[JUSTIFY] ڪليم راڄڙ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنالاجي ۾ هن وقت تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، جڏهن ته هن وقت ترقي پذير ملڪن ۾ به ليپ ٽاپ جو تمام گهڻو استعمال ٿي رهيو آهي، ان کانسواءِ مختلف ڪمپنين جا جديد سهولتن وارا ليپ ٽاپ به مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن ۽ انهن جا اگهه به مناسب آهن، نه ته ڪجهه سال پهرين ليپ ٽاپ تمام گهڻو مهانگو هوندو هو، هينئر هر ماڻهو ليپ ٽاپ خريد ڪري سگهي ٿو، ليپ ٽاپ کي نوٽ بڪ به سڏيو وڃي ٿو، اهو پرسنل ڪمپيوٽر موبائيل وانگر استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ليپ ٽاپ ۾ ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر سان گڏ ڊسپلي، ڪي بورڊ ۽ پوائنٽنگ ڊيوائس، هڪ ٽچ پيڊ به هوندي آهي ۽ اسپيڪرس به هڪ سنگل يونٽ ۾ موجود هوندا آهن، ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر کي بجلي سان اي سي ايڊاپٽر ذريعي چارج ڪبو آهي، هن ۾ موجود بيٽري جڏهن چارج هوندي ته ليپ ٽاپ کي ڪٿي به کڻي استعمال ڪري سگهجي ٿو، هڪ نئين ڪنڊيشن واري ليپ ٽاپ بيٽري 3 کان 5 ڪلاڪن تائين هلي سگهي ٿي. آءِ بي ايم طرفان 5100 پهريون ڪمرشل پورٽيبل ڪمپيوٽر سيپٽمبر 1975ع ۾ متعارف ڪرايو ويو، جنهن بعد پورٽيبل ڪمپيوٽرن جو تعداد وڌڻ لڳو، ان کانپوءِ 1981ع ۾ اوسبورن متعارف ڪرايو ويو، جنهن جو وزن 23.6 پائونڊ هو، ان ۾ ڪابه بيٽري موجود نه هئي، ان ڪمپيوٽر جي 5 انچ واري سي آر ٽي اسڪرين هئي، انهيءَ سال پهريون ليپ ٽاپ سائيز پورٽيبل ڪمپيوٽر، جيڪو ايپسن ايڇ- ايڪس 20 وارن متعارف ڪرايو، ايپسن ۾ ايل سي ڊي اسڪرين، چارج ڪرڻ واري بيٽري، ڪلڪيوليٽر سائيز پرنٽر جنهن جو وزن 1.6 ڪلو گرام هو، پهريون ليپ ٽاپ هو، جيڪو استعمال هيٺ آندو ويو، اهو سال 1980ع ۾ آندو ويو، جڏهن ته 82-1981ع ۾ ڊولمنٽ ميگنم آسٽريليا ۾ اهو ڪمپيوٽر متعارف ڪرايو پر ان کي بين الاقوامي سطح تي سال 85-1984ع تائين وڪرو نه ڪيو ويو، جي آر آءِ ڊي ڪمپاس 1100 به 1982ع ۾ متعارف ڪرايو ويو، جيڪو ناسا ۽ ملٽري جي ڪجهه ادارن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو، اهڙي طرح 1983ع ۾ گويلين ايس سي به متعارف ڪرايو ويو، جيڪو ليپ ٽاپ جي صورت ۾ پهريون ڪمپيوٽر هو، 1983ع کان وٺي وري ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون پڻ ڪيون ويون، جن ۾ ٽچ پيڊ، پوائٽنگ اسٽڪ وغيره شامل هئا، ڪجهه سي پي يو جهڙوڪ 199.0 انٽيل 1386 ايس ايل کي اهڙي ريت ڊيزائن ڪيو ويو، جيئن هو بيٽري جي لائف جي پاور کي وڌائي سگهي. سال 1988ع ۾ وي جي اي ريزوليشن جي ڊسپلي ڪئي وئي ۽ 1991ع ۾ ڪلر اسڪرين کي ڪامن اپ گريڊ ڪيو ويو، ان جي اسڪرين ريزوليشن ۽ اسڪرين سائيز تي ٻڌل 17 اسڪرين ليپ ٽاپ سال 2003ع ۾ متعارف ڪرايو ويو، هينئر 2010ع ۾ ليپ ٽاپ عام استعمال ۾ به آهي. ليپ ٽاپ ۾ ننڍن پورٽيبل ڪمپيوٽرس جا ڪلاسز رکيل آهن. * فل سائيز ليپ ٽاپ: هن قسم جي ليپ ٽاپ ۾ فل سائيز جو ڪي بورڊ هوندو آهي، پهرين ليپ ٽاپ جي سائيز اسٽيڊرڊ رکي وئي. ”اي سائيز“ نوٽ بڪ شيٽ آف پيپر (انچ 8.5x11) پر پوءِ وري اي 4 جي ليپ ٽاپ کي متعارف ڪرايو ويو. * نيٽ بڪ: هي هڪ ننڍو، هلڪو ۽ پورٽيبل ليپ ٽاپ آهي، هي فل سائيز ليپ ٽاپ کان قيمت ۾ به تمام سستو آهي، هن ۾ فيچرس ۽ پاور به گهٽ آهن، ننڍا ڪي بورڊ استعمال ڪرڻ ۾ ڏکيا هوندا آهن. * الٽرا- ٿن ليپ ٽاپ: هي نئين قسم جو ليپ ٽاپ آهي، جيڪو ڪافي سنهو ۽ هلڪو ٿئي ٿو. * ٽيبليٽ- پي سي: اهي ٽچ اسڪرين تي مشتمل آهن، اهي ”ڪنورٽيبل ٽيبليٽ“ آهن، جيڪي فل ڪي بورڊ تي مشتمل هئا. * رگڊ: هن کي انجنيئر سخت ڪنڊيشن ۾ استعمال ڪندا آهن، جهڙوڪ مڪينيڪل شاڪز، ايڪسٽريم گرمي پد وغيره. * ڊيسڪ ٽاپ ريپليسمنٽ: اهي اسٽيڊرڊ ليپ ٽاپ کان ڪافي وڏا ۽ ڳرا هوندا آهن، انهن ۾ پاور فل ڪمپونينٽس ۽ وڏي ڊسپلي ٿئي ٿي، انهن جون بيٽريون ننڍيون هونديون آهن، اهي ڪومپيڪٽ طور استعمال ٿيندا آهن، اهڙي قسم جا ليپ ٽاپ لميٽيڊ رينج ۾ سٺي پرفارمنس ڏيکاريندا آهن، انهن کي ڊيسڪ ٽاپ ريپليسمينٽ يا وري اڪثر ڪري ڊيسڪ ٽوٽس به ڪري سڏيو وڃي ٿو، سال 2000 ۾ ليپ ٽاپ وڌيڪ پاور فل ٿيا ۽ اپ گريڊ سان گڏوگڏ اهي عام ليپ ٽاپ کان سستا پڻ ٿي ويا، ان جي ڪجهه سالن کانپوءِ ليپ ٽاپ وڌيڪ سستا ۽ وڌيڪ پاور فل ٿي ويا. ليپ ٽاپ ۾ يو ايس بي ورجن جي ڪري انٽرنل ايڊ- اون ڪارڊس کي ننڍو ڪري ڇڏيو. * سب- نوٽ بڪ: سب نوٽ بڪ ليپ ٽاپ ننڍي سائيز، گهٽ وزن ۽ گهڻي بيٽري تي مشتمل هوندا آهن، سب نوٽ بڪ ليپ ٽاپ، اسٽينڊرڊ ليپ ٽاپ کان ننڍا ۽ هلڪا هوندا آهن، انهن جو وزن 0.8 کان 2 ڪلو گرام هوندو آهي، انهن جي بيٽري 10 ڪلاڪن تائين هلي سگهي ٿي، ان سان گڏ ايڊنشل بيٽري به ملندي آهي. * نيٽ بڪس: هن قسم جا ليپ ٽاپ وزن ۾ هلڪا هوندا آهن، هي وائرليس ڪميونيڪشن لاءِ اهم آهن، هنن جي گهڻي خريد ان ڪريبه آهي ڇو ته هن ۾ لائيٽ – ويٽ آپريٽنگ سسٽم پڻ موجود آهي، نيٽ پيڊ ليپ ٽاپ RAM تي ٺهيل آهي. * ٽيبليٽ ليپ ٽاپ: هي مختلف ماڊرن ڪنور ٽيبل ليپ ٽاپ آهن، هي ڪي بورڊ هائوسنگ ۽ ڊسپلي سان ڳنڍيل هوندو آهي، ٽيبليٽ ليپ ٽاپ ۾ ڪي بورڊ ۽ پوائٽنگ ڊيوائس پراڻي نوٽ بڪ جي آهي. * ڪمپونينٽس (Components): ليپ ٽاپ جي ڪمپونينٽس ۾ ان جا فنڪشنز ڊيسڪ ٽاپ جي ڪائونٽر پارٽس تي هوندا آهن. * مدر بورڊ: ليپ ٽاپ جي مدر بورڊ وڏو ۽ ماڊل اسپيسفڪ هوندو آهي، ليپ ٽاپ ۾ سلاٽ نه هوندا آهن، ان ڪري سڄو ڪجهه فنڪشن مدر بورڊ پاڻ هلائيندو آهي. * سينٽرل پروسيسنگ يونٽ (CPU): ليپ ٽاپ جو سي پي يو ايڊوانس پاور ۽ سيونگ فيچرس سان هوندو آهي، ليپ ٽاپ لاءِ سي پي يو ڊيزائن جي هڪ وڏي رينج موجود آهي، جيڪا انٽيل کان شروع ٿي اي ايم ڊي، وي آءِ اي ٽيڪنالاجيز، ٽِراسميٽا وغيره. ٻئي طرف x86 ٺاهيندڙن، موٽرولا ۽ آءِ بي ايم هڪ چَپ ٺاهي آهي، جيڪا پراڻي پاور پي سي ايپل ليپ ٽاپ جي آهي، ڪجهه ليپ ٽاپ ۾ سي پي يو نه هوندا آهن پر ان ۾ مدر بورڊ ان جي سپورٽ ڪندو آهي. * ميموري ريم: ليپ ٽاپ ۾ ميموري ماڊلز ڊيسڪ ٽاپ جي اڌ جي برابر آهي. هن وقت جيڪي مڊرينج جا ليپ ٽاپ موجود آهن، انهن ۾ 3 کان 4 جي بي آف ڊي ڊي آر 2 ريم موجود هوندي آهي، ان کانسواءِ جيڪي ان کان وڌيڪ هائير اينڊ نوٽ بڪ جا فيوچر 8 جي بي آف ڊي ڊي آر 3 ميموري موجود هوندي آهي، نيٽ بوڪس ۾ ريم هڪ جي بي جي هوندي آهي. * ايڪسپنشن ڪارڊز: پي سي ڪارڊ يا ايڪسپريس ڪارڊ، ايڪسپيشن ڪارڊ جيڪي ليپ ٽاپ ۾ موجود هوندا آهن، اهي فنڪشن کي ايڊ يا رموو ڪري سگهي ٿي، ڪجهه سب سسٽم به هن ۾ وجهي يا وري ان جي جڳهه والاري سگهجي ٿي. * پاور سپلاءِ: ليپ ٽاپ کي انٽرنل ريچارجيبل بيٽري هوندي آهي، جنهن کي ايڪسٽرنل پاور سپلائي ڪري چارج ڪبو آهي، بيٽري جڏهن فل چارج ٿيندي ته ليپ ٽاپ اي سي پاور تي هلندو آهي. * بيٽري: ليپ ٽاپ جون بيٽريون ليٿيم آيون جون هونديون آهن، هن وقت نئين ماڊل جي نئين ليٿيم پوليمر ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي پئي وڃي، انهن ٻنهي ٽيڪنالاجيز پراڻي نيڪل ميٽل- هائڊريڊ بيٽرين جي جڳهه والاري آهي، ليپ ٽاپ ۾ عام بيٽري ٻه کان پنج ڪلاڪن تائين هلي سگهي ٿي پر جيڪڏهن ليپ ٽاپ تي گهڻو ڪم آهي ته اها بيٽري هڪ ڪلاڪ ۾ به ختم ٿي سگهي ٿي. بيٽري هڪ کان ٽي سالن تائين ڪارآمد هوندي آهي. * وڊيو ڊسپلي ڪنٽرولر: اسٽينڊرڊ ليپ ٽاپ ۾ وڊيو ڪنٽرولر چَپ سيٽ کان ڪنسرو پاور ۾ آهن، ان جي ڪري اهو ليپ ٽاپ ۾ گهڻي انٽرٽينمنٽ ۽ گيمنگ کان روڪي ٿو. * ڊسپلي: ماڊرن ليپ ٽاپ ۾ ڊسپلي 13 انچن (33cm) جي ۽ اهو ڪلر ايڪٽو هيٽرڪس ڊسپلي تي آهي ۽ هن جي لائٽنگ ريسولشن تقريبن 1280x800 يا 1366x768 پڪسل يا ان کان وڌيڪ هوندي آهي. * فائدا: ليپ ٽاپ کي مختلف جڳهين تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ليپ ٽاپ هن وقت نه صرف گهرن ۾ پر آفيسن ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ اهو دڪانن، فلائيٽ، ليڪچر هالن ۽ لائبريز ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو، هن جا فائدا هيٺ ڏجن ٿا. ليپ ٽاپ انهن جڳهين تي به استعمال ڪيو وڃي ٿو، جتي اسان ڊيسڪ ٽاپ وارو ڪمپيوٽر استعمال نٿا ڪري سگهون. جهڙوڪ: توهان پنهنجي آفيس جي اي ميل ٽرين يا بس جي سفر دوران ليپ ٽاپ تي چيڪ ڪري سگهو ٿا يا وري شاگرد پنهنجي اسڪول، ڪاليج يا وري يونيورسٽي جي بريڪ ۾ به توهان ٻاهر ويهي ليپ ٽاپ استعمال ڪري سگهو ٿا، ليپ ٽاپ ۾ توهان پنهنجي معلومات، پنهنجو آفيس ورڪ يا فائيل جو سيٽ اپ به رکي سگهو ٿا، ان جي ڪري توهان پنهنجي آفيس ورڪرس يا دوستن سان رابطي ۾ رهي سگهو ٿا. ليپ ٽاپ ۾ وائرليس نيٽ ورڪ جو به سسٽم موجود آهي، ليپ ٽاپ ۾ انٽرنيٽ به آساني سان هلائي سگهجي ٿي. ليپ ٽاپ جي سائيز ٻين ڊيسڪ ٽاپ پي سيز کان الاهي ننڍي هوندي آهي، توهان اهو ليپ ٽاپ ڪنهن به ننڍي جڳهه تي رکي استعمال ڪري سگهو ٿا. ليپ ٽاپ ۾ چارج ايبل بيٽري هوندي آهي، ليپ ٽاپ ۾ سڀ شيون موجود آهن، جهڙوڪ: ڊيسڪ ٽاپ، ڪي بورڊ، مائوس، ڊسپلي ۽ اسپڪرس وغيره. * نقصان: ليپ ٽاپ جون قيمتون هڪ عام ڪمپيوٽر کان تمام مٿي آهن، ليپ ٽاپ جون ڏينهون ڏينهن قيمتون وڌي رهيون آهن، حالانڪه هن ۾ پرفارمنس ليول تمام گهٽ آهي، ليپ ٽاپ ۾ وڌيڪ هائير اينڊ ڊيٽابيس جهڙوڪ ميٿ، انجنيئرنگ، فنانشل سافٽ ويئر جهڙين شين جي گهڻائي هجڻ ڪري اهو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. * سيڪيورٽي ۽ پرائويسي: ليپ ٽاپ جيئن ته گهڻي قيمت وارا ۽ ڪامن آهن، ان ڪري ان جي چورائجڻ جو به خطرو هوندو آهي ۽ ليپ ٽاپ جي چورائجڻ سان ان ۾ موجود اوهان جي سڄي ڊيٽا ۽ آفيس کي نقصان پهچي سگهي ٿو، ان ڪري ليپ ٽاپ جي حفاظت ڪرڻ ضروري آهي. ڪاوش[/JUSTIFY]
جواب: ليپ ٽاپ ڪمپيوٽرن ۾ ٿيل ترقي وڏي آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون ها ادا بلڪل هر ماڻهو پر هر غريب انسان نه۔۔۔
جواب: ليپ ٽاپ ڪمپيوٽرن ۾ ٿيل ترقي وڏي آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون ادا بهترين معلوماتي خبر آهي۔۔ باقي غريبن ٻيلي الله۔۔۔
جواب: ليپ ٽاپ ڪمپيوٽرن ۾ ٿيل ترقي وڏي آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون ادا مهرباني پسند ڪرڻ جي۔ پر اوهان جي سگنيچر وارو پيغام به سمجهايو ته مهرباني۔ جي صرف محرم ۽ صفر مهينن ڪري اسلام زنده آهي ته پوءِ قرآن ۽ سنت جي ڪري نه آهي؟ ربيع الاول ۾ پاڻ ڪريم جن جي ولادت رمضان جا روزا ذوالحج جو فرض انهن جو ڇا ٿيندو؟؟؟!!!