[justify] وحيد احمد اڄڪلهه انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ڊگريون حاصل ڪندڙ نوجوان مئنجمينٽ جي شعبي ۾ اضافي اهليت واري ڊگري به حاصل ڪري رهيا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي شعبن ۾ نوان لاڙا متعارف ٿي رهيا آهن، ماضي ۾ ته ائين هوندو ته بس نوجوان هڪ ڊگري حاصل ڪري نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ لڳي ويندا هئا پر هينئر اهو ڏٺو ويو آهي ته اڪثر نوجوان ڊبل گريجوئيشن يا ڊبل ماسٽرس ڪري رهيا آهن، مهراڻ يونيورسٽي سميت ٻين انجنيئرنگ يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪندڙ نوجوان وري ايم بي اي جون ڊگريون وٺي رهيا آهن، انهن انجنيئرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شعبي ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ اتي پنهنجي اهليت جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ مئنجمينٽ خاص طور تي بزنس مئنجمينٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ وڌيڪ چڱي ڳالهه آهي، نه رڳو اسان جي ملڪ ۾ پر هاڻي ته ٻاهرين ملڪن ۾ به انجنيئرنگ مئنجمينٽ پروگرامز باقاعده هڪ شعبو بڻيل آهن، انجنيئرنگ مئنجمينٽ ۾ اتي اڪائونٽنگ، اڪانامڪس، فنانس ۽ هيومن ريسورس توڙي انڊسٽيريل سائيڪالاجي جي شعبن جي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي ۽ انهن جون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون، اهڙي طرح ڪنهن ٽيڪنالاجي ۾ گريجوئيشن يا ماسٽرس ڪندڙ نوجوانن وٽ جڏهن بزنس مئنجمينٽ يا انڊسٽيريل مئنجمينٽ جون ڊگريون به هجن ٿيون ته ادارا نوڪرين لاءِ انهن ڊبل ماسٽرس يا ڊبل گريجوئيشنز وارن نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا ۽ ائين اهي نوجوان جڏهن پنهنجن لاڳاپيل ادارن ۾ نوڪريون ڪن ٿا ته اتي مئنجمينٽ جي معاملن کي به سولائي سان سمجهن ٿا. انجنيئرنگ جي شعبي ۾ تجربي کي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي معاملو ئي ٽيڪنيڪل آهي ۽ ٽيڪنيڪل ڪمن لاءِ ان جو تجربو هجڻ ضروري هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ انجنيئر جيترو ڪم ڪندو اوترو ئي ان کي انهن شين جي ڄاڻ ملندي، اسان وٽ عام طور تي دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ سکيا وٺندڙ گهٽ تعليم يافته نوجوان به پنهنجي ٽيڪنيڪل ڪمن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري وٺندا آهن ۽ ائين اهي ڄڻ ته انجنيئر بڻجي وڃن ٿا، حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو جن کي اسين عام طور تي ”مستري“ سڏيون ٿا، اهي به انجنيئر آهن. ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ٽيڪنيڪل شعبي ۾ جيترو عرصو ماڻهو ڪم ڪندو اوترو ئي تجربو وڌندو ويندو ۽ شين بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي. هن شعبي ۾ جنهن ماڻهو تجرباتي ڄاڻ ناهي، اهو ڄڻ ته ڪورو هوندو آهي، انجنيئرنگ مئنجمينٽ جي تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان جڏهن اها ڊگري وٺن ٿا ته پوءِ اهي سٺا مئنيجر به ثابت ٿين ٿا، انهن کي اها ڄاڻ ملندي آهي ته نوڪري جا معاملا ڪيئن مئنيج ڪجن، آفيس ۽ ملازمن جي معاملن کي ڪيئن هلائجي. بزنس مئنجمينٽ ۾ گريجوئيشن حاصل ڪندڙ نوجوان اڪثر طور مينيو فيڪچرنگ ڪمپنين ۾ داخل ٿين ٿا ۽ انهن ڪمپنين جا مالڪ به اهڙن نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا، اسان وٽ ته اڃا تائين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن کي ڪمپيوٽر جي تعليم گڏوگڏ نٿي ڏني وڃي، جيڪا اڄڪلهه انتهائي ضروري بڻجي وئي آهي. دنيا ڏاڍي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ سڌريل ملڪن ۾ ته پرائمري کان وٺي هر ڪلاس ۾ ٻارن کي ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني وڃي ٿي. اسان وٽ جڏهن ماسٽرس ڪندڙ نوجوان به ڪمپيوٽر کان ڪورا هجن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هنن کي وري ڪمپيوٽر جي ڊگري ڌار حاصل ڪرڻي پوي ٿي، اسان جي حڪومت کي انجيئرنگ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم ضرور شامل ڪرڻ گهرجي. ڪاوش[/justify]
جواب: انجنيئرن کي مئنجمينٽ جون ڊگريون به حاصل ڪرڻيون پون ٿيون ادا طاهر! مان پاڻ ٽيليڪميونيڪيشن جي بيچلرز ڊگري حاصل ڪرڻ کان بعد هاڻي ماسٽر ان بزنس ايڊمنسٽريشن ڪري رهيوآهيان، وقت جي ضرورت آهي
جواب: انجنيئرن کي مئنجمينٽ جون ڊگريون به حاصل ڪرڻيون پون ٿيون اڄڪله ڊاڪٽر به ايم بي اي ۽ مينجمينٽ جون ڊگريون پيا ڪن۔ بس يار اها انڪري مجبوري آهي جو اسان جا ادارا ان جي ڊماند ٿا ڪن۔
جواب: انجنيئرن کي مئنجمينٽ جون ڊگريون به حاصل ڪرڻيون پون ٿيون جي ادا بلڪل جي ڪنهن کي پرديس وڃڻو آهي ته اتي به ڊمانڊ ٿا ڪن۔