اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسِرو؛
خالِقَ! تُنهِنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪوءِ؛
نالو، ربَّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.

الله پاڪ جا اڻ ڳڻيا احسان جيڪو اسان جون دعائون اگهائي ٿو .
ڪاله صبح جو مان ۽ غلام مرتضى وساڻ پنهنجي ڊرائيور سان گڏ ڪراچيء کان پنهنجي ڳوٺ خيرپور لاء پنهنجي ڪار ۾ روانا ٿياسين ته سعيد آباد ۽ سڪرنڊ جي وچ تي ٽرالر واري جي غلط اوور ٽيڪنگ سبب اسان جي گاڏيء کي پاسو لڳو.
رب پاڪ جي مهربانيء سان اسان سڀ خيريت سان رهياسين جيتوڻيڪ گاڏيء جو گهڻو نقصان ٿيو. ڪجھ معمولي قسم جون سڪيون چوٽون آيون باقي ڪا به خطري واري ڳاله ڪونهي.
مان شڪرگذار آهيان الله پاڪ جو جنهن هيڏي ساري حادثي ۾ به اسان کي محفوظ رکيو. مان شڪر گذار آهيان اسان جي سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ۽ تمام پياري ماڻهوء سائين مولوي رحيم بخش صاحب جن جو جيڪي فوري مونسان رابطي ۾ آيا ۽ پنهنجي گاڏي کڻي موري شهر مان هلي پنهنجي دوستن سان گڏ اسان جي مدد لاء پهتا. سائين جن رات جو 11 بجي تائين نه صرف گڏ رهيا پر هر قسم جي مدد ڪيائون ، خدمت ڪيائون ۽ گاڏيء کي سڪرنڊ تائين مڪينڪ تائين پهچايائون.
مان شڪر گذار آهيان اسان جي منتظم ادا رشيد سمون جو جيڪو شروع کان وٺي رات 3 بجي تائين رابطي ۾ رهيو ۽ مشورا ڏيندو رهيو. ٿورا سائين نثار ابڙي جا جنهن مڪي پاڪ کان فون ڪري منهنجي خيريت پڇي ۽ ڪافي پريشان نظر آيا. ٿورا ڀاء عاشق سولنگيء جا ، اسد ميرجت مست جا ، ادا طاهر سنڌيء جا ، جاويد قاضي صاحب جا جن نه صرف فون ڪيو پر گهڻيون دعائون گهريون. مان ادا رشيد کي عرض ڪيو هو ته هنن جيڪو ٿريڊ هلايو آهي ان کي هائيڊ ڪن ڇو ته دوست ڪافي پريشان پئي ٿيا ۽ منهنجي فون تي ڪالز جو تعداد وڌڻ سبب بيٽري به ڪم ڇڏي رهي هئي. ٿورا سنڌ سلامت جي سموري سٿ جا به جن منهنجي خيريت لاء دعائون گهريون .
مان هتي ايس ايس پي موٽر وي سائين ڊاڪٽر ولي الله دل صاحب جن جو ، ايس پي سائين گل بيگ جتوئي صاحب جو ۽ موٽروي سڪرنڊ جي ايڊمن سائين طيب ڪوريجو جن به ذڪر ضرور ڪندس جن گهڻي مدد ڪئي.
مان هن وقت بلڪل خيريت سان آهيان ۽ ڪراچيء ۾ پنهنجي گهر آهيان.
رب پاڪ جا احسان جنهن اسان کي پنهنجي امان ۾ رکيو. دعا آهي ته رب پاڪ سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي.

جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛
رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛
ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.