ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
هڪ تحقيق (وڊيوز ) شهيد جنرل هوش محمد شيدي
هوش محمد شيدي هڪ بهادر، غيرت مند سنڌ جو سپاهي هو۔هي ٽالپر فوج جو ليڊر هو ۽ حڪومت برطانيه جي خلاف مياڻي ۽ دٻي ۾ خوب لڙيو۔هوش محمد شيدي وارا قمبراڻي ذات جا سڏيا ويندا آهن ۽ گهر ۾ سرائڪي پڻ ڳالهائيندا آهن۔ ۽ هوش محمد شيدي جو جڳ مشهور سرائڪي نعارو اوهان به ٻڌو هوندو
مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون
هوش محمد پنهنجي بهادري همت ۽ وطن سان پيار جو ثبوت ڏيندي 24 مارچ 1843ع تي دٻي جي شڪست واري صورت حال کي سنڌ جي نه وسرندڙ فتح واري صورت ۾ تبديل ڪري پنهنجو ۽ سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو۔ هوش محمد شيدي جي بهادري کي سر جيڪب ڏسي ائين چوڻ تي مجبور ٿيو ته مون سترهن جنگون لڙيون آهن مگر هوش محمد شيدي جهڙو بهادر ماڻهون مون پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏٺو ۽ سندس بهادري ۽ بي خوفي جي ڪري مون کي کيس سان نفرت ۽ ساڙ اڃان به وڌي ويو آهي۔ هوش محمد شيدي مياڻي جي جنگ جيڪا 17فيبروري 1843ع ۾ انگريز ۽ ٽالپرن وچ ۾ لڳي هئي ان ۾ به انگريزن کي ٽوٽا چٻرايا هئا۔ ۽ اهڙن سنڌ جي جوڌن جوانن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو هوش محمد شيدي سنڌ جو هڪ اهڙو ڪردار رهيو آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون هميشه ناز ڪندا رهيا آهن ۽ ناز ڪندا رهندا۔ هوش محمد شيدي تي محققن لکيو آهي مگر اهو به تمام گهٽ لکيو ويو آهي، جنهن تي ڪم ٿيڻ لازمي آهي ۽ اميد آهي ته ڪي اهڙا جوڌا ۽ جاکوڙي هن ميدان ۾ ايندا جيڪي هوش محمد جي زندگي تي تحقيقي ڪم ڪندا۔۽ سندس مڪمل سوانح ۽ خاندان بابت ڪا تحقيقي تاريخ سامهون آڻيندا۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔۔۔۔۔۔انهيء سلسلي ۾ ڪي ٽي اين هڪ تحقيقي وڊيوز تيار ڪيون آهن جن کي اوهان سڄڻن لاء به هت پيش ڪجن ٿيون۔ اميد ته هي وڊيوز توهان کي پسند اينديون۔
http://www.youtube.com/watch?v=ZrHTpLbF_UM
http://www.youtube.com/watch?v=JUNCBuZJBpA
http://www.youtube.com/watch?v=dNQpa0KCUYc