• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستاني ٽيڪنالاجي ذريعي بليڪ بيري ۾ فوٽو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر تيار

رياض حسين گلال

سينيئر رڪن
پاڪستان ٽيڪنالاجي ذريعي بليڪ بيري موبائل ۾ فوٽو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر متعارف ڪيو ويو آهي، پاڪستاني ٽيڪنالاجي فرم پاران اهو فوٽو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر متعارف ڪرائڻ بعد اها ڪمپني بليڪ بيري موبائل وڪرو ڪندڙ وڏي ڪمپني بڻجڻ جو امڪان آهي، لاهور ۾ موجود ان ڪمپني جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سندن فوٽو ايڊيٽر بليڪ بيري کيس سمورن شعبن ۾ ڪارآمد بڻائيندو، ان ڪمپني جي هڪ آفيسر ماه زهريٰ حسين جو چوڻ آهي ته بليڪ بيري ۾ فوٽو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر تيار ڪرڻ پاڪستاني آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ هڪ خوشي جوڳو قدم آهي ۽ اسين سمجهون ٿا ته اسان جو اهو ڪارنامو سڄي دنيا ۾ پهريون ڪارنامو آهي، ان فوٽو ايڊيٽر ذريعي ڪراپ، روٽيٽ، برائيٽ نيس، ڪنٽراس، ري ڪلر ۽ ري سائيز جا آپشن استعمال ڪري تصويرن کي پنهنجي مرضي سان خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو، اهو سافٽ ويئر تيار ڪندڙ ڪمپني هڪ سال اڳ وجود ۾ آئي آهي ۽ ان ڪمپني جو چوڻ آهي ته انهن بليڪ بيري ۽ آءِ فونز ۾ هڪ سئو موبائل ايپليڪيشنز تيار ڪيون آهن جيڪي موبائل جي دنيا ۾ انقلابي قدم آهي.
روزاني ڪاوش جي ٿورن سان .....
 
جواب: پاڪستاني ٽيڪنالاجي ذريعي بليڪ بيري ۾ فوٽو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر تيار

ادا ڳالهيون بليڪ بيري جو نه ڪر يار۔۔۔۔۔
 
جواب: پاڪستاني ٽيڪنالاجي ذريعي بليڪ بيري ۾ فوٽو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر تيار

في الحال ته چند سالن تائين پاڪستان جي اڪثريت ۾ بليڪ بيري جي قوت خريد مشڪل آهي۔۔
 
Back
Top