• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواب اڪبر جو پوٽو شاهه زين بگٽي 40 ساٿين سميت گرفتار

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
ڪوئيٽا (م ڊ): ڪوئيٽا ويجهو جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ شاهه زين بگٽي جي گاڏي مان هٿيار هٿ اچڻ تي ايف سي کيس 40 ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جمهوري وطن پارٽي بلوچستان جو صدر شاهه زين بگٽي قافلي جي شڪل ۾ چمن کان ڪوئيٽا طرف اچي رهيو هو ته بليلي چيڪ پوسٽ وٽ ايف سي اهلڪارن کيس روڪي گاڏين جي تلاشي ورتي، تلاشي دوران شاهه زين بگٽي جي گاڏي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ ايف سي اهلڪارن شاهه زين بگٽي ۽ سندس 40 ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو، آءِ جي ايف سي جو چوڻ آهي ته شاهه زين بگٽي جي گاڏي مان وڏي تعداد ۾ غيرقانوني هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته شاهه زين بگٽي جي گاڏي مان غيرقانونيي هٿيار هٿ اچڻ تي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ واقعي جي جاچ لاءِ متحرڪ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏيندي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، گهرو وزارت جي پڌرائي مطابق رهمان ملڪ آءِ ايس آءِ، آءِ بي ۽ ايف سي تي مشتمل گڏيل ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، گرفتار جوابدار پوليس جي تحويل ۾ رهندا، ايف سي عملدارن جو چوڻ آهي ته شاهه زين بگٽي کي موقعو ڏيون ٿا ته هو انهن هٿيارن جا لائسنس ڏيکاري، اسان معاملي جي تحقيقات چاهيون ٿا، جڏهن ته 3 ڪلاڪ ڳالهين کان پوءِ شاهه زين جي گاڏي جي تلاشي ورتي وئي، ان دوران هن ڀڄڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ايف سي کيس روڪي گاڏي جا شيشا ٽوڙي کيس گرفتار ڪيو.








عوامي آواز
 
Back
Top