• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ۔۔ مختيار ملڪ ۔۔۔ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
مختيار ملڪ : شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر

29fmsm.jpg

نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئترڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاسخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا

پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا​

ٽم ٽم ٽانداڻا – 1981 جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو

اماس ۾ به سوجهرو – 2001 جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو

مختيار ملڪ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيا آهن۔ ڪيترن ئي پروگرامن ۽ خاص ڪري سچل سرمست جي عرس جي تقريبن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سنڀاليندا رهيا آهن۔

غزل​

توکان ڪيڏو ڏور ٿياسين ،
صحرائن ۾ چور ٿيا سين

ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون،
يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين

قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،
ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين

ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا،
اسان به اڄ منصور ٿياسين

لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون ،
ايڏو اڄ مجبور ٿياسين
 
جواب: ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ۔۔ مختيار ملڪ ۔۔۔ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

توکان ڪيڏو ڏور ٿياسين ،
صحرائن ۾ چور ٿيا سين

ادا اسان طرفان به سائين جن کي جنم ڏينهن جون مبارڪون۔

ادا سليمان شاعرن جابه عجيب خيال هوندا آهن۔۔۔جن کي ڏسي ڪڏهن کلڻ ته ڪڏهن روئڻ ايندو آهي۔
 
جواب: ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ۔۔ مختيار ملڪ ۔۔۔ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

رضوان گل، مختيار ملڪ، در محمد ٻرڙو​
3549769986_4b35e6fae6.jpg
۔ادا وساڻ صاحب سنڌ جي هن بهترين آواز نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ کي ڪير نه سڃاڻيندو، ادا مان وري به اهيا ڳالهه چوندس ته مان جڏهن دادو ۾ دڪان ۽ ڪيئبن هلائيندو هئس ته اتي مان ريڊيو تمام گهڻو ٻڌندو هئس، مان هون به زندگي ۾ ريڊيو تمام گهڻو ٻڌندو هئس، ۽ هر وقت وڏي ريڊئي کان علاوه پاڪيٽ سائيز ريڊيو ساڻ هوندو هو۔ ادا وساڻ ريڊيو خيرپور جا ته ڪافي پروگرام هئا جيڪي مان تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو هئس،مگر ان وقت جو هڪ مشهور پروگرام هو نئون سج: جنهن کي نوجوان پروڊيوسر ڪليم الله شيخ پيش ڪندو هو، ان کان علاوه به ٻيا ڪيترائي پروگرام هئا جيڪي مان نه صرف ٻڌندو هئس پر انهن ۾ خط لکي ڪري حصو به وٺندو هئس، مثلن۔۔۔ لوچين سي لهن۔۔۔۔۔ لطيف ڪوئس۔۔۔۔۔ سچل ڪوئس۔۔۔۔ وغيره۔
ادا ريڊيو خيرپور ۾ اگر گهڻو ذڪر ايندو هو ته اهو هوندو هو جناب بهترين آواز جي مالڪ نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ صاحب جو۔ ادا مان ته ڪڏهن به مختيار ملڪ صاحب کي وساري نه ٿو سگهان۔

ادا اسان طرفان به جناب مختيار ملڪ صاحب کي جنم ڏينهن جون واڌايون قبول
پون۔​

AnniversaryCakeVan6A.jpg
 
جواب: ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ۔۔ مختيار ملڪ ۔۔۔ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

ادا ممتاز ريڊيو جون يادگيريون نه ڏيار

اهي به يادگار ڏينهن هئا جڏهن سوالن جا جواب ڳولڻ لاء معلومات جا ڪتاب ۽ لائبريرين جا چڪر ڪاٽيندا هئاسون۔ مختيار ملڪ جو گوجندڙ آواز اڃان به ڪنن ۾ پيو گونجي۔
 
ادا اهيو ريڊيو ئي آهي جنهن مون کي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ، عبدالغفور ڀوئر ۽ ٻيا دوست ٺاهي ڏنا هئا، ادا مون هن آچر تي ريڊيو ايف ايم مست تان جناب ذوالفقار شاه صاحب جي واتان ٻڌو ته ڊاڪٽر قربان علي جهتيال بيمار آهن ۽ ڪراچي جي ڪنهن اسپتال ۾ داخل آهن، مگر اسپتال جي خبر نه آهي ته ڪهڙي اسپتال ۾۔ ادا وساڻ صاحب توهان کي يا سنڌ سلامت جي ڪنهن به ميمبر کي اگر خبر آهي ته رهنمائي ڪندا۔ته جيئن وٽن وڃجي
طبيعت معلوم ڪرڻ لاء۔

ادا ڊاڪٽر قربان علي جهتيال صاحب هڪ بهترين دوست سان گڏ هڪ بهترين شاعر ۽ ريڊيو جا جاکوڙي ڪارڪن پڻ آهن، پاڻ انهن ڏينهن ۾ ريڊيو پبليڪيشن جي نالي سان هڪ ميگزين به ڪدندا هئا، جنهن جو مان به نمائندو رهي چڪو آهيان۔
ادا تقريبن ڏهه کان ٻارنهن سال ٿيندا ته ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات يا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ادا جڏهن کان دادو ڇڏيو آهي ته ان وقت کان ڪافي اهڙا دوست آهن جن سان ملاقات ناهي ٿي۔ جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔ بقول شاه صاحب ته۔۔۔۔ ( تنين سال ٿيام، جنين ساعت نه سهان هڪڙي۔)۔۔۔
 
جواب: ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ۔۔ مختيار ملڪ ۔۔۔ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

مختيار ملڪ : شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر

29fmsm.jpg

نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئترڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاسخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا

پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا​

ٽم ٽم ٽانداڻا – 1981 جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو

اماس ۾ به سوجهرو – 2001 جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو

مختيار ملڪ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيا آهن۔ ڪيترن ئي پروگرامن ۽ خاص ڪري سچل سرمست جي عرس جي تقريبن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سنڀاليندا رهيا آهن۔

غزل​

توکان ڪيڏو ڏور ٿياسين ،
صحرائن ۾ چور ٿيا سين

ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون،
يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين

قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،
ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين

ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا،
اسان به اڄ منصور ٿياسين

لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون ،
ايڏو اڄ مجبور ٿياسين

ادا اسان طرفان به سائين جن کي جنم ڏينهن جون مبارڪون۔
 
جواب: ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ۔۔ مختيار ملڪ ۔۔۔ کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا

ادا اهيو ريڊيو ئي آهي جنهن مون کي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ، عبدالغفور ڀوئر ۽ ٻيا دوست ٺاهي ڏنا هئا، ادا مون هن آچر تي ريڊيو ايف ايم مست تان جناب ذوالفقار شاه صاحب جي واتان ٻڌو ته ڊاڪٽر قربان علي جهتيال بيمار آهن ۽ ڪراچي جي ڪنهن اسپتال ۾ داخل آهن، مگر اسپتال جي خبر نه آهي ته ڪهڙي اسپتال ۾۔ ادا وساڻ صاحب توهان کي يا سنڌ سلامت جي ڪنهن به ميمبر کي اگر خبر آهي ته رهنمائي ڪندا۔ته جيئن وٽن وڃجي
طبيعت معلوم ڪرڻ لاء۔

ادا ڊاڪٽر قربان علي جهتيال صاحب هڪ بهترين دوست سان گڏ هڪ بهترين شاعر ۽ ريڊيو جا جاکوڙي ڪارڪن پڻ آهن، پاڻ انهن ڏينهن ۾ ريڊيو پبليڪيشن جي نالي سان هڪ ميگزين به ڪدندا هئا، جنهن جو مان به نمائندو رهي چڪو آهيان۔
ادا تقريبن ڏهه کان ٻارنهن سال ٿيندا ته ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات يا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، ادا جڏهن کان دادو ڇڏيو آهي ته ان وقت کان ڪافي اهڙا دوست آهن جن سان ملاقات ناهي ٿي۔ جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔ بقول شاه صاحب ته۔۔۔۔ ( تنين سال ٿيام، جنين ساعت نه سهان هڪڙي۔)۔۔۔

ادا ممتاز مهرباني

ڊاڪٽر قربان جي باري ۾ ڪا اهڙي خبر ڪانهي۔ جيئن ئي خبر پئي ته اوهان کي به اطلاع ڪبو ۽ پاڻ به سائين جن سان ملاقات ڪبي
 
Back
Top