2010ع ڳرو سال، 12 عبادت گاهن تي حملا! پاڪستان ۾ هلندڙ سال جيڪو هاڻي تقريبن پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو آهي، ان دوران دهشت گردن هٿان عبادت گاهون به محفوظ نه رهي سگهيون ۽ 15 ڊسمبر تائين ملڪ جي مختلف عبادت گاهن تي مجموعي طور دهشت گرديءَ جا 12 واقعا ٿيا، جن ۾ 356 ماڻهو مارجي ويا ۽ 612 ماڻهو زخمي ٿيا. سال 2010ع جي مختلف مهينن دوران اڻ ڄاتل دهشت گردن 10 شهرن جي 9 مسجدن، امام بارگاهن، عبادت گاهن ۽ ٽن مزارن کي پنهنجي دهشت گرديءَ جو نشانو بڻايو. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پهرين جنوري کان 15 ڊسمبر 2010ع جي وچ ۾ 12 دهشت گرد حملن ۾ ايوريج جي لحاظ کان هر مهيني 30 ماڻهو مارجي ويا. پهريون آپگهاتي حملو 18 فيبروري تي خيبر ايجنسي جي وادي تيراهه جي علائقي دتاخيل جي مسجد ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 38 ماڻهو مارجي ويا ۽ 121 زخمي ٿيا، ٻيو حملو 28 مئي تي لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو ۽ ماڊل ٽائون جي عبادت گاهن ۾ ٿيو، هي قاديانين جون عبادت گاهون هيون، حملن ۾ مجموعي طور 114 ماڻهو حياتين تان هٿ ڌوئي ويٺا جڏهن ته 117 زخمي ٿيا، ڳڙهي شاهو ۾ مارجي ويلن جو انگ 84 جڏهن ته ماڊل ٽائون ۾ 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، پهرين جولاءِ تي لاهور جي داتا درٻار ۾ ٽيون حملو ٿيو، جنهن دوران هڪ ٻئي پٺيان ٻه آپگهاتي ڌماڪا ڪيا ويا، جن ۾ 51 ماڻهو مارجي ويا ۽ 121 زخمي ٿيا، هڪ حملي آور پاڻ کي درٻار جي تهه خاني ۽ ٻئي اڱڻ ۾ زائرين جي وچ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو هو. جولاءِ 14 تي دهشت گردي جو هڪ ٻيو واقعو لنڊي ڪوتل جي هڪ مسجد ۾ نماز وقت پيش آيو. زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿيا، اهڙيءَ طرح 18 جولاءِ تي هڪ ٻيو دهشت گرد واقعو ٿيو. سرگوڌا جي هڪ امام بارگاهه ٻاهر آپگهاتي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا ۽ 22 زخمي ٿيا، 23 آگسٽ تي دهشت گردي جي واقعي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سميت 36 ڄڻا مارجي ويا ۽ 43 زخمي ٿيا، ڄاڻايل واقعو وانا جي علائقي ۾ مسجد اندر ڪيو ويو. 26 سيپٽمر تي اٺين واقعي ۾ بهاول پور جي مسجد تي حملي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿيا، 7 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار تي آپگهاتي حملي ۾ 17 ماڻهو مارجي ويا ۽ 72 زخمي ٿيا، هي نائون واقعو هو. 25 آڪٽوبر تي ڏهين واقعي ۾ پاڪپتن ۾ حضرت بابا فريد گنج شڪر جي مزار جي اوڀرندي دروازي تي بم ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿيا. 5 نومبر تي دره آدم خيل جي مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران 16 ورهين جي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 76 ماڻهو مارجي ويا ۽ 82 زخمي ٿيا. ٻارهين واقعي ۾ 5 نومبر تي ئي پشاور جي علائقي بڊه بير جي مسجد تي دستي بم حملي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿيا هئا. انگن اکرن موجب آمريڪا ۾ نائين اليون جي دهشت گرد حملن ۽ ان جي نتيجي ۾ افغانستان تي آمريڪا جي ڪارروائين کان پوءِ اهڙن 65 حملن ۾ هيل تائين 1500 پاڪستاني مارجي ويا ۽ 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ان حوالي سان وڌيڪ يعني 21 حملا پختون خواهه ۾ ٿيا، ٻئي نمبر تي پنجاب رهيو، جتي 17 دهشت گرد حملا ٿيا، ان کان پوءِ سنڌ ۾ 11، فاٽا ۾ 11، بلوچستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ دهشت گرد حملو ٿيو. هن سايٽ تان ورتل:http://awamiawaz.com/2010/December/22nd/digest/02.htm
جواب: 2010ع ڳرو سال، 12 عبادت گاهن تي حملا! ادا الله رحم ڪري۔۔۔۔اڳتي ائين نه ٿي۔۔۔۔2011 جي لا رب کان دعا آهي ته امن جو سال ثابت ٿئي۔