ٿانوَ ڌوئڻ جي سنڪ يا بيسن ۾ روزانو رات جو ٿانوَ ڌوئڻ کان پوءِ تيز گرم پاڻي وجهي ڇڏيو بدبوءِ نه ٿيندي. ڪمري مان سگريٽن ۽ کاڌي جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ ميڻ بتي ٻاريو. بصرن جي بوءِ هٿن مان ختم ڪرڻ لاءِ ليمي سان مهٽي هٿ صاف پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو ڪارپيٽ ۽ غاليچن مان بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ متاثر جاءِ تي سرڪو يا ليمي جي رس لڳايو ان کي گرم پاڻي ۽ اسفنج سان مهٽيو بوءِ ختم ٿي ويندي. ٻارن جي کير پيئڻ واري بوتل کي صاف ڪرڻ لاءِ ڊبل روٽي جو ٿورو ٽڪرو ان ۾ وجهي پاڻي سان ٻه ٽي ڀيرا ڌوئي اُٻاري استعمال ڪريو. سخت بخار ۾ کيري جي کل سان پيرن تي مالش ڪرڻ جي ڪري بخار گهٽجي ويندو آهي. ميٿي داڻي کي پاڻي ۾ پيهي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ان سان وار ڌوئو ته وار مضبوط ۽ ڊگها ٿيندا. کٽاڻ ۾ ليمي جي رس ملائڻ سان کٽائڻ ڊگهي عرصي تائين استعمال جهڙي رهندي. پٽاٽي جي کل سان آر سي صاف ڪريو ته اها ڊگهي عرصي تائين صاف رهندي. جيڪڏهن ڪوبه ٿانو سڙي پوي ته ان ۾ پٽاٽي جي کل ۽ پاڻي ان ٿانوءَ ۾ وجهي اٻاريو ۽ پوءِ ان کي مَليو، ان سان ٿانوَ صاف ٿي ويندو. جيڪڏهن آڊيو ڪيسٽ لڳاتار وڄائڻ جي ڪري ان جو آواز خراب ٿي وڃي ته اها 5 منٽن لاءِ ريفريجريٽر ۾ رکو، ڪيسٽ مڪمل طور صحيح ٿي ويندي. عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
جواب: گهريلو ٽوٽڪا عوامي آواز زنده آباد ادا سليمان وساڻ پائينده آباد جو زبردست گهريلو ٽوٽڪا ڪٽ پيسٽ ڪري کڻي آيو۔
جواب: گهريلو ٽوٽڪا ادا وساڻ صاحب ٻيون ڳالهيون ته سڀ سون پر ادا توهان ( ڪمري مان سگريٽن ۽ کاڌي جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ ميڻ بتي ٻاريو.) سو ادا ان لاء عرض ته ميڻ بتي ٻاريون يا اگربتي اهيا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي۔
جواب: گهريلو ٽوٽڪا ادا اگربتي مزارن تي ٻاربي آهي۔ هتي ميڻ بتيء جي جلڻ کانپوء جيڪا بوء پيدا ٿيندي آهي اها ٻين بدبوئن کي ختم ڪندي آهي۔
جواب: گهريلو ٽوٽڪا · اُٻاريل پٽاٽن جي کل ان وقت لاهيو، جڏهن پٽاٽو گرم گرم هجي، ٿڌي پٽاٽي جي کل لهڻ ۾ دير ڪندي آهي. · موسم جي لحاظ سان گوشت کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪپڙي جي هڪ ٽڪري کڻي پاڻي ۽ سرڪي ۾ پسايو ۽ پوءِ اهو گوشت مٿان رکو ته گوشت گهڻي دير تائين تازو رهندو. ۽ ان تي مکيون به نه ويهنديون. · چانورن کي ڪيڙي کان بچائڻ لاءِ انهن ۾ لوڻ ملائي ڇڏيو ته چانور محفوظ رهندا. · بصر ڪپڻ وقت اکين مان ڳوڙهن ڳڙڻ، کان بچڻ لاءِ بصر جي کل لاهي ان جا ٻه ٽڪرا ڪري پاڻيءَ ۾ پسايو ۽ ٿوري دير کان پوءِ ان کي ابتي پاسي کان ڪپيو. · بصر جي عرق ۾ ڪپهه ٻوڙي نڪ تي رکڻ سان زڪام ختم ٿي ويندو. · ڇري، چاقو ۽ ٿانون تان بصرن جي بوءِ ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي ۾ ليمو ملائي ان سان ڌوئو ته بوءِ ختم ٿي ويندي.
جواب: گهريلو ٽوٽڪا ٽوٽڪا ته واقعي سٺا آهن ۽ روزاني جي ڪم ڪار ۾ اچڻ وارا آهن ۔۔۔ مطلب ته شادي شده ته فائدي ۾ آهن ئي آهن پر جيڪي ڇڙا آهن سي به ياد ڪن ۽ اسانجي ڀاڄائين کي اڳ کان ئي تيار ٿيل اهڙا سلڇڻا مڙس ملندا ته سندن زندگي سڪون ۾ گذرندي ۔۔۔ واه سائين واه ۔۔۔
جواب: گهريلو ٽوٽڪا سائين ابڙا صاحب يقين ڪريو ته مان جڏهن ادا سليمان جو هي ٿريڊ پڙهي رهيو هوس ته اهو خيال ذهن ۾ آيو ته آخر ۾ لکندس ته ڀائو شادي کان اڳ ئي سٺي تياري پيو ڪري وري ٿوري هيٺ جڏهن علي علي جا ڪمينٽس پڙهيم ته سوچيم ته ابڙا صاحب ڏسو پنهنجا ڪمينٽس ڏيو پر جئين ئي هيٺ توهان جا هي ڪمينٽس پڙهيم ته اصل ها ها ها ها ها ها =))=))=))=))=)) سٺو ٿو وڃين وساڻ صاحب سدائين گڏ
جواب: گهريلو ٽوٽڪا سائين نثار مهرباني ضروري ناهي ته هي ٽوٽڪا عورتن لاء ئي هجن ۔ ڇو ته دنيا جا وڏا وڏا ۽ مڃيل شيف مرد ئي آهن۔ هي ٽوٽڪا اسان جهڙن ڇڙن لاء به آسانيون ٿا پيدا ڪن جو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي سڀ ڪم ڪرڻو پوندو آهي۔ ۽ ها شادي کانپوء زال جو هٿ ونڊائڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت اچي ته ماڻهو مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏي
جواب: گهريلو ٽوٽڪا سائين نثار ابڙو ته آهي ئي سيون اسٽار ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ کائڻ پيڻ وارن سيڪشنن جو انچارج سو سائين کي ته کائڻ پيئڻ جو ڪو مسئلو هوندو نه ٿانو ٿپا ڌوئڻ جو۔ باقي يار اسان کي ته هي ٽوٽڪا آزمائڻا ٿا پون ۽ فقير آهي بادشاه ماڻهو ۔۔۔اسان ڪهڙا ڪمينٽس ڏيون بس دوستن جي خوشي ۾ اسان به گهڻو خوش آهيون ۔۔۔۔ فقير جي هاهاها سان اسان به پنهنجا ٽهڪ ٿا ملايون ۔۔۔۔۔۔هاهاهاها