ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!​


    [​IMG]
    رزاق کٽي
    پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا اهڙا آهن ، جن تي ڪنهن به سرڪار اڃان تائين سنجيدگي سان ڌيان نه ڏنو آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون، اهو نه رڳو افسوس جو باعث آهي، پر قابل مذمت ان ڪري به آهي ته اسان ڪڏهن انهي رويي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي آهي. اسان جا حڪومت ۾ ويٺل نمائندا اخباري بيان جاري ڪري صبح جو اخبارن ۾ انهي خبر سان گڏ پنهنجا فوٽو ڏسي گد گد ٿيندا آهن، ۽ ڳالهه وري اتي ئي رهجي ويندي آهي، ڪجهه سال اڳ ۾ عالمي ادارن جي جاري ڪيل سالياني رپورٽ موجب پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بدعنوانين جي سطح سڀ کان وڌيڪ هئي، ۽ اڄ به ٿوري گهڻي فرق سان ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي.اسان جا جمهوري اڳواڻ بدقسمتي سان ايترا بي فرصت آهن، جو انهي تي ويهي ڪو غور فڪر به نٿا ڪن، پر هنن جو غور فڪر اڃان به ڪنهن ٻئي ڪم تي آهي.ان ڪري عوام لاءِ هو صرف بيان جاري ڪندا آهن، ۽ سمجهندا آهن ته انهن بيانن سان عوام کي ڏنل زخمن تي مرهم لڳي سگهندو.پر اصل ۾ اهو مرهم عوام کي برهم ئي ڪندو آهي.
    پاڻ اڄ تعليم بدران هن ملڪ ۽ خا ص ڪري سنڌ ۾ صحت جي شعبي تي ٻه چار ڳالهيون ڪنداسين، جيئن ڪجهه حقيقتن تائين پهچي سگهجي، پاڪستان ۾ دوائن جو اگهه ڪڏهن وڌنڌو آهي، ان جو ڪڏهن به اعلان نه ٿيو آهي، ۽ نه اسان جا صحت کاتن جا وفاقي توڙي صوبائي ادارا ان بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ پاڻ کي پابند سمجهندا آهن، ۽ ان جي نتيجي ۾ مريض ڪيترو پريشان ٿئي ٿو انهيءَ سان هنن جو ڪوبه تعلق ناهي. هن ملڪ جو پيٽ ۾ پريشان ماڻهو سدائين انهن ادارن ۾ ويٺل ڪامورن کي پٽيندو رهيو آهي. پر گذريل سٺ سالن کان عوام جي پٽڪي جو هنن مٿان ڪوبه اثر نٿو ٿئي، ملڪ ۾ مهانگائي جي آيل تازي لهر جي نتيجي ۾ جتي کائڻ پيئڻ جون شيون عوام جي دسترس مان نڪري ويون آهن، اتي علاج ڪرائڻ به محال ٿي ويو آهي، پيپلز پارٽي جي هي عوامي حڪومت غريب ماڻهن لاءِ ڪيترو ڪم ڪري سگهي آهي ان جو اندازو پاڻ هن ريت لڳايون ٿا، جنرل مشرف جي اقتدار جي آخري ڏينهن ۾ مختلف مريضن لاءِ استعمال ۾ ايندڙ دوائن جا اگهه ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ دوائن جي اگهن ۾ جيڪو فرق آيو آهي ان جو اندازو اوهان پاڻ ڪريو ته خبر پئجي ويندي ته حقيقت ڇا آهي؟ مشرف دور ۾ جيٽي پار نالي سيرپ 70 رپين ۾ ملندو هو اهو هينئر 130 رپين ۾ وڪامي ٿو.17 رپين وارو ڪوپليڪس سيرپ 60 رپيا، باسو ڪوئين جو 600 رپين وارو پاڪيٽ 900 رپيا20 رپين وارو بروفين سيرپ 28 رپيا،21 رپين وارو ڪلينيٽ سيرپ 32 رپيا، 28 رپين وارو ڪميوزائين سيرپ 45 رپيا، سربيڪس زيڊ جو 89 رپين وارو پاڪيٽ 165 رپيا، 375 ملي گرام جو 60 رپين وارو آگمينٽن 75 رپيا، ساڳي 625 ملي گرام جي دوا 96 مان 120 رپيا، فيفول وٽ ڪيپسول 75 مان 100 رپيا، آءِ برڊ فولڪ 60 مان 76 رپيا.رفاپين ايڇ 30 مان 47 رپيا، ايمبو ڪال 97 مان 122 رپيا.بونيسان سيرپ 89 مان 230 رپيا17 رپين وارو فلوجن 43 رپيا، 55 رپين وارو موسيگار سيرپ 75 رپيا، ليڪٽوجن ون (کير)70 مان 140 رپيا، ميجي ليڪٽوليس 300 مان 500 رپيااوليڪ 400 مان 720 رپيا، انفالڪ ليڪ (پري ميچوئرفارمولا)350 مان 760 رپيا۽ نيورو بان انجيڪشن جو پيڪيٽ240 مان 300 رپين تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته اهي دوائون جيڪي شگر ۽ دل جا مريض روزانو واپرائن ٿا، انهن دوائن جي اگهن ۾ به انهي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، اهڙن مريضن لاءِ ماني کان وڌيڪ دوائون انتهائي اهم هونديون آهن.
    تازو ڊرگ ڪنٽرول ايڊمنسٽريشن حڪومت پاڪسستان پاران ”ضروري اطلاع“ جي عنوان هيٺ ملڪ جي سمورين اخبارن ۾ هڪ اشتهار شايع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ عوام کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هودوائون خريد ڪرڻ کان اڳ ۾ هيٺين ڳالهين جو خيال رکن. نمبر هڪ- ڇا اوهان جي دوا مستند معالج(ڊاڪٽر) تجويز ڪئي آهي. (2) ڇا ڊاڪٽر جي تجويز ڪيل دوا ئي اوهان خريد ڪئي آهي(3)ڇا اوهان خريد ڪيل دوا جي رسيد حاصل ڪئي آهي؟(4) ڇا دوا وڪرو ڪندڙ وٽ دوا رکڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو لائيسنس آهي.(5) ڇا دوا وڪرو ڪندڙ باضابطا طور تي دوا وڪرو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، انهن سوالن بعد صحت واري وفاقي وزارت پاران هڪ نصيحت به ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ”انهن ڳالهين جو خيال رکڻ نه رڳو اوهان لاءِ پر اوهان جي صحت جي بحالي لاءِ به ضروري آهي“.
    سڀ کان پهرين ڳالهه اها ته ڇا صحت واري وزارت کي اها خبر ناهي ته سڄي ملڪ ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ دڪاندار ڪيترا ڪواليفائيڊ آهن؟ هن ملڪ ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽور ڊسپينسرن جي ڪرائي تي ورتل سرٽيفڪيٽن تي کوليا ويا آهن، قانون موجب انهن ميڊيڪل اسٽورن تي فرج رکڻو آهي پر هن ملڪ ۾ 20 سيڪڙو ميڊيڪل اسٽورن تي به فرج رکيل ناهن، سڄي جهان کي خبر آهي ته ڊرگ انسپيڪٽر هر مهيني پنهنجي علائقي جي ميڊيڪل اسٽورن تان منٿلي وٺندو آهي، ميڊيڪل اسٽور قانوني طور تي ٽنهي طرفن کان سيل هجڻ گهرجي، اهو اسٽور اهڙي هنڌ قائم هجي جتي مٽي ۽ اس نه پهچي سگهي، پر هن ملڪ ۾ ان قسم جي ڪنهن به ڳالهه جو خيال نٿو رکيو وڃي. جڏهن ته دوا وڪرو ڪندڙ فارماسسٽ هئڻ گهرجي، پر مشاهدي ۾ سڀ ڪجهه انهي جي ابتڙ آهي.
    ڊاڪٽري، اسان سميت سڄي دنيا ۾ انتهائي معتبر پيشو آهي. اهوئي سبب آهي جو کيس مسيحا جو لقب عطا ڪيو ويو آهي، حضرت عيسيِٰ کي مسيح چوندا آهن ”ابن مريم هوا ڪري ڪوئي، ميري دک ڪي دوا ڪري ڪوئي.“ هن وقت انهي شعبي سان تعلق رکندڙاهي ڊاڪٽر صاحبان جن جڏهن ميڊيڪل ۾ داخلا وٺڻ مهل جيڪو حلف کنيو هو ڇا هو اڄ انهي تي پورو لهن ٿا؟ پاڪستان ۾ اڃان تائين انهي ڳالھه جو تعين نه ٿي سگهيو آهي ته ڪهڙو ڊاڪٽر مريض کان معائني جي ڪيتري فيس وصول ڪري، ملڪ جي وڏن شهرن ۾ موجود ڊاڪٽر صاحبان هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پنج سو رپين کان پنجن ھزارن تائين معائني جي فيس وصول ڪن ٿا، ۽ انهي کانپوءِ جيڪي دوائون تجويز ڪن ٿا اهي به مخصوص ميڊيڪل اسٽورن تي ملن ٿيون، مريض جي مجبوري اها آهي ته هو جڏهن ڊاڪٽر کي ٻئي شهر ۾ پنهنجي طبيعت ڏيکارڻ وڃي ٿو ته دوا جا پئسا به ساڻ کنيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اها تجويز ڪيل دوا کيس سندس شهر ۾نه ملي سگهندي، مختلف بيمارين جا اهي ماهر ڊاڪٽر صاحبان پنهنجي فين جو تعين به پاڻ ڪندا آهن، ۽ اهي وصول ڪيل فين تي سرڪار کي ڪيترو ٽيڪس ادا ڪن ٿا ان بابت ڪنهن کي ڪابه ڄاڻ ناهي. جڏهن ته هن ملڪ ۾ دوائن جي ڪمپنين پاران ڊاڪٽرن لاءِ اعلانيل پيڪيج اڃان الڳ اشو آهي.ملٽي نيشنل، نيشنل ۽ لوڪل ڪمپنين(جن ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون رجسٽرڊ ئي ناهن) پاران ڊاڪٽرن لاءِ ڌار ڌار پيڪيج ڏنا وڃن ٿا. انهن پيڪيجن ۾ڊاڪٽر جي او پي ڊي مطابق آڇون شامل هونديون آهن، جن ۾ اسان جي ڄاڻ موجب ڊاڪٽرن جي سندن اسپتالن جي آرائش، ايئر ڪنڊيشن، فرج، فرنيچر.پرڏيهي ملڪن جا رنگين ٽوئر.ڪارون. ۽ بنئڪن کان کنيل گاڏين جون قسطون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه شامل هوندو آهي، دوائن جون اهي ڪمپنيون سڌي ڳالھه آهي ته مفت ۾ اهو سڀ ڪجهه نٿيون ڏين. ۽ اها سموري رقم مريض جي کيسي مان ڪڍي ويندي آهي، ايئن به ناهي ته ڪو جيڪي ڪمپنيون ڊاڪٽرن کي آڇون ڪن ٿيون انهن کانسواءِ ٻيون ڪمپنيون انهي فارمولا واريون دوائون تيار نٿيون ڪن، ان لاءِ هتي سپرو فلاڪسين ٽئبليٽ جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، اها ٽئبليٽ 5 رپين جي به ملي ٿي ته 60 رپين جي به ملي ٿي.
    انهي روئي جو هڪ سبب سرڪار جو رويو به آهي، پاڪستان ۾ سڀني جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ ان جي خاندان لاءِ صحت جي سهولتن جو ڪوبه بندو بست ٿيل ناهي. نه سرڪار انهي شعبي سان لاڳاپيل هنن ماڻهن لاءِ انشورنس پاليسيز تي عمل ڪرائي سگهي آهي، سنڌ ۾ گذريل 20 سالن کان 17 هين گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم ڊاڪٽرن کي پروموشن نه ملي سگهيو آهي. سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ نون ڀرتي ٿيل ڊاڪٽرن کي 15444رپيا پگهار ادا ڪئي وڃي ٿي، ۽ انهي مان 2000 رپيا جي پي فنڊ ڪٽجڻ بعد کين 13444 رپيا ادا ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر کي 20500 رپيا ادا ڪيا وڃن ٿا.پر پنجاب ۾ انهي ساڳي گريڊ واري ڊاڪٽر کي 35000 پگهار ڏني وڃي ٿي، سنڌ ۾ نان پريڪٽس الائونس 500 رپيا ۽ پنجاب ۾چار کان پنج هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا.سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر کي 1200 رپيا ۽ پنجاب ۾ پنج هزار رپيا الائونس ڏنو وڃي ٿو، ٻه سال اڳ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٻهراڙين ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جو الائونس وڌائڻ جو اعلان ڪيو هو پر ان تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. صحت جي تعليم جي حوالي سان ڪجهه ٻيا معاملا به حل طلب آهن. جن ۾ پهريون مسئلو سنڌ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن جو آهي، سنڌ ۾ اها تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد کي 12000 هزار رپيا پگهار ڏيڻ جو چيو وڃي ٿو پر اها پگهار به انهن شاگردن کي وقت تي نٿي ملي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد جن کي گهران پئسا نٿا ملن اهي اهو ڪورس نه ڪري سگهندا آهن، ۽ ڇڏي هليا ويندا آهن، جڏهن ته انهي جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪندڙ شاگرد کي 30 هزار رپيا پگهار وقت تي ڏني وڃي ٿي، ۽ هاڻي پنجاب ۾اهو مطالبو ٿي رهيو آهي ته سندن معاوضو وڌائي45000 رپيا ڪيو وڃي. جڏهن ته پوسٽ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کان داخلا ۽ ورڪشاپ جون ڳريون فيون وصول ڪيون وڃن ٿيون.ڪاليج آف فزيشن اينڊ سرجن (سي پي ايس پي) جيڪڏهن ورڪشاپ ۽ ٻيون فيون گهٽائي ته انهي جو تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.
    پنجاب ۾ هن وقت صحت کاتي جي انتظامي عهدن تي ماسٽر اينڊ پبلڪ هيلٿ جي ڊگري رکندڙ آفيسر ئي مقرر ڪيا وڃن ٿا.جڏهن ته سنڌ ۾ اڃا تائين ان قسم جو ڪو تصور به نظر نٿو اچي.۽ سنڌ ۾ انتظامي صورتحال ڪنهن کان به لڪيل ناهي.ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪو ڪجهه وھي واپري ويو آهي ان تي پٽڪو ڪرڻ بدران نئين سر سڌارن جي شروعات ڪجي جيئن اسان پنهنجي معاشري کي تبديل ڪرڻ لاءِ پهرين وک کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون. بشڪريه عوامي اواز
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    ادا ممتاز اوهان عبد الرزاق کٽي جو عوامي آواز جي ٿورن سان بهترين ليک ونڊ ڪيو اوهان جي مهرباني۔پر مٺا آءُ سمجهان ٿو ته اوهان جنهن جاءِ تي ويٺا آهيو ان حساب سان ان ٽاپڪ تي اوهان اڃان وڌيڪ قيمتي ليک لکي سگهو ٿا۔​
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    ادا انشاء الله پنهنجو هڪ تفصيلي ليک به لکبو۔​
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    ادا مونکي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي۔۔۔۔[-xمطلب ڪٿي ويٺا آهن۔۔ممتاز صاحب جن۔۔۔:-?
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    ادا مان دوائن جي ڪمپني ۾ اڪائونٽس ڊپارٽمنٽ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان ان لاء طاهر صاحب مون کي اهيو لکيو آهي ته ممتاز توهان جتي ويٺا آهيو ته توهان به سٺو مضمون لکي سگهو ٿا۔ ادا ڳالهه آئي سمجهه يا نه۔ سو ادا انشاءالله ڪجهه ڏينهن ۾ ان لاء به ڪوشش ڪبي۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    ها ادا: :) سمجهائڻ وارو ممتاز هجي ۽ سمجهڻ وارو عاشق۔۔۔۔ته ڳالھ ڪيئن نه سمجهم ايندو۔b-)
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    يار هتي ته ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ويٺا آهن جيڪي ڪواليفائيڊ ڪونهن توهان ته اسٽور هلائيندڙن جي ڳاله پيا ڪريو۔ بس رب پيو هلائي هن ملڪ کي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    ادا صحيح پيا چئو۔ ڪراچي جي ڪچي آبادي ۾ ته توهان کي گهڻا ته عطائي ڊاڪٽر ئي ملندا، ادا مان جڏهن لياري ۾ رهندو هئس ته اتي اسان جو روم پاٽنر به عطائي ڊاڪٽر هوندو هو، نالو ڪو نه ٿو کڻان، نالو کڻي ڇا ڪجي، بس دعا آهي ته الله انهن کي سمجهه ڏئي۔۽ اهو لياري مان خوب ڪمائيندو هو۔ جنهن جو ڪهڙو مثال ڏجي۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڊاڪٽر ۽ دوائن جي ڪمپنين جي وچ ۾ ڦاٿل مريض...!

    سائين تمام بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو