زرعي ڪيميا جا هاڃا ۽ اسان جو ماحول پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر [JUSTIFY] سائنسي ترقي انسان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي، پر بدقسمتي سان سائنسي ترقي مسئلا به پيدا ڪيا آهن. سائنس، زراعت جي شعبي ۾ وڏو انقلاب ته ضرور آندو آهي، پر انساني جياپي کي جوکو رسائيندڙ خطرا به پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اڄ اسين جڏهن ماحول جي ڳالهه ٿا ڪريون، جنهن ۾ انسان، جانور، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، زمين، هوا، پاڻي وغيره جيڪو گڏجي عمل ۽ ردعمل ڪن ٿا، ته ڪا اهڙي شيءِ ياد نه ٿي پوي، جيڪا سائنس جي ان اثر جي ور نه چڙهي هجي. اڄ اسان جي ٽيڪنالاجي ان حد تائين پهچي ويئي آهي، جو پاڻ انسان هزارين قسمن جا اهڙا ڪيميڪل ايجاد ڪيا آهن، جن کي ٺاهڻ لاءِ رات ڏينهن ڪارخانا ڪم پيا ڪن، جنهن جي دونهين ۽ گدلاڻ سبب هي ڌرتي ۽ هتان جو ماحول نقصان جي ور چڙهڻ واري مقام کان وڌي، خود هاڃيڪار بڻجندو پيو وڃي. ان طرح ۽ اهڙن ٻين گهڻن ئي ڪارنامن جي نتيجي ۾ اسانجي ڌرتي، اسانجي آب و هوا متاثر ٿي رهي آهي. ان ڪري ماحوليات جا ماهر چون ٿا ته گرين هائوس افيڪٽ (Green house effect) جي صورتحال پيدا ٿي پئي آهي. ايئرڪنڊيشنڊ کڏين ۾ ماڻهو آرام ته محسوس ڪن ٿا، پر انهن ئي ايئرڪنڊيشنرز ۾ جيڪا گئس استعمال ٿئي ٿي، سا جڏهن هوا ۾ ٻاهر پهچي ٿي ته ان جو اوزون ليئر تي نهايت گهرو اثر ٿئي ٿو، جيڪا خطرناڪ شعائن کان ڌرتي جي جيوت کي بچائي ٿي. ان جي نتيجي ۾ اوزون جي تهه ۾ وڏا سوراخ پئجي رهيا آهن. جيڪڏهن اوزون جي تهه ختم ٿي ويئي ته فطري نظام ۽ زندگي لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ هاڻ دنيا ۾ پائدار ترقي کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي ٿي، اها ترقي جيڪا زمين جي وسيلن کي ڪفايتي طريقي سان خرچ ڪري ۽ هزارين سالن تائين ايندڙ نسلن لاءِ ضمانت هجي ته اهي به ان مان فائدو حاصل ڪندا رهندا. اسان جي ملڪ ۾ زرعي ڪيميڪلز ۽ دوائن تي ايترو ته زور آهي جو انهن جا اشتهار هڪ طرف اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي زينت بڻجن ٿا، ته ٻئي طرف اهي زهر جڏهن فصلن تي استعمال ڪجن ٿا ته انهن جا تمام گهڻا هاڃيڪار نتيجا نڪرن ٿا. سنڌ جي ننڍن آبادگارن ۽ زميندارن جي خواهش هوندي آهي ته هو وڌ ۾ وڌ اپت حاصل ڪن، جنهن لاءِ اهي وڌ کان وڌ دوائن ۽ ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال ڪندا آهن. ان سان ڌرتي ۽ ان جي رهندڙن تي ڪهڙا اثر پون ٿا، تنهن سان ڄڻ انهن جو ڪو سروڪار ئي ناهي. ڪو زمانو هو جو ٻهراڙي جي آبهوا کي صاف سٿرو ۽ آلودگي کان پاڪ سمجهيو ويندو هو، پر هن وقت زهريلين دوائن ۽ ٻين زهريلن ڪيميائي مادن جي استعمال سان هڪ طرف زميني پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف اسان جو ماحول تباهه ٿي رهيو آهي. اسان جا آبادگار معلومات جي کوٽ سبب فصلن تي بنا سوچ ۽ سمجهه جي بي انتها زهر استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سان ڪڻڪ، ونئوڻ ۽ ڀاڄين جي ٻوٽي تي پلجندڙ دشمن ڪيڙو ته مري ٿو وڃي، پر فصل جو دوست ڪيڙو به تباهه ٿيو وڃي. ان زهر جو 95 سيڪڙو ٻوٽي کان ٻاهر زمين، هوا ۽ پاڻي ۾ ٿو وڃي. جڏهن به زهريلي دوا جو اسپري ڪجي ٿو ته ان جو ٿورو حصو ٻوٽي تي لڳي ٿو ۽ باقي پاڻي، زمين ۽ هوا ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. ساڳي زهر زمين جي اندروني پاڻي واري سطح تي پهچي ٿو، جنهن سان جَر جو پاڻي به زهريلو ٿي وڃي ٿو. نلڪي يا کوهه جو پاڻي هجي، پر زهريلين دوائن جو اثر ان پاڻي ۾ به شامل آهي. نه صرف زهريلين دوائن جو ماحول تي وڏو هاڃيڪار اثر آهي، پر زهريلين دوائن سبب جيڪي بيماريون ڦهلجن ٿيون، تن جي لسٽ به ڊگهي آهي. خاص ڪري بيهوشي، گلي، ڇاتي، رت ۽ گڙدن جو ڪينسر، ٻارن ۾ رت نه ٺهڻ يا رت جي کوٽ وغيره جهڙيون بيماريون انهن ئي زهريلين دوائن ۽ ڪيميائي مادن جو نتيجو آهن. هڪ طرف انهن دوائن جو اثر سڌي طرح انسانن تي پوي ٿو، ته ٻئي طرف انهن دوائن جي استعمال سان جاندار، جنهن ۾ چوپايو مال، پکي پکڻ به آهن، متاثر ٿين ٿا. سول سوسائٽي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي سنڌ جي آبادگارن کي معلومات پهچائڻ ضروري آهي ته جيئن پنهنجي ايندڙ نسل کي ان گدلاڻ کان بچائي سگهجي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان