منهنجو نالو علي اڪبر آهي آئون گهر جو تڙيل آهيان مهرباني ڪري ڪنهن دوست وٽ ڪا رهائيش هجي ته منهنکي ضرور ٻڌايندا ته اصل اوهان دوستن جو ٿورائيتو رهندس منهنجو پي مونسان نه ٿو ڳالهائي ڪو هن کي سمجهائي :bz:bz:bz
جواب: منهنجو تعارف [justify] آريا ٿڌ کان ڀڳا ته اچي سنڌ پهتا، اڪبر بادشاه کي تڙيو ويو ته اچي سنڌ ۾ رهيو، هند جي مسلمانن کي نه تڙيو ويو تڏهن به اچي سنڌ ۾ رهيا، افغانين جو جهيڙو ٿيو ته به اچي سنڌ ۾ رهيا، مطلب ته جيڪو گهر کان رسي سو سنڌين جي ڳيچي ۾ ۔۔۔ پر ادو اڪبر ته پاڻ سنڌي آهي گهران رٺو آهي هاڻ ڪيڏانهن وڃي ؟ ڀلا اڪبر بادشاه آهي ڪهڙي سلطنت کان نڪتل ۔۔۔؟ ته ان سلطنت ۾ موجود ڪنهن فقير کي عرض ڪجي ته پاسي واري پلاٽ تي اوهانجو به ٺيلهو لڳائي ۔۔۔ ۽ پو ”ڏئي وڃ بابا نالي الله جي“ ۔۔۔ باقي ننگر پاڻي ڪنهن صوفي جي درگاهه تي جام ملي ويندو آهي ۔۔۔ ادا اڪبر اوهانکي سنڌ سلامت جي هن فقيراڻي اڱڻ تي ڀليڪار، هن اوطاق تي اچي اوهان ڀلو ڪيو آهي جو گهر کان رسڻ کانپو هي واحد اوطاق آهي جت اوهانکي اسانجا مست، مولائي، درويش، جوڳي ۽ فقير دوست پنهنجي جي ۾ جايون ڏيندا ( ها رلهي پنهنجي پاڻ سان ضرور کڻي ايندا) ۽ اوهانجو وقت سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ ۾ گذرندو ۔۔۔ اميد ته دوستن سان ساٿ نڀائيندا ۔۔۔ باقي پنهنجي بابي سائين سان پاڻ پڄندا جو اسين پاڻ پنهنجن بابن کي سنڀالي ڪون سگهندا آهيون ۽ وقت تي لٺ باٺي جو سٽڪو ٿي ويندو آهي ۔۔۔ اسانجو نعرو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت دعائن ۾ گڏ[/justify]
جواب: منهنجو تعارف ادا اوهانجو تعارف۔۔۔۔۔؟ ادا اسان اوهانکي هن محبتي ۽ محنتي اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئو۔۔۔ادا پنهنجو تعاف ڪرايو ته اوهان جي لا ڪجھ نه ڪجھ ڪيون۔۔۔مطلب رهائش جو بندو بست وغيره۔۔۔۔
جواب: منهنجو تعارف دوست پنهنجو پورو تعارف ڪرائيندو ته ڳاله سمجه ۾ ايندي باقي ان حال ۾ ته فقير ئي ڪا ڳجهارت ڳڻي سگهي ٿو۔ تنهنڪري ٻنهي فقيرن لوڪل ۽ انٽرنيشنل کي گذارش ته بابا ڪو ڦيڻو ڪو ٽوڻو ڪريو ته ادي جو ڪم ٿئي۔
جواب: منهنجو تعارف ادا توهان جي ڳالهين مونکي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، سانين ان ڪري مان هن محبتي اڱڻ ۾انٽري ڪئي ۽ سنڌ سلامت ۾ اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي هي ٿورو اسان جو هن پياري سنڌ سلامت سان خوشي وکيرڻ خاطر ٽوپڪ ٺاهيو هو اميد آهي ناراض نه ٿيندا، توهان جو پيارو دوست علي اڪبر پهوڙ
جواب: منهنجو تعارف ادا علي اڪبر پهوڙ صاحب اسان اوهان کي هن محبتي اڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون ادا علي اڪبر پهوڙ صاحب توهان جو ٽاپڪ واقعي به سڀني کان منفرد آهي ادا علي اڪبر اسان کي اوهان جي تحريرن جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: منهنجو تعارف ادا علي اڪبر ڀلي ڪري آيا جاني ۔۔ ادا اوهان لکيو ته اوهان گهر جا تڙيل آهيو سو اوهان جي نه ٻڌايو ها ته به اوهان جي گنجي واري تصوير مان اسان کي اهو اندازو ٿي ويو هو ته هههههههههههه ادا اوهان مذاق خاطر هي ٿريڊ ٺآهيو ڪا ڳاله ناهي هي اوهان جو پهنجو ئي اڳڻ آهي هتي اوهان کي اوهان جهڙا ڪيئي پيار دوست ملندا جيڪي اوهان کان به وڌيڪ مذاقي هوندا اوهان کي پيار ڏيندا ۔۔ ادا پر جي اوهان سچ پچ به گهران ڪاوڙيل هجو ها ته به اسان جي سنگت لاء ڪوبه مسئلو نه هو اوهان پنهنجي والد صاحب جي ايڊريس ڏيو ها اسان وٽ هڪڙو لڪل چاهت مطلب ته قمبراڻي صاحب آهي جنهن جو ڪم ئي رٺلن کي پرچائڻ آهي اهو جنهن جي گهر هڪ دفعو پرچائڻ ويندو آهي مجال آهي جو اهي ٻيهر وڙهي وڃن يا وري رسن ڇو ته ان جو ناشتو ئي ايترو مهانگو پوندا آهي انهن کي جو هو ٻيهر ناراض ئي ناهن ٿيندا ۔۔ سوا ادا ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا جاني ۔۔ اوهان جي شيئرنگ جو انتظار رهندو
جواب: منهنجو تعارف ادا ڀا مون کي ڪنهن ڪم سانگي سان اسلام آباد وڇڻو هيو تنهن ڪري ڀائرن کان جدا رهيا سين، هاڻ اهي اميد مون مان توهان رکي سگهو ٿا ته شال اسان هڪ ٻئي کان جدا نه رهون۔ باقي ڪچهريون قائم رهنديون۔۔