• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعليمي درسگاهون: ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن

ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي جي هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي آهي، جنهن کي 2003ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز کي گڏائي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو، 14 جنوري 2004ع تي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر ڊاڪٽر مسعود حميد خان کي مقرر ڪيو ويو هو، 18 آگسٽ 2007ع تي ڊائو يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ پاران هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل سمورين انسٽيٽيوشنس ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي هنئي وئي، ڊائو يونيورسٽي هر سال ملڪ کي غير معمولي صلاحيتن سان مالا مال شاگرد ڏئي ٿي، يونيورسٽي سان هن وقت 3 ميڊيڪل ڪاليج لاڳاپيل آهن ۽ هڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، ڪراچي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم جي اهميت کي ڏسندي هلندڙ سال اهو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو، يونيورسٽي ۾ سيلف سروس جي نالي سان هڪ ڪئمپس قائم ڪيل آهي، جتي يونيورسٽي جي شاگردن کي ڊاڪٽري جي حوالي سان پراجيڪٽن تي ڪم ڪرايو وڃي ٿو، هتي پرسنل انفارميشن، ڪلاس سرچ، ڪيمپس پرسنل انفارميشنل، اڪيڊمڪ رڪارڊ، ڊگري پراگريس/گريجوئيشن، اسٽوڊنٽ سينٽر، اڪيڊمڪ سروسز، اسٽوڊنٽ فنانشل ۽ اسٽوڊنٽ ايڊميشنز جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون.
 
Back
Top