نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، جڏهن سنڌ جي سُونهن جي ڳالهه ڇيڙبي آهي ته سنڌ جي هر وستي سنڌ جو هر واهڻ، سنڌ جو هر ڳوٺڙو، سنڌ جو هر شهر ، سنڌ جي هر گهٽي ۽ سنڌ جو هر چوڪ ماشاءالله آهي مون پنهنجي جيجل سنڌ ڌرتي جي سُونهن حيدرآباد شهر جي مشهور چوڪ حيدر بخش جتوئي چوڪ ، حيدر چوڪ حيدرآباد کان مٺي سنڌ کي اجهو هينئن ڏٺو آهي هڪڙي وائي لکي اٿم، توهان ساري دنيا جي سنڌين سميت سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي پنهنجي هي وائي ارپيان ٿو۔ ڪمپيوٽر جي چترڪاري جي روپ ۾
هَلُ ته حيدر چوڪ کان !
سُونهن ڏيکاريانسنڌ جِي!
ڄامشوري ۽المنظر کان،
روڪ بنا ڪنهن ٽوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي!
ڪينجهر کان ڪشمور ڪنڌِي،
نينهن نرالي لوڪ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
بيتَ ڀِٽائِي جا ٿا پڙهجن،
شوقَ وڏي ۽ ذوقَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
صُوفِي شاهه عنايت فلسفو،
جڳمڳ جرڪي جهوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
واکاڻ نه سنڌ جِي روڪبِي ،
روڪيندڙ جي روڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
الا! سنڌ اڱڻَ تي انقلابَ ،
ايندا قلمَ جي نوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
ٿِي ”ناز“ گُهري بس آجپو،
هي سنڌ غلامِي طوق کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
هَلُ ته حيدر چوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس۔
هَلُ ته حيدر چوڪ کان !
سُونهن ڏيکاريانسنڌ جِي!
ڄامشوري ۽المنظر کان،
روڪ بنا ڪنهن ٽوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي!
ڪينجهر کان ڪشمور ڪنڌِي،
نينهن نرالي لوڪ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
بيتَ ڀِٽائِي جا ٿا پڙهجن،
شوقَ وڏي ۽ ذوقَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
صُوفِي شاهه عنايت فلسفو،
جڳمڳ جرڪي جهوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
واکاڻ نه سنڌ جِي روڪبِي ،
روڪيندڙ جي روڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
الا! سنڌ اڱڻَ تي انقلابَ ،
ايندا قلمَ جي نوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
ٿِي ”ناز“ گُهري بس آجپو،
هي سنڌ غلامِي طوق کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
هَلُ ته حيدر چوڪَ کان !
سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس۔