نثارابڙو
نائب منتظم
نوجوان؛ سائين، مونکي وقت ٻڌائڻ جي زحمت ڪندا؟
پوڙهو؛ بلڪل نه،
نوجوان؛ سائين، پر ڇو، اوهان وقت ٻڌائيندا ته اوهانکي ڪهڙو نقصان ٿيندو؟
پوڙهو؛ جي بلڪل، متان مونکي نقصان ٿئي جيڪڏهن آءُ توکي وقت ٻڌايان
نوجوان؛ سائين، پر اوهان اهو ٻڌائيندا ته ڪيئن؟
پوڙهو؛ ڏس! جيڪڏهن آءُ توکي وقت ٻڌائيندس ته پڪ سان تون مهرباني مڃيندي، ۽ ممڪن سڀاڻي به تون مونکان وقت پڇندي.
نوجوان؛ جي ممڪن آهي؟
پوڙهو؛ ممڪن اسين ائين ٻه ٽي دفعا ملنداسون ته اوهان مونکان نالو ۽ پتو پڇندا.
نوجوان؛ جي ممڪن آهي؟
پوڙهو؛ هڪ ڏينهن ممڪن تون منهنجي گهر اچين ۽ چوين ته مان هتان گذران پيو سو سوچيم ته اوهانکي سلام ڪندو وڃان. ۽ مونکي اخلاقن توکي چانهن جي صلاح ڪرڻي پوندي، ۽ منهنجو اهو اخلاق ڏسي تون وري اچڻ جي ڪوشش ڪندي، هن دفعي تون چانهن جي تعريف ڪندي ۽ پڇندي ته ڪنهن ٺاهي آهي؟
نوجوان؛ جي ممڪن آهي؟
پوڙهو؛ پوءِ مونکي ٻڌائڻو پوندو ته منهنجي ڌيءَ چانهن ٺاهي آهي ۽ ممڪن مونکي پنهنجي سهڻي ڌيءَ سان تنهنجو تعرف ڪرائڻو پوي ۽ تون منهنجي ڌيءَ جي تعريف ڪندي.
نوجوان؛ ٿورڙي مشڪ آندي
پوڙهو؛ اڳتي تون منهنجي ڌيءَ سان ملڻ پسند ڪندي ۽ کيس تون ٻاهر فلم ڏسڻ جي دعوت ڏيندي.
نوجوان؛ ٿورڙي مشڪ آندي
پوڙهو؛ ممڪن مون واري ڌيءَ توکي پسند ڪرڻ شروع ڪري ۽ تنهنجا انتظار ڪرڻ لڳي، ۽ اهڙين ملاقاتن سان اوهانجو پيار ٿي وڃي ۽ تون کيس شاديءَ جي دعوت ڏيندي.
نوجوان؛ ٿورڙي مشڪ آندي
پوڙهو؛ هڪ ڏينهن اوهين ٻئي ايندا ۽ مونکي پنهنجي پيار جو ٻڌائيندا ۽ شاديءَ جي اجازت گهرندا.
نوجوان؛ ٿورڙي مشڪ آندي ۽ چيائين ٿي سگهي ٿو
پوڙهو؛ (ڪاوڙ ۾) نوجوان، آءُ ڪڏهن به پنهنجي ڌيءِ جي شادي اهڙي ماڻهونءَ سان نه ڪندس جيڪو ٻيو ته ٺهيو پنهنجي واچ به وٺي نٿو سگهي.