پاڪستان جا اعليٰ تعليمي ادارا

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]ڊاڪٽر شمس الدين

    هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان موجب ملڪ ۾ مجموعي طور 132 اعليٰ تعليمي ادارا آهن، جن ۾ شامل يونيورسٽين مان 73 سرڪاري ۽ 59 نجي خانگي يونيورسٽيون آهن، هن وقت ملڪ ۾ سرگرم ۽ مڪمل طور ڪم ڪندڙ يونيورسٽين جو انگ 127 آهي، ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 13 سرڪاري يونيورسٽيون ۽ اعليٰ تعليمي ادارا آهن، جن ۾ ايئر يونيورسٽي، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، بحريه يونيورسٽي، comsats انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، وفاقي اردو يونيورسٽي، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، عالمي اسلامڪ يونيورسٽي، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگويجز، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪانامڪس، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز ۽ قائداعظم يونيورسٽي شامل آهن، هتي فائونڊيشن يونيورسٽي، نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ ايمرجنگ سائنسز ۽ رفا انٽرنيشنل يونيورسٽي خانگي طور ڪم ڪري رهيون آهن، صوبي بلوچستان ۾ سرڪاري طور ڪم ڪندڙ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (خضدار)، بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشنل ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز، بولان يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، لسٻيلا يونيورسٽي آف ايگريڪلچر، واٽر اينڊ ميرين سائنس (لسٻيلا)، سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف بلوچستان شامل آهن، جڏهن ته خانگي يونيورسٽين ۾ الحمد اسلامڪ يونيورسٽي ۽ اقراءَ يونيورسٽي قائم آهي، خيبر پختونخواه صوبي ۾ اعليٰ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي (مردان)، فرنٽيئر وومينز يونيورسٽي، گومل يونيورسٽي (ڊيرا اسماعيل خان)، هزاره يونيورسٽي (مانسهره)، انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ سائنسز، اسلاميه ڪاليج يونيورسٽي خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪوهاٽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (ڪوهاٽ)، اين ڊبليو ايف پي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، اين ڊبليو ايف پي ايگريڪلچر يونيورسٽي، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (ايبٽ آباد)، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي (شرينگل)، يونيورسٽي آف مالاڪنڊ (چڪادره)، يونيورسٽي آف پشاور ۽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪالاجي (بنون) نالي وارا ادارا آهن،جڏهن ته اباسين يونيورسٽي، cecos يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ايمرجنگ سائنسز، سٽي يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي، گنڌارا يونيورسٽي، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (ٽوپي)، ناردرن يونيورسٽي (نوشهره)، پريسٽن يونيورسٽي (ڪوهاٽ)، قرطبه يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي (ڊيرا اسماعيل خان)،سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي، گلوبل انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنسز (ڪوهاٽ) خانگي طور ڪم ڪري رهيا آهن، پنجاب ۾ 23 سرڪاري اعليٰ تعليمي ادارا آهن، جن ۾ نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي، ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان، يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (ٽيڪسيلا)، يونيورسٽي آف سرگوڌا، يونيورسٽي آف دي پنجاب، يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، يونيورسٽي آف گجرال، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (لاهور)، يونيورسٽي آف ايجوڪيشن، يونيورسٽي آف آرد ايگريڪلچر (راولپنڊي)، زرعي يونيورسٽي فيصل آباد، نيشنل ٽيڪسٽائيل يونيورسٽي فيصل آباد، نيشنل ڪاليج آف آرٽس، لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي، ڪنيئرڊ ڪاليج فار يونيورسٽي، ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي، اسلاميه يونيورسٽي (بهاولپور)، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور، فاطمه جناح وومين يونيورسٽي راولپنڊي، بهاءُ الدين ذڪريه يونيورسٽي ملتان ۽ اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ فرٽيلائيزر ريسرچ (uet لاهور) فيصل آباد شامل آهن، جڏهن ته 19 غير سرڪاري اعليٰ تعليمي ادارا قائم آهن، سنڌ صوبي ۾ سرڪاري طور ڪم ڪندڙ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن سکر، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ned يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (ڪراچي)، پاڪستان نيول اڪيڊمي، پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه (شهيد بينظير آباد)، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ يونيورسٽي آف ڪراچي شامل آهن، جڏهن ته خانگي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ آغا خان يونيورسٽي، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪاليج آف ٽيڪسٽائيل اينڊ پوليمر انجنيئرنگ (ڪراچي)، دادا ڀائي انسٽيٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن، ڊي ايڇ اي صفا يونيورسٽي، گرين وچ يونيورسٽي، همدرد يونيورسٽي، انڊس انسٽيٽيوٽ آف هائير ايجوڪيشن، انڊس ويلي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر، انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ڪراچي، اقراءَ يونيورسٽي، اسرا يونيورسٽي حيدرآباد، جناح يونيورسٽي فار وومين، ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف اڪنامڪس اينڊ ٽيڪانالاجي، kasb انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، محمد علي جناح يونيورسٽي، نظير حسين يونيورسٽي، نيو پورٽس انسٽيٽيوٽ آف ڪميونيڪيشنس اينڊ اڪنامڪس، پريسٽن انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، پريسٽن يونيورسٽي پاڪستان، سسٽيڪ (سکر)، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ٽيڪسٽائيل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان، يونيورسٽي آف ايسٽ حيدرآباد ۽ ضياءُ الدين ميڊيڪل يونيورسٽي شامل آهي، آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري طور ميرپور يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ يونيورسٽي آف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (مظفر آباد) قائم آهي، جڏهن ته الخير يونيورسٽي (ميرپور) ۽ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي غير سرڪاري طور اعليٰ تعليمي ادارا آهن، گلگت بلتستان ۾ هڪ ئي يونيورسٽي ڪراڪرم انٽرنيشنل يونيورسٽي سرڪاري طور قائم آهي.
    ڪاوش[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو