سيد، اياز ۽ ايڪهتر واري جبر خلاف اڀريل آواز امداد سومرو [JUSTIFY]ڊسمبر 1971ع واري ٽرئجڊي يا هنن لاءِ رت جو درياهه پار ڪري ماڻيل سؤراج ۾ جن به بديسي دوستن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندو همدرديءَ وارو آواز اڀاريو ۽ هنن سان گڏ بيٺا - آرٽسٽن پنهنجي آرٽ ذريعي، شاعرن سندن نظمن ذريعي، سياسي اڳواڻن مطالبن ۽ مذمتن ۽ راڳين پنهنجي گيتن ذريعي - تن کي مان ڏيڻ لاءِ بنگلاديش جي موجوده شيخ حسينه واجد حڪومت اعلى سول اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي سڀ جيڪي هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا آهن پر هنن جو ڪردار تاريخ جي رڪارڊ جو حصو آهي، ايندڙ سال 26 مارچ تي اهو اعلى اعزاز سندن وارثن کي ڏنو ويندو. 100 کان مٿي اهڙن نالن ۾ جڏهن مون سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جو نالو ٻڌو ته مون کي اهو سڀ ڪجهه اسان جي پراڻن ڦٽن جي کلڻ وانگر لڳو، جيئن اياز چيو هو: ”پنهنجا ڦٽ پراڻا ها/ يا هي ويڄ اِياڻا ها“. ”حڪومت 1971ع واري جنگِ آزاديءَ ۾ جن به ٻاهرين شخصيتن جو غير معمولي ڪردار هو، انهن کي ايندڙ سال اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي“، هڪ بنگالي روزاني اخبار جو ڊپلوميٽڪ رپورٽر لکي ٿو: ”انهن شخصيتن ۾ حڪومتن ۽ رياستن جا سربراهه، فلاسافر، اديب، دانشور، معتبر شخصيتون ۽ مختلف ملڪن جون تنظيمون پڻ شامل آهن“. بنگلاديش جي موجوده پرڏيهي وزير ڊيپو مونيءَ جو چوڻ آهي: ”اسان (حڪومت) فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ سال (2011) آزاديءَ واري ڏهاڙي انهن پرڏيهي شخصيتن ۽ تنظيمن کي اعلى اعزاز سان نوازيون جن ڪنهن نه ڪنهن حوالي کان پنهنجو ڪردار نڀايو، اسان جي انهن گهڙين ۾ حمايت ۽ سهڪار ڪيو.“ ان قسم جي اعلى سطحي گڏجاڻيءَ ۾ جن شخصيتن کي ان اعزاز سان نوازڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي انهن ۾ اڳوڻو ڀارتي صدر شري ورهاگري، وين ڪتاگري ۽ وزيراعظم اندرا گانڌي، روسي صدر نڪولائي پوڊگورين، امريڪي سينيٽر ايڊورڊ ڪينيڊي، راڳي جارج هيرسن (`All things must pass`)، موسيقار روي شنڪر، بي بي سيءَ جو مشهور صحافي مارڪ ٽلي ۽ صحافي سمون ڊرنگ ۽ ٻيا شامل آهن. ياد رهي ته ايندڙ سال بنگلاديش آزاديءَ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. ”اهي ايوارڊ ايندڙ سال 26 مارچ (آزاديءَ جي ڏهاڙي) ۽ 16 ڊسمبر (سـؤراج واري ڏهاڙي) ڏنا ويندا،“ بنگلاديش جي خاتون پرڏيهي وزير ڊيپو مونيءَ بنگلاديشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو. انهن 100 شخصيتن جن کي اهي ايوارڊ ڏنا ويندا، ۾ سنڌ مان سائين جي ايم سيد ۽ اسان جو شاعر شيخ اياز شامل آهن. جڏهن ته پاڪستان مان غوث بخش بزنجو ۽ رٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان پڻ شامل آهن. منهنجي خيال ۾ فيض صاحب جو به انهيءَ فهرست ۾ نالو آهي. ”هم ڪي ٺهري اجنبي اتني مدارتون ڪي بعد/خون ڪي دهبي دهلين گي/ڪتني برساتون ڪي بعد.“ ها، انهن نالن ۾ پاڪستان مان اديب احمد سليم پڻ شامل آهي. جڏهن اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ قتلام ٿي رهيو هو تڏهن اوڀر پاڪستان ۾ ڪيل فوجي ڪارروائي خلاف سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن مان اياز بار جي صدر طور مذمتي ٺهراءُ منظور ڪرايو هو. اياز سکر سينٽرل جيل (مئي، 1971ع- جنوري 1972ع) ۾ جيل ڊائري لکي هئي ۽ ان سان گڏ مسلسل شاعري ڪئي هئي. 71ع واري جيل ڀيري ئي اياز پنهنجي ان وقت اڌوري سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ پورو ڪيو هو ڇو ته هن ان اسيريءَ دؤران جيل ۾ فجر جو ٽن قيدين کي آيل ڦاهيءَ جو ويجهڙائي کان مشاهدو ڪيو هو. هتي مان اياز جي ان جيل ڊائري مان ڪجهه ٽڪرا جيئن جو تيئن ڏيان ٿو، جيئن معلوم ٿئي ته بنگلاديش حڪومت جي ان فيصلي (اياز کي ايوارڊ ڏيڻ واري) پويان ڪهڙا سبب آهن. اياز ڊائري ۾ لکي ٿو: ”اوڀر پاڪستان کي ماري مڃايو وڃي يا اوڀر پاڪستان يحى خان کي ماري مڃائي الڳ ٿي وڃي، ٻنهي صورتن ۾ پاڪستان تي فسطائي نظام مسلط ٿيڻو آهي. انهيءَ فسطائيت جا سياسي ۽ اقتصادي سبب ساڳيا ته نه هوندا، جي نازيءَ جرمنيءَ جي فسطائي فلسفي جو بنياد هئا، پر انهيءَ فلسفي جي آڙ وٺي، پاڪستان ۾ گهُٽ ٻُوساٽ ۽ وٺ پڪڙ ائين ڪئي ويندي، جيئن نازي جرمنيءَ ۾ ٿي هئي. جرمنيءَ ۾ ڪيئي سائنسدان، دانشور، تاريخ نويس، اديب ۽ آرٽسٽ ماريا ويا هئا ۽ ڪيئي ڀڄي وڃي آمريڪا نڪتا هئا. پولنڊ ۾ دانشور طبقي کي بلڪل ختم ڪيو ويو هو. جرمن يونيورسٽين ۾ نفسيات ۽ معاشيات جا شعبا بلڪل ختم ڪيا ويا هئا، ڇو ته انهن ۾ ڏنل تعليم نازي فلسفي کي نٿي آئڙي. ثقافتي زندگيءَ ۾ جتي ڪٿي آمريت پنهنجي زورآوري ڏيکاري هئي. اٽليءَ ۾ جيتوڻيڪ ڪروُس (Croce) ۽ ٻيا فسطائيت جا مخالف دانشور گرفتار نه ڪيا ويا هئا، تڏهن به ڀَوَ ۽ ڏر جي ڪري، ان دؤر ۾ اٽليءَ ۾ ڪو به اهميت وارو ناول نه لکيو ويو هو ۽ نه وري ڪائي اهميت واري فلم ٺهي هئي يا موسيقيءَ يا ٻئي ڪنهن فن ۾ ڪائي عظيم تخليق ڪئي ويئي هئي. ”فسطائي آمريت شاعريءَ لاءِ زهر آهي. هن وقت تائين آمرن مون کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مان هنن سان ڦيٽ کائيندو رهيو آهيان پر اڳتي شايد اها وٿي به نه ملي. ممڪن آهي ته زندگي به وٿي نه ڏئي ۽ مان جيل ۾ ئي مري وڃان يا ماريو وڃان. اِن ڪري جيتري به زندگيءَ جي مهلت آهي، ۽ اُن ۾ مون کي ڪجهه لکڻو آهي، لکي وٺان. ناظم حڪمت ترڪيءَ ۾ نوَ سال جيل ۾ رهيو هو، پر انهيءَ عرصي ۾ گهڻو ڪجهه لکي نه سگهيو هو. جيتوڻيڪ هن جو ڪجهه به لکيو، اُهو اڄ انسان ذات جو امر ورثو آهي. مون کي گهڻو ڪجهه لکڻو آهي، سچ ته مون اڃا ڪجهه لکيو ئي ڪٿي آهي!“ ....۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔.... ”اوڀر پاڪستان ۾ قتلام ٿي رهيو آهي، ريڊيو ۽ اخبارون چوويهه ڪلاڪ ڪوڙ بڪي رهيون آهن ۽ اولهه پاڪستان ۾ اهڙا ڏهه ڄڻا به نه آهن، جي وڏي واڪ سچ چئي سگهن. 1965ع واريءَ جنگ وقت به مان جيل ۾ هوس. آيو ويو منهنجي گهر کي پٿر هڻندو هو ته هي غدار جو گهر آهي. منهنجا ٻار گهر کان ٻاهر نڪري نه سگهندا هئا ۽ اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائون. هاڻي ائين ته ڪو نه ٿيندو. نئين سنڌ فتوى ڏيئي چڪي آهي ته غدار ڪير آهن پر هيڏي انڌير ۾ منهنجا ساٿي هيسجي ويا هوندا ۽ سنڌي عوام ته ويسوڙو آهي. ڇا، مان پنهجا سارا دک درد پاسي رکي، لکي سگهندس! آخر منهنجي ٻي نجات ئي ڪهڙي آهي؟“ ....۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔.... ”شيخ مجيب هن وقت ڪٿي هوندو؟ هي پهاڙ جهڙو وقت ڪيئن ڪاٽيندو هوندو؟ هن سان منهنجي پهرين ملاقات ڪهڙي نه پياري هئي! هو سنڌ متحده محاذ جي دعوت تي ڪراچيءَ آيو هو. سائين جي ايم سيد هن سان منهنجو تعارف ڪرائيندي، هن کي چيو، ’سنڌ جي شاعر سان ملو.‘ هن مون کي ڀاڪر پائي، سائينءَ کي چيو، ’هي شيخ اياز آهي نه؟ مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان، هي اسان جي نذرل وانگر آهي.“ مون مرڪندي هن کي چيو، ’شيخ صاحب! مون ۾ ۽ نذرل ۾ هڪ فرق آهي. هو اڃا تائين مون کي ڊاهي نه سگهيا آهن.‘ شيخ مجيب ٽهڪ ڏيئي چيو، ’هائو ڀاءُ! تنهنجون رڳون وڌيڪ مضبوط ٿيون لڳن.‘ ”اڄ مان سوچي رهيو آهيان ته ڇا سچ پچ منهنجون رڳون نذرل کان وڌيڪ مضبوط آهن؟ ڪنهن مظلوم جي بدن تي لهوُ ته ڇا، مان هن جي اک ۾ ڳوڙهو به ڏسي نه سگهندو آهيان. هيڏي انڌير ۾ ممڪن آهي ته ڪنهن وقت مان به نذرل وانگر ڊهي پوان!“ ....۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔.... ”سال 1968ع ۾ مان ساهيوال جيل ۾ قيد تنهائيءَ ۾ هوس. ڀٽو صاحب ۽ هُن جا ساٿي ڊاڪٽر مبشر، ممتاز ڀٽو ۽ ملڪ اسلم حيات به ساڳئي جيل ۾ هئا. ڀٽي صاحب جا ساٿي ڇٽي ويا ۽ باقي ٻه سياسي قيدي، مان ۽ ڀٽو صاحب، وڃي رهياسين. اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اوچي ديوار هئي ۽ اسان کي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان منع ٿيل هئي. هڪ ڏينهن ڀٽي صاحب سنتريءَ جي هٿ مون کي دٻن ۾ بند ٿيل مڇي، بسڪوٽ ۽ سڪو ميوو موڪليو. مون تحفو وٺي سوچيو ته ڀٽي صاحب ڏانهن موٽ ۾ ڇا موڪليان. مون وٽ ته جيل جي ردي راشن کانسواءِ کائڻ پيئڻ جي ٻي ڪائي شيءِ ڪا نه هئي. سو مون جرمنيءَ جي شاعر ”هائني“ جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب `Hiene, the poet in Revolt` سنتريءَ کي ڏيئي چيو ته ’هي ڀٽي صاحب کي ڏجانءِ‘. سنتريءَ ڪتاب کڻي وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ’ڪتابن جي ڏي وٺ تي سخت بندش آهي، مون کي ڀَؤ ٿو ٿئي ته پڪڙجي نه پوان.‘ ”جي ڀٽو صاحب اُهو ڪتاب پڙهي ها، ته سمجهي وڃي ها ته مان هن وقت جيل ۾ ڇو آهيان!“ ....۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔.... ”هو سمجهن ٿا ته مون کي کوليءَ ۾ اڪيلو بند ڪري ڪائي وڏي سزا ڏني اٿائون. پاڳل ڪنهن جاءِ جا! ڀلا مان اڪيلو به ٿي سگهان ٿو! هي ڪاليداس مون لاءِ وڪرم اروشي پڙهي رهيو آهي، هيءَ ميران ٻائي يڪتاري تي ڳائي رهي آهي، ۽ هو ڪبير مون کي دوها ٻڌائي رهيو آهي. هي منهنجو مرشد منهن مونن ۾ وجهي ويٺو آهي. ها ها.... ها.... هنن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڀٽائي به مون سان بند ۾ آهي!.... ۽ هو پريان پريان جا يار، جن ڀيرو ڪڏهن به نه ڀڳو آهي! هو مائڪو وسڪي، لورڪا، ناظم حڪمت- روز ميڙو لڳو پيو آهي ۽ هي بنگلا ڪوي، جنهن کي شيخ مجيب جي قوم وري ڳولي لڌو آهي، اڄ منهنجن وارن تي پنهنجا ٻاجهارا هٿ ڦيري، مون کي آسيس ڪري رهيو آهي.“ ....۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔.... ”رات ريڊيو تي ’غالب ڪي دربار آم“ پروگرام ٻڌي رهيا هياسين. ’فيض‘ جي صدارت ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب غالب تي ۽ هن جي انبن سان رغبت تي شعر ۽ مضمون پڙهي رهيا هئا. هنن لاءِ انبن جي دعوت به ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان جا قسمين قسمين انب آندا ويا هئا. جنهن وقت هو انب چوسي رهيا هئا، ان وقت اوڀر پاڪستان جا لکين ماڻهو- ڳڀرو، ٻار، ٻڍا ۽ زالون- سرحد ٽپي، هندستان وڃي چڪا هئا ۽ لکين ماڻهو پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي، هِت هُت ڀٽڪي رهيا هئا. مون ان وقت ٿڌو ساهه ڀري سوچيو هو ته ’شاعر به ذلت جي تري ۾ ائين ئي ڪري سگهن ٿا، جيئن ٻيا ماڻهو. تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي جڏهن کوٽي ۽ کري جي پرک ٿيندي، تڏهن هي چلڪڻا سڪا ڪوڏيءَ جي ملهه به نه ويندا.“ ....۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔.... سائين جي ايم سيد به شيخ مجيب الرحمان سان گڏ بيهي اڳوڻي مغربي پاڪستان جي ان دؤر سان نفرت جو اظهار ڪيو ۽ ان جبر ۾ مغربي پاڪستان جي سول ۽ نان سويلين بيوروڪريسيءَ سان نه بيٺو هو. اياز عوامي ليگ جي سنڌ مان سينٽرل ڪاميٽيءَ تان به کنيو ويو هو. اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته سائين جي ايم سيد وٽ سن ۾ هڪ محفل ۾ شيخ مجيب الرحمان جڏهن مون کان ڪجهه ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي هئي ته مون هن کي پنهنجي وائي ”ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل- تڏهن ملنداسين،“ انگريزي ترجمي ۾ ٻڌائي هئي ته شيخ مجيب الرحمان چيو هو، ”اوهان وٽ ههڙي شاعري ٻڌڻ کانپوءِ به مئا جيئرا ڇو نه ٿا ٿين.“ اياز ٽي ڀيرا جيل ويو هو. 71ع ۽ 1972ع کانپوءِ چوٿون ڀيرو اياز هڪ نئين موڙ تي پهچي چڪو هو. هن هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، جي مان (اياز) ڀٽي جي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ واري آڇ قبول نه ڪيان ها ته ڀٽو مون کي ڪوٽ لکپت جيل موڪلي ها. مان سوچيان ٿو ته اسان جي موجوده ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪٿي ٿي سيد، اياز، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين کي سندن جائز قومي مقام ڏئي. سيد ته آخر تائين قيد ۾ پنهنجو ساهه ڏنو ۽ روح آزاد ڪيو. سيد اهو ماڻهو هو جنهن مسلم ليگي فولڊ واري سياست جي جنون ۾ اچي پاڪستان جو سنڌ اسيمبليءَ مان پهريون ٺهراءُ منظور ڪرايو هو. 1947ع کانپوءِ وارن ملڪي بانين پوءِ سيد سان جهڙي ويساهه گهاتي ڪئي، اهڙي تاريخ ۾ ورلي ٿيندي آهي. سيد پوءِ جي پاڪستان کي disown ڪري پنهنجو پلاند پاڙيو. سنڌ ۾ ٿورائي تي مشتمل ڪجهه فردن بنگالي نوجوانن، ٻڍن، ٻارن ۽ عورتن جي ان ڪوس ۾ ڀاڱي ڀائيواري نه ڪري سنڌ جي شعور طرفان پنهنجو آواز اٿاريو هو. ان وقت مغربي پاڪستان جي ڪارروائي جي مخالفت ڪرڻ نانگ تي پير رکڻ برابر هو. سيد، اياز، قاضي فيض محمد ۽ ان قسم جي فردن پاران جبر جي مخالفت ڪرڻ ائين هئي جيئن الجزائر تي فرانسيسي چڙهائي ۽ بربريت خلاف سارتر ۽ سندس ويجهن اديبن ساٿين آواز اٿاريندي پنهنجي حڪومت جي خلاف ڳالهايو هو. 1965ع واري جنگ ڀيري پڻ اياز، سارتر جهڙو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هن کي غدار قرار ڏيندي هن جي گهر تي پٿر هڻي ڀارتي ايجنٽ سڏيو ويندو هو. ”هي سنگرام سامهون آ نارائڻ شيام،“ واري نظم تي اياز کي 65ع ڌاري ساهيوال جيل رکيو ويو، تڏهن ڀٽو صاحب به اياز جي ڀرسان واري کوليءَ ۾قيد هو. سائين جي ايم سيد ۽ اياز ان قسم جو اعلى سول اعزاز يقينن لهڻن. پتو نه آهي ته اسان جي موجوده رياست ڌڻين جي سيني ۾ ڪڏهن ٿو اهڙو احساس اڀري. هن ملڪ جي اصل ڌڻين ته پنهنجي محسنن سان جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، اهو 4 اپريل 1979ع ۽ 27 ڊسمبر 2007ع تائين هڪ الڳ تاريخ جوڙي چڪو آهي. اڃا تائين اسان کي اطلاع نه آهي ته انهن ايوارڊن ۾ قاضي فيض محمد جو نالو آهي يا نه. قاضي فيض محمد آل پاڪستان عوامي ليگ جو وائيس پريزيڊنٽ هو ۽ هن کان علاوه تاج الدين ۽ خان گل پڻ نائب صدر هئا. 23 مارچ 1971ع تي پهرين فوجي ڪارروائي دؤران قاضي فيض محمد ڍاڪا ۾ شيخ مجيب جي گهر ترسيل هو. جڏهن شيخ مجيب کي اهڙي کڙڪ پئي ته هن قاضي فيض محمد ۽ غوث بخش بزنجي کي اتان واپس تڏهوڪي مغربي پاڪستان وڃڻ لاءِ زور ڀريو هو. قاضي صاحب حمود الرحمان ڪميشن آڏو پڻ پيش ٿيو هو. قاضي فيض محمد جي فرزند ۽ اسان جي دوست جاويد قاضيءَ کي قاضي صاحب جي سالگرهه يا ڪنهن ورسيءَ جي موقعي تي پيغام ۾ شيخ حسينه لکيو هو ته جي قاضي فيض محمد سنڌي نه هجي ها ته هو بينگالي هجي ها. جڏهن هوءَ هن ڀيري وزيراعظم ٿي ته هن خاص طور تي جاويد کي ملاقات جو وقت ڏنو هو ۽ ساڻس اڌ ڪلاڪ تائين سندي آفيس ۾ ملي هئي. عوامي ليگ ۾ امداد محمد شاهه به هو. پتو نه آهي ته هن جو ان فهرست ۾ نالو ڇو نه آهي. ائين ته عوامي ليگ ۾ پير صاحب پاڳارو به رهيو. هو فنڪشنل ليگ جو سربراهه هجڻ کان علاوه جي ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ ڪنهن وقت رهيو هو ته اها عوامي ليگ هئي. اهي سڀ ڳالهيون تيز رفتاريءَ سان ڌنڌلجندڙ منظرن وانگر زندگيءَ جي اسڪرين تي سامهون اچي ويون آهن.[/JUSTIFY] imdadsoomro@gmail.com روزانه عبرت جي ٿورن سان
جواب: شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد لاء بنگلاديشي اعلى اعزاز ادا بهترين ليک سان گڏ ماضي جي خوب عڪاسي ٿيل آهي هن موضوع ۾ ۔مهرباني اوهان جي اهڙي ونڊ تي
جواب: شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد لاء بنگلاديشي اعلى اعزاز ادا اهو پڙهي تمام خوشي ٿي ته اسانجي عظيم ليڊر ء شاعر کي بنگلاديش حڪومت اهڙو اعزاز ڏنو۔ پر اسان واران ديشي حڪمرانن کي ڪڏنهن اهڙو خيال به نه آيو ته سائين جي ايم سيد جو پاڪستان ٺهڻ ۾ ڪيترو ڪردار هيو۔ پاڪستان سائين جي ايم سيد سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو جو آخري عمر ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو۔ بنگالين جي مهرباني جو هنن ته قدر ڪيو۔۔ اهڙي ونڊ جي مهرباني
جواب: شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد لاء بنگلاديشي اعلى اعزاز لک ٿورا اسانجي دوست وساڻ جا جنهن وقتائتو ليک ونڊ ڪيو آهي، هڪ ٻه ڏينهن اڳ مون اهو ليک انگريزي ۾ ڪنهن بلوچن جي سائيٽ تي پڙهيو هو ۔۔۔ مونکي خيال ٿيو هو ته انجو سنڌي ترجمو هجڻ کپي ۔۔۔ پر اسان جت سوچيون ٿا ات اسانجا ڏاها عمل ڪري وڃن ٿا ۔۔۔ امداد سومري جو ليک ادي وساڻ جو ونڊ ۔۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ هڪ ڪهاوت ته اسين ٻڌندا آهيون ته ؛ “ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، سچ ته بيٺو نچ” بنگلاديش جي آزادي، حق ۽ سچ جي فتح هئي، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ پوڻي هئي سا پئجي وئي، پاڪستاني ڀاڙ تي پلجندڙ فوج ۽ سياستدانن انهي حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پر ۔۔۔ سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔ محترم جي ايم سيد کان پاڪستان ٺاهي جيڪا غلطي ٿي انجي پورائي ڪرڻ لا هو سڄي ڄمار جدوجهد ڪندو رهيو ۽ ان پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي سختيون به برداشت ڪرڻيون پيون، سندس ڪردار ڪشي ڪئي وئي، جيل ۽ نظربنديون ڏنيو ويون پر هو؛ جاڳڻ وارو جاڳي پيو، ٻيا ننڊو ڪن هو جاڳي پيو ۔۔۔۔ افسوس جي ايم سائين جهڙو ڪردار جلد پوڙهو ٿي هن فاني دنيا مان هليو ويو ۽ سنڌين کي هڪ نه ڀرجڻ جهڙو نقصان ٿيو ۔۔۔ رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد لاء بنگلاديشي اعلى اعزاز ادا مهرباني هن ليک ۾ هڪ تاريخ سمايل آهي ، سوچڻ ۽ سمجهڻ جو مقام آهي
جواب: شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد لاء بنگلاديشي اعلى اعزاز بس يار عرس ڇاڪجي۔۔۔۔ ڪو تاريخ کي صحيح رخ سان ڏسي ته اصليت جو پتو پويس۔ بنگلاديش وارن کي سلام جو انهن ماڻهن کي به نٿا وسارن جيڪي هنن جي ملڪ جا ناهن پر سندن حمايت ڪرڻ تي کين اعلى اعزاز سان پيو نوازيو وڃي۔
جواب: شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد لاء بنگلاديشي اعلى اعزاز مهرباني سائين نثار بس سائين سچ ته سچ آهي۔ سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ٻڏندي ناهي۔ بنگلاديش وارن کي لک شابسون جو پنهنجي حمايتي دوستن کي به ڪونه وساريو اٿن۔ امداد سومري صاحب جو بهترين ليک آهي۔