• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2010ع ڳرو سال، 12 عبادت گاهن تي حملا!

جواد رضا

سينيئر رڪن
2010ع ڳرو سال، 12 عبادت گاهن تي حملا!

پاڪستان ۾ هلندڙ سال جيڪو هاڻي تقريبن پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو آهي، ان دوران دهشت گردن هٿان عبادت گاهون به محفوظ نه رهي سگهيون ۽ 15 ڊسمبر تائين ملڪ جي مختلف عبادت گاهن تي مجموعي طور دهشت گرديءَ جا 12 واقعا ٿيا، جن ۾ 356 ماڻهو مارجي ويا ۽ 612 ماڻهو زخمي ٿيا. سال 2010ع جي مختلف مهينن دوران اڻ ڄاتل دهشت گردن 10 شهرن جي 9 مسجدن، امام بارگاهن، عبادت گاهن ۽ ٽن مزارن کي پنهنجي دهشت گرديءَ جو نشانو بڻايو.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب پهرين جنوري کان 15 ڊسمبر 2010ع جي وچ ۾ 12 دهشت گرد حملن ۾ ايوريج جي لحاظ کان هر مهيني 30 ماڻهو مارجي ويا. پهريون آپگهاتي حملو 18 فيبروري تي خيبر ايجنسي جي وادي تيراهه جي علائقي دتاخيل جي مسجد ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 38 ماڻهو مارجي ويا ۽ 121 زخمي ٿيا، ٻيو حملو 28 مئي تي لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو ۽ ماڊل ٽائون جي عبادت گاهن ۾ ٿيو، هي قاديانين جون عبادت گاهون هيون، حملن ۾ مجموعي طور 114 ماڻهو حياتين تان هٿ ڌوئي ويٺا جڏهن ته 117 زخمي ٿيا، ڳڙهي شاهو ۾ مارجي ويلن جو انگ 84 جڏهن ته ماڊل ٽائون ۾ 30 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، پهرين جولاءِ تي لاهور جي داتا درٻار ۾ ٽيون حملو ٿيو، جنهن دوران هڪ ٻئي پٺيان ٻه آپگهاتي ڌماڪا ڪيا ويا، جن ۾ 51 ماڻهو مارجي ويا ۽ 121 زخمي ٿيا، هڪ حملي آور پاڻ کي درٻار جي تهه خاني ۽ ٻئي اڱڻ ۾ زائرين جي وچ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو هو. جولاءِ 14 تي دهشت گردي جو هڪ ٻيو واقعو لنڊي ڪوتل جي هڪ مسجد ۾ نماز وقت پيش آيو. زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿيا، اهڙيءَ طرح 18 جولاءِ تي هڪ ٻيو دهشت گرد واقعو ٿيو. سرگوڌا جي هڪ امام بارگاهه ٻاهر آپگهاتي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا ۽ 22 زخمي ٿيا، 23 آگسٽ تي دهشت گردي جي واقعي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سميت 36 ڄڻا مارجي ويا ۽ 43 زخمي ٿيا، ڄاڻايل واقعو وانا جي علائقي ۾ مسجد اندر ڪيو ويو. 26 سيپٽمر تي اٺين واقعي ۾ بهاول پور جي مسجد تي حملي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿيا، 7 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار تي آپگهاتي حملي ۾ 17 ماڻهو مارجي ويا ۽ 72 زخمي ٿيا، هي نائون واقعو هو. 25 آڪٽوبر تي ڏهين واقعي ۾ پاڪپتن ۾ حضرت بابا فريد گنج شڪر جي مزار جي اوڀرندي دروازي تي بم ڦاٽڻ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿيا.
5 نومبر تي دره آدم خيل جي مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران 16 ورهين جي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 76 ماڻهو مارجي ويا ۽ 82 زخمي ٿيا. ٻارهين واقعي ۾ 5 نومبر تي ئي پشاور جي علائقي بڊه بير جي مسجد تي دستي بم حملي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ 17 زخمي ٿيا هئا.
انگن اکرن موجب آمريڪا ۾ نائين اليون جي دهشت گرد حملن ۽ ان جي نتيجي ۾ افغانستان تي آمريڪا جي ڪارروائين کان پوءِ اهڙن 65 حملن ۾ هيل تائين 1500 پاڪستاني مارجي ويا ۽ 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ان حوالي سان وڌيڪ يعني 21 حملا پختون خواهه ۾ ٿيا، ٻئي نمبر تي پنجاب رهيو، جتي 17 دهشت گرد حملا ٿيا، ان کان پوءِ سنڌ ۾ 11، فاٽا ۾ 11، بلوچستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ دهشت گرد حملو ٿيو.

هن سايٽ تان ورتل:http://awamiawaz.com/2010/December/22nd/digest/02.htm
 
جواب: 2010ع ڳرو سال، 12 عبادت گاهن تي حملا!

ادا الله رحم ڪري۔۔۔۔اڳتي ائين نه ٿي۔۔۔۔2011 جي لا رب کان دعا آهي ته امن جو سال ثابت ٿئي۔
 
Back
Top