
جواب: تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي۔ (شيخ اياز)

واهه ادا واهه عاشق صاحب ، ادا توهان شيخ صاحب جي شاعري سان گڏ تصوير به ته بهترين ونڊ ڪئي آهي جيڪا شاعري سان پڻ ڄهڪي پئي اچي۔ ادا توهان جي اهڙي ونڊ لاء مهرباني
 
جواب: تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي۔ (شيخ اياز)

سڀني دوست جي سٺي موٽ ملڻ تي مان شيخ صاحب جي شاعري کي تصوير جي شڪل ڏني آهي


2mdnvhs.jpg
 
Back
Top