نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو جيئي سنڌ گُذريل ڏينهن ۾ اسان جي هن محبتي اڱڻ جو ميمبر ٿيندڙ محترم ڊاڪٽر ذوالفقار بهڻ اسان جو خاموشي سان ميمبر ٿيو اسان کي ته خبر ئي ڪانه پئي ته هي سنڌ ڌرتي جي هڪڙي وڏي ۽ ڏاهي شخصيت آهي، الا! اسان ته سائين ذوالفقار بهڻ کي دل سان ڀليڪار به چئي ڪونه سگهياسين، اڄ فيس بُڪ تي نيٽ گردي ڪندي سائين جي تعارف تي نظر پئي ته منهنجا ته ڇيهه ئي ڇڄي پيا ته سائين ته سنڌ جو ڏاهو، اسڪالر، ايم فل پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي۔ مزي جهڙي ڳالهه ٻُڌايانوَ ته ڪالهه رات فيس بُڪ تي سائين ذوالفقار بهڻ سان چيٽنگ ڪندي سائين کان سندن جاب جي باري ۾ مون پڇيو ته سائين انتهائي سادگي سان جواب ڏنو ”ماستري“ ايتري سادگي ۔ وري جڏهن اوچتو سائين جي هن تعارف تي نظر پئي ته سائين ذوالفقار بهڻ ته اسان جي سنڌ جا وڏا ڏاها آهن۔ اسان کي افسوس آهي جو اسان ۽ سنڌ جي سموري سٿ سائين جن جو سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀرڻ تي شايانِ شان استقبال ڪري ڪونه سگهياسين شايانِ شان ڀليڪار چئي ڪونه سگهياسين۔
سائين جن جو مختصر تعارف جيڪو فيس بُڪ جي ٿورن سان هتي ونڊ ٿو ڪريان اميد ته سنڌ جي هن سنڌي ڏاهي کي اسان جي سموري سٿ پنهنجا پيار نڇاور ڪندي۔
شاعر ۽ نثر نگار،تعليمدان
جنم 01-06-1972
ايم فل
Ph.D(Teacher Education)اسڪالر
اقراء يونيورسٽي ڪراچي...جولائي..2009
اسسٽنٽ پروفيسر
گورنمينٽ ڪاليج ۡڪراچي
ڇپيل ڪتاب؛
منھنجا خواب گلابن جھڙا( شاعري)
alizulfiqar13@yahoo.com
03009276858
سائين جن جو مختصر تعارف جيڪو فيس بُڪ جي ٿورن سان هتي ونڊ ٿو ڪريان اميد ته سنڌ جي هن سنڌي ڏاهي کي اسان جي سموري سٿ پنهنجا پيار نڇاور ڪندي۔
ذوالفقار بهڻ.. شاعر ۽ نثر نگار
شاعر ۽ نثر نگار،تعليمدان
جنم 01-06-1972
ايم فل
Ph.D(Teacher Education)اسڪالر
اقراء يونيورسٽي ڪراچي...جولائي..2009
اسسٽنٽ پروفيسر
گورنمينٽ ڪاليج ۡڪراچي
ڇپيل ڪتاب؛
منھنجا خواب گلابن جھڙا( شاعري)
alizulfiqar13@yahoo.com
03009276858