او چنڊ جهڙا سهڻا سڄڻ، تون سان پيار آ مون کي مدت کان، توکي چاهيو آ مون تن من سان، مون کي پنهنجو پيار سڃڻ تون ڏي، منهنجي چاهت کي ڌتڪار نه ڏي، تنهنجي سوچن ۾ ٿيون راتون ڪٽن، تنهنجي ياد آ هر پل ذهن ۾ وسيل، مون کي پيار نه ڪر تون ڀل او سهڻا، پر مون سان ڳالهائڻ کان انڪار نه ڪر، تون منهنجي ٿي يه مون کي پنهنجو ڪر، مون کي تنها رهڻ جو عادي نه ڪر، تون بس باب پڙهيو آ چاهت جو، مون چاهت کي اپنايو آ، ان درد جي ديوي کي مان او سڄڻ، پنهنجي اندر ۾ وسايو آ۔۔۔۔۔۔۔!
جواب: او چنڊ جهڙا سهڻا سڃڻ، دريا خان جي شاعري جو وهڪرو به درياهه جيئان آهي جو جڏهن پاڻي وڌي ويندو آهي ته ڪنارن کان مٿي ٿي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو آهي ۔۔۔ دريا خان جا جذبا به جڏهن سندس من جي ميدان کان وڌي ويا آهن ته انهن کي لفظن جي روپ ۾ ٻاهر ڪڍي ٻوڙان ٻوڙ ڪئي اٿس ۔۔۔ سٺا جذبا آهن، پر شايد ادو اڃان ڪمپيوٽر جي لکڻ پڙهڻ واري ڏان ۾ نئون آهي انڪري، لفظن ۾ ڪٿي ڪي ڪچايون رهجي ويون آهن ۽ ان گيت جي پيشڪش ايتري سهڻي نه ڪري سگهيو آهي ۔۔۔ اڄڪلهه ڏيکا جو زمانو آهي، جيستائين ڪنهن شئي کي سهڻي انداز سان پيش نٿو ڪجي ته انجو اثر به گهٽ ٿئي ٿو ۔۔ ادا دريا خان، اوهانجا لک ٿورا جو اوهان پنهنجا ڪلام اسان سان ونڊ ڪيو ٿا ۽ هڪ عرض ته جڏهن ڪا شاعري ڪريو ته ڪنهن تجربيڪار شاعر کي هڪ دفعو وڃي ڏيکاريندا ڪريو ان سان گيت جي اصلاح به ٿيندي ۽ اوهانکي به شاعري جون هيٺ مٿاهيون سکڻ جو موقعو ملندو ۔۔۔ ڇاڪاڻ سکڻ جو سلسلو تا حيات آهي ۔۔۔ رب اوهانجي جذبن کي قائم ۽ دائم رکي ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: او چنڊ جهڙا سهڻا سڄڻ، سائين نثار ابڙو صاحب، ايڏي پياري انداز ۾ سمجهاڻي ڏيڻ جا قرب لک ٿورا ڀا، آئون هن ادهوري شاعري کي لکڻ کان پو پروف ريڊ ڪرڻ وسري ويس ۽ فارم تي چاڙهي ڇڏيس، غلطيون ٿوريون نه بيحد آهن اڄ چڏهن ٻيهر پڙهيس ته احساس ٿيو۔ توهان جي مان ڀري سمجهاڻن جو ٿورائتو آهيان۔ توهان جو ڀا دريا خان ڀٽو۔۔۔۔!