انٽرنيٽ تي تعليمي ويب سائيٽن جو وڏو جهان

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]
    انٽرنيٽ هڪ اهڙي دنيا آهي، جتي هر موضوع تي مڪمل ۽ جامع معلومات ملي وڃي ٿي، دنيا جي بيشمار موضوعن جيان نوجوانن ۽ شاگردن لاءِ به انٽرنيٽ ۾ وڏو جهان سمايل آهي، هتي سوين ويب سائيٽون اهڙيون آهن، جن جي ذريعي تعليمي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان سان گڏوگڏ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ موجود تعليمي ادارن ۽ انهن جي تدريس واري عمل يا ڪتابن بابت به تفصيل معلوم ڪري سگهجن ٿا، شاگردن جي سهولت لاءِ اسان ڪجهه اهڙين ويب سائيٽن بابت ڄاڻ گڏ ڪئي آهي، جيڪي انهن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون، انٽرنيٽ تي دنيا جي وڏن وڏن ڪاليجن ۾ پڙهجندڙ نصابي ڪتابن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ecampus.com تي تفصيلي معلومات ملي ويندي، Kaplan سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪرڻ سان اعليٰ سطحي امتحانن جي تياري ۾ مڪمل مدد ملي سگهي ٿي، Financialaid.com شاگردن کي تعليمي قرض کڻڻ بابت طريقيڪار فراهم ڪري ٿي، Textbooksource.net تي 6 لک کان وڌيڪ نصابي ڪتاب رکيل آهن، جن کي فري ۾ ڊائون لوڊ ڪري انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، Petersons.com مختلف اسڪولن، ڪاليجن، ڪيمپس، مرڪزن، گريجوئيشن پروگرامن ۽ نوڪرين بابت ڄاڻ ڏيڻ جي وڏي ويب سائيٽ آهي، bigchalk.com شاگردن، استادن، والدين، لائبريرينز ۽ اسڪولن جي انتظاميا جي گڏيل رابطي جي وڏي سروس آهي، funbrain.com ٻارن لاءِ تعليمي موضوعن وارين وڊيو گيمز جي ويب سائيٽ آهي، World Education Films تي شاگردن کي تعليمي موضوعن تي تاريخي فلمون ملنديون، journeyed.com مان ڪنهن يونيورسٽي يا اداري جي شاگردن، فيڪلٽي توڙي اسٽاف کي پنهنجي گهربل سافٽ ويئر ملي سگهن ٿا، Totalcampus.com هڪ اهڙو واحد ذريعو آهي، جنهن تي ڪاليج سان لاڳاپيل سمورين ضرورتن بابت ڄاڻ رکي وئي آهي، homeworkspot.com سائنس، سماجي اڀياس، رياضي ۽ ٻين موضوعن کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي وڏي ويب سائيٽ آهي، Studentmarket.com ۾ پرڏيهي ملڪن جي تعليمي ڪورسز GMAT,LSAT,GRE and SAT جي تياري جي ۾ مدد ڏني وڃي ٿي، انٽرنيٽ تي هڪ يونيورسٽي پڻ قائم ڪيل آهي، جتي سڄي دنيا جي تعليمي نظامن پروفيشنل ڊولپمينٽ ۽ تدريسي موضوعن بابت معياري ڄاڻ ۽ تعليم فراهم ڪئي وڃي ٿي، LearnITSoftware.com ڪمپيوٽر جي پروگرامن بابت مڪمل ٽريننگ ڏيڻ جي ويب سائيٽ آهي، School.net ذريعي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ جي اسڪولن کي سرچ ڪري سگهجي ٿو ۽ گڏوگڏ مختلف فورمز، نيوز گروپن ۽ اي ميل لسٽن ۾ شموليت حاصل ڪري سگهجي ٿي، howtostudy.com ۾ پڙهائڻ بابت تربيتي مشورا ڏنا وڃن ٿا، blackboard.com هڪ اهڙي سروس آهي، جنهن تي ڪنهن به اداري ۾ سکيا ڏيندڙ ماڻهو پنهنجي ڪلاسن کي آن لائن هلائي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ انٽرنيٽ تي ئي سموري ڪورس جي نمائندي ڪري سگهي ٿو، edhelper.com ۾ نصابي سرگرمين، ورڪ شيٽ ۽ ٻين تدريسي موضوعن بابت شيون ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿيون، searchedu.com تعليم جي حوالي سان معياري ويب سائيٽون ڳولڻ جو وڏو ذريعو آهي، oxforddictionary.com تي هر لفظ، جملي توڙي مهاورن جو سولي ۾ سولو ترجمو ملي ويندو.
    ڪاوش[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو