معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [justify]

    سائنس هر ڪنهن لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رڌل آهي، دنيا ۾ مختلف وقتن تي اهڙيون شيون ايجاد ٿي رهيون آهن، انسان ذات کي وڌيڪ سهولتون ملن ٿيون ۽ زندگي آسان بڻجندي وڃي ٿي، جاپان جي سائنسدانن معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ جديد روبوٽ تيار ڪيو آهي، جنهن جي مدد سان ٽنگن کان معذور ماڻهن کي هلڻ ڦرڻ ۾ مدد ملي سگهندي، روبوٽ ڪنهن بيساکي جيان ٺاهيو ويو آهي، جيڪو معذور ماڻهن جي ٽنگن جي جاءِ تي هڻي کين هلڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي، هن روبوٽ ذريعي اکين جي روشني کان محروم ماڻهو پڻ هدايتن تي عمل ڪري هلي ڦري سگهندا، روبوٽ ۾ انساني جسم جي حرڪتن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سينسر لڳل آهن ۽ بجليءَ وارن سگنلز جي ذريعي اهو روبوٽ معذور ماڻهو جي سڄي جسم تي حرڪت ۾ مدد ڏيندو رهندو، روبوٽ جو جاپان ۾ ڪجهه معذور ماڻهن تي تجربو ڪيو ويو، جيڪو ڪامياب ويو. تجربو ڪندڙ معذورن مان هڪ عورت سيجي اشيده هاڻي روبوٽ ذريعي معمول واري زندگي ڏانهن موٽي آئي آهي، سيجي جون 27 سال اڳ هڪ حادثي ۾ ٽنگون ڪٽجي ويون هيون، روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپني سائبر ڊائين ٻن ٻانهن تي مشتمل روبوٽ پڻ ٺاهيو آهي، جنهن کي ٻانهن کان معذور ماڻهو استعمال ڪري سگهندا ۽ انهن مشيني ٻانهن ذريعي 70 ڪلو گرام تائين وزن پڻ کڻي سگهجي ٿو، جاپان جي ڪمپني اهو جديد روبوٽ ڪِرائي تي ڏيڻ جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جي ماهوار فيس 14 کان 15 لک رپين تائين مقرر ڪئي وئي آهي. ڪمپني موجب معذور لاءِ ٺاهيل جديد روبوٽ جو عالمي مارڪيٽن ۾ 2015ع کان وڪرو شروع ڪيو ويندو.
    ڪاوش[/justify]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

    هڪ بهترين ۽ قيمتي ايجاد آهي
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

    [justify]بلڪل ادا سليمان!
    پوءِ اسان سڄن کي رب طرفان ڏنل نعمتن جو شڪرانو ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن اسان کي ٻانهون ۽ ٽنگون هٿ اکيون سالم بغير ڪنهن عيب جي نصيب ڪيون آهن۔
    پسند ڪرڻ جي مهرباني مٺا۔[/justify]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

    ادا رب پاڪ جا اڻ ڳڻيا اهسان آهن اسان جي مٿان۔ ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن

    الله پاڪ جا احسان آهن
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: معذورن لاءِ متعارف ڪرايل روبوٽ نئين اميد جاڳائي ڇڏي

    الله پاڪ جا لک شڪرانا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو