· نيرن ۾ کير، صوف، تازو جوس، بيضو ۽ کير ۾ شربت صحت لاءِ بهتر آهي. · اکين لاءِ گلاب جو عرق،چمڙيءَ لاءِ ليمي جي رس، وارن لاءِ تيل ۽ پيٽ لاءِ جيرو بهتر آهي. · کائڻ کان اڳ هميشه پاڻي پيئو ۽ کاڌو چٻاڙي کائو، ڪلونجي جا ڪجهه داڻا کاڌي سان گڏ کائڻ فائدي مند آهن. · مانجهاندي ۽ رات جي مانيءَ ۾ ڀاڄيون، داليون ۽ گوشت جو استعمال بهتر آهي. · کائڻ کان اڳ ۽ پوءِ هٿ ڌوئڻ ماني کائڻ کان پوءِ ڪا مٺي شئي کائڻ، مانيءَ بعد ڪجهه قدم هلڻ مفيد ۽ ماني کائي تڪڙ ۾ سمهڻ ۽ وهنجڻ نقصان ڪار آهي. · سياري ۾ کجي، نارنگي ۽ خشڪ ميوي جو استعمال فائدي مند آهي. · مٽيءَ جي ٺهيل ٿانوَن ۾ کائڻ پيئڻ هميشه تندرست رهڻ جي وڏي نشاني آهي. (افشان ڪلهوڙو) عوامي آواز تان ورتل
جواب: صحتمند رهڻ لاء ڪجھ ٽوٽڪا ادا وساڻ صاحب اهي ڳالهيون توهان جون ڪم واريون چئبيون، خاص ڪري مون لاء، ڇو جو مان تازو بيماري مان اٿيو آهيان ۽ مون کي ڪمزوري ختم ڪرڻ لاء اهي شيون ضرور استعمال ڪرڻ گهجن۔ ادا توهان جي مهرباني جو توهان اهيا ونڊ ونڊ ڪئي۔ مهرباني۔
جواب: صحتمند رهڻ لاء ڪجھ ٽوٽڪا ادا ممتاز مهرباني الله جا قرب جو اوهان ٺيڪ آهيو۽ سنڌ سلامت تي اسان سان گڏ آهيو۔ اوهان کي مان صبح فون ڪئي هئي پر اوهان جو نمبر مصروف مليو۔ اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي اهو ضرور ٻڌائجو ۽ پنهنجو گهڻو خيال رکجو
جواب: صحتمند رهڻ لاء ڪجھ ٽوٽڪا ادا سليمان جا ڏس پتا يار عاشق ايترا به اصل مهانگا ناهن باقي توهان جيڪو سنگنيچر ۾ لکيو آهي ته صرف ڪال نو ايس ايم ايس ، ته ادا اسان پاڻ ڪنهن ڏي ڪال ڪيو ئي نه صفا اصلي دلجا۽ ڪري ڇڏ ها ها ها سدائين گڏ
جواب: صحتمند رهڻ لاء ڪجھ ٽوٽڪا يار عاشق هنن ۾ ڪجه ٽوٽڪا سستا ۽ فريء وارا به اٿئي ۔ صرف آزمائڻ جي دير آهي هنن ۾ ڪو گهنو خرچو ڪونه ايندو صرف دل وڏي ڪر يار
جواب: صحتمند رهڻ لاء ڪجھ ٽوٽڪا سڀ سون جهڙيون ۽ هڙ ۾ ٻڌڻ جهڙيون ڳالهيون آهن ۔۔۔ رات جو سوير سمهڻ ۽ صبح جو سوير اٿڻ پڻ صحت لا مفيد آهي ۔۔۔ ننڍي لا پرائمري ۾ هڪ نظم هوندو هو؛ سوير سمهجي سوير اٿجي، اول ڌڻي جو نالو ڳنهجي، ڪوڙ نه چئجي، ڏجي نه گار، شئي چورائي ٿجي نه خوار هن نصيحت تي جو هلندو، مائٽ مٽ کي سو وڻندو رب اوهانکي هميشه صحتمند رکي ۔۔۔ آمين