• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان آهيان عبدالوهاب قمبراڻي

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جو ميمبر هئڻ جي ناتي سان منهنجو اهيو فرض آهي ته مان هن گروپ جي ميمبرن سان پنهنجو تعارف ڪرايان۔
دوستو منهنجو نالو عبدالوهاب قمبراڻي آهي پر ڪافي دوست راجا وهاب جي نالي سان سڃاڻيندا آهن، مان بطور نيٽورڪ ايڊمنسٽريٽر ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ سرڪاري ملازم آهيان، مان گريجوئيٽ آهيان،
منهنجي ۽ ڪمپيوٽر جي دوستي 1997 کان وٺي آهي جڏهن اسان جي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ پهريون ڀيرو استاد امداد گولو جن ڀٽائي ڪمپيوٽر سينٽر جا نالي هڪ ننڊڙو ڪمپيوٽر سينٽر کولي اسان جي پٺتي پيل علائقي کي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ڏنائين، جڏهن پهريون دفعو ڪمپيوٽر کي ڏٺوسين ته حيران ٿي وياسين ته هي هلي ڪئين ٿو پيو،۔
الله رب العزت جي مهرباني سان آهسته آهسته ڪمپيوٽر سکندا سکندا هن مقام تي اچي پهتا آهيون ۽ هاڻي منهنجي اها ڪوشش آهي ته جيڪا ڄاڻ مون وٺ آهي اها پنهنجي سنڌي ڀائرن کي ڏيئي پنهنجي روح کي راحت پهچايان۔ Sap/3 کان ڪافي دوست واقف نه آهن، منهنجي ۽ منهنجي دوستن جي اها ڪوشش آهي ته انهي پروگرام بابت ڄاڻ ڏيئي سڀني سنڌي ڀائرن جون دعائون حاصل ڪريون،

سنڌ سلامت ساٿ سلامت،
جيئي سنڌ امڙ۔
 
ادا راجه عبدالوهاب قمبراڻي سنڌ سلامت تي توهان جو قربن ڀريو تعارف پڙهي انتهائي انتهائي خوشي ٿي، ادا توهان جي تعارف پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته توهان اسان جي لڏي جا ماڻهو آهيو، لکڻ پڙهڻ توهان جو مَرِڪ آهي. بس خوب گُذري گي جب مل بيٺينگي ديواني دو خير ديواني دو ته شعر ۾ لکيل پر هتي انشاالله توهان کي سنڌ سلامت جا سوين سنڌي جوڌا ملندا جن سان توهان جون قرب واريون سوين ڪچهريون ٿينديون. اسان کي توهان جي لکڻين جو شديد انتظار رهندو.​
 
ادا عبدالوهاب قمبراڻي سنڌ سلامت تي توهان جو قربن ڀريو تعارف پڙهي انتهائي انتهائي خوشي ٿي،

توهان پهنجا مبارڪ قدم کڻي اچي سنڌ سلامت فورم جي سونهن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪيو آهي اميد ته اسان کي اوهان کان سکڻ جي لاء گهڻو ڪجهه ملندو
هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي دل جي گهرائين سا ن ڀليڪار چئون ٿا
 
ادا علي علي مهرباني توهان ڀائرن جي جو توهان هن مسڪين کي ايترو قرب ڏيئي رهيا آهيو۔
سنڌسلامت ساٿ سلامت
 
جواب: مان آهيان عبدالوهاب قمبراڻي

سنڌ سلامت جو ميمبر هئڻ جي ناتي سان منهنجو اهيو فرض آهي ته مان هن گروپ جي ميمبرن سان پنهنجو تعارف ڪرايان۔
دوستو منهنجو نالو عبدالوهاب قمبراڻي آهي پر ڪافي دوست راجا وهاب جي نالي سان سڃاڻيندا آهن، مان بطور نيٽورڪ ايڊمنسٽريٽر ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ سرڪاري ملازم آهيان، مان گريجوئيٽ آهيان،
منهنجي ۽ ڪمپيوٽر جي دوستي 1997 کان وٺي آهي جڏهن اسان جي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ پهريون ڀيرو استاد امداد گولو جن ڀٽائي ڪمپيوٽر سينٽر جا نالي هڪ ننڊڙو ڪمپيوٽر سينٽر کولي اسان جي پٺتي پيل علائقي کي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ ڏنائين، جڏهن پهريون دفعو ڪمپيوٽر کي ڏٺوسين ته حيران ٿي وياسين ته هي هلي ڪئين ٿو پيو،۔
الله رب العزت جي مهرباني سان آهسته آهسته ڪمپيوٽر سکندا سکندا هن مقام تي اچي پهتا آهيون ۽ هاڻي منهنجي اها ڪوشش آهي ته جيڪا ڄاڻ مون وٺ آهي اها پنهنجي سنڌي ڀائرن کي ڏيئي پنهنجي روح کي راحت پهچايان۔ sap/3 کان ڪافي دوست واقف نه آهن، منهنجي ۽ منهنجي دوستن جي اها ڪوشش آهي ته انهي پروگرام بابت ڄاڻ ڏيئي سڀني سنڌي ڀائرن جون دعائون حاصل ڪريون،

سنڌ سلامت ساٿ سلامت،
جيئي سنڌ امڙ۔

ادا قمبراڻي صاحب الله اوهان کي خوش رکي
سائين امداد گولو صاحب تمام سٺا دوست آهن
& يقينن انهن جون خدمتون قابل تعريف آهن
آءُ ڪراچي مان جڏهن 2003 ۾ سافٽويئر & هارڊويئر ڪري ڪنڌڪوٽ آيس ته مونکي نيٽ ورڪنگ ڪرڻ جو شوق ٿيو ڪنڌڪوٽ ۾ صرف هڪ استاد امداد گولو ئي نيٽ ورڪنگ کان واقف هو جنهن ڪري آءُ انهن ڏانهن وڃي عرض رکيو پهريون ته سائين صفا ٺپ جواب ڏنو پوء مون سائين کي چيو ته ڀلا صرف ٿيوري ئي ڪرايو ته هام ڀريون پر پوءِ ان کان به جواب ڏنائون
مجبورن نيٽورڪنگ ڪرڻ وري مونکي ڪراچي وڃڻو پيو
بحرحال اوهان کي الله خوش رکي مولا آباد رکيوَ
اوهان جو تعارف اڄ پڙهيو دل باغ بهار ٿي پئي اوهان کان اڳ مڪمل تعارف سائين نثار ابڙو جن جو پڙهيو هو
 
جواب: مان آهيان عبدالوهاب قمبراڻي

ادي عبدالوهاب قنمبراڻيءَ تعرف به ڪرايو ۽ اسانکي خبر به نه پئي ۔۔۔ ان کي چوندا آهن سخي مڙد ۔۔۔ هڪ هٿ سان ڏي ته ٻي کي خبر ئي نه پوي ۔۔۔ ماشا ء الله عبدالوهاب عرف ”عبدو“ هن فورم جو لاڏلو رهيو آهي پر چوندا آهن ته لاڏلا پٽ ڪڏهن ڪڏهن کري به پوندا آهن ۔۔۔ سو جڏهن کان اسلام آبادي ٿيو آهي تڏهن کان کري پيو آهي ۔۔۔
فيس بڪ تي اهڙا ته پنهنجا ڦوٽو ٿو ماڻهن کي (الائي عورتن) کي ڏيکاري جو اصل ست خئير ۔۔۔ مايون ڏسن ته بس ڏسنديون ئي رهن ۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته وري هيٺان فون نمبر به لکي ٿو ڇڏي ته جيئن رابطي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔ هل ڙي عبدو اسلام آبادي ۔۔۔

ادا طاهر! اڳ هي دوست ڪنڌ جو ڪوٽ هيو پر هاڻ اسلام جو آبادي ٿي ويو آهي ۔۔۔
 
جواب: مان آهيان عبدالوهاب قمبراڻي

ادا عبدالوهاب، توڙي جو فورم تي توهان مون کان پراڻا آهيو پر هاڻ توهان جو تعارف پڙهي توهان کي ڀليڪار نه ڪرڻ به بي ادبي ٿيندو۔۔ سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔ ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ ويا ۔۔۔ وري آيا۔۔ ها ها ها ها
 
ادا طاهر ڪنڌڪوٽي (مون کي هن فورم تي، دادلو، عبدو ۽‌ بلوچ ڀاءُ ڪري ڪوٺيو ويندو آهي ڪندوڪوٽي هاڻي توهان لاءِ‌ آهي) سائين امداد گولو اسان جو هڪ دوست نه پر بهترين استاد به آهي، مان اگر اڄ هن مقام تي آهيان ۽ توهان سنگت جي سامهون آهيان ته سو انهي استاد امداد گولو جي مهربانين سان آهيان، ڇو جو انهي جڏهن ڪنڌڪوٽ شهر ۾ ڪمپيوٽر سينٽر جو وجود رکيو ته، اسان کي به پاڻ‌ وٽ گهرائي ايلفي هڻي چنبڙائي ڇڏيائين۔ پوءِ‌ اهو چيلينجر ڪمپيوٽر ۽‌ اسان (منهنجو وڏو ادو غلام مصطفي اُنهي سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ٽيچر هو، ٻيو ڀاءُ به مون سان گڏ هوندو هو) ڏينهن رات محنت ڪندا هئاسين۔ چوندا آهن ته محنت ڪنهن جي ضايع ناهي ويندي، ۽‌ الحمدلله منهنجو وڏو ڀاءُ ڪمپيوٽر پروگرامر آهي، ۽ منهنجو ٻيو ڀاءُ آئي ٽي سان لاڳاپيل هڪ فرم ۾ آهي، ۽‌ مان توهان جي سامهون آهيان۔ ۽‌ اڄ‌جيڪو ڪجهه به آهيان استاد امداد گولي جي ڪري آهي۔ هاڻي الحمدلله استاد جا ٽي سينٽر آهن، ڪجهه وچ وارن ماڻهن اسان جي استاد جي وچ ۾ ڦيٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن جو ڪوئي حيلو وسيلو نه هليو۔، اڄ به مان جڏهن ڪنڌڪوٽ ويندو آهيان ته اُستاد سان ضرور ملندو آهيان، چاهي کڻي ڪيتري به مجبوري ڇو نه هجي۔
جيو استاد امداد جيو چيلينجر
 
جواب: مان آهيان عبدالوهاب قمبراڻي

ادي عبدالوهاب قنمبراڻيءَ تعرف به ڪرايو ۽ اسانکي خبر به نه پئي ۔۔۔ ان کي چوندا آهن سخي مڙد ۔۔۔ هڪ هٿ سان ڏي ته ٻي کي خبر ئي نه پوي ۔۔۔ ماشا ء الله عبدالوهاب عرف ”عبدو“ هن فورم جو لاڏلو رهيو آهي پر چوندا آهن ته لاڏلا پٽ ڪڏهن ڪڏهن کري به پوندا آهن ۔۔۔ سو جڏهن کان اسلام آبادي ٿيو آهي تڏهن کان کري پيو آهي ۔۔۔
فيس بڪ تي اهڙا ته پنهنجا ڦوٽو ٿو ماڻهن کي (الائي عورتن) کي ڏيکاري جو اصل ست خئير ۔۔۔ مايون ڏسن ته بس ڏسنديون ئي رهن ۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته وري هيٺان فون نمبر به لکي ٿو ڇڏي ته جيئن رابطي ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔ هل ڙي عبدو اسلام آبادي ۔۔۔

ادا طاهر! اڳ هي دوست ڪنڌ جو ڪوٽ هيو پر هاڻ اسلام جو آبادي ٿي ويو آهي ۔۔۔
سائين منهنجا ڇو ٿا غريبن جي پٽڪي لهرايو ڪجهه اسان ڏانهن به ڏسو،
هن وقت فيس بڪ خالي آهي، ڪجهه به ناهي اُتي ۽ نمبر به ناهي رکيو
نه رهندو باس ۽‌ نه وڄندي بانسري
 
جواب: مان آهيان عبدالوهاب قمبراڻي

ادا عبدالوهاب، توڙي جو فورم تي توهان مون کان پراڻا آهيو پر هاڻ توهان جو تعارف پڙهي توهان کي ڀليڪار نه ڪرڻ به بي ادبي ٿيندو۔۔ سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔ ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ ويا ۔۔۔ وري آيا۔۔ ها ها ها ها

هئو ادا جهڙي نموني مان توهان کي ٻهه دفعا مبارڪون ڏنيون آهن اهڙي ئي نموني توهان به۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوش رهو سدا خوش رهو
 
جواب: مان آهيان عبدالوهاب قمبراڻي

پيارا عبدوُ ير۔۔۔۔ مست چواڻي ته توهان کي ڀليڪار نه چوڻ بي حرمتي ٿيندي۔ سو ابا اسان پاران به توکي ڀليڪار۔۔۔ اميد ته جيئن موٽي آيو آهين تيئن ئي سنگت سان جُڙيو رهندين۔۔۔ باقي لوڏا لما ته ايندا رهندا۔۔۔ ٻيو اهو ته ابا تو وارو اسلام آباد واقعي ڏاڍو ڏکيو شهر آهي۔۔۔جيڪو اُتي ويندو آهي اصلي پاڻ به مهانگو ٿي پوندو آهي۔۔ مُنهنجو هڪ دوست آصف لاکو۔۔۔ انڊيا جي ويزا وٺڻ وقت مان رات ان وٽ رهيو هوس۔۔۔ ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي پر هاڻي اهو به مهانگو ٿي ويو آهي۔ اصلي فون ئي ڪونه ٿو کڻي۔۔۔۔
خيئر اهي ته جام ساتريون ڳالهيون آهين
ادا ڀلي ڪري آئين۔۔۔۔۔
 
نه ادا اسان انهن منجهان ناهيون
 
Back
Top