ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، "بخاري" کان دوکو، نه ٿيندو نه ٿيندو، ملهائي نه جو ٿڃ جيجل جي لوڪو، اهڙو ڪوبه ٿوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، استاد بخاري ڊزائين عاشق سولنگي ╋╋┏┳━━━┳━━━┳┓╋╋┏┓┏━━━┳━━┳━┓╋┏┳━━━┳┓╋┏┓ ╋╋┃┃┏━━┫┏━┓┃┗┓┏┛┃┃┏━┓┣┫┣┫┃┗┓┃┣┓┏┓┃┃╋┃┃ ╋╋┃┃┗━━┫┃╋┃┣┓┗┛┏┛┃┗━━┓┃┃┃┏┓┗┛┃┃┃┃┃┗━┛┃ ┏┓┃┃┏━━┫┗━┛┃┗┓┏┛╋┗━━┓┃┃┃┃┃┗┓┃┃┃┃┃┃┏━┓┃ ┃┗┛┃┗━━┫┏━┓┃╋┃┃╋╋┃┗━┛┣┫┣┫┃╋┃┃┣┛┗┛┃┃╋┃┃ ┗━━┻━━━┻┛╋┗┛╋┗┛╋╋┗━━━┻━━┻┛╋┗━┻━━━┻┛╋┗┛
جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري) سنڌ ڌرتيء سان ء سرتيء سان بخاريء جو، ڪجهه بلالي، ڪجهه لطيفي رابطو آهي۔ ادا لاجواب شيئرنگ آهي۔۔۔
جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري) هن بيت ۾ استاد بخاري حب الوطني جي آسمان تي چڙهيل آهي ۽ جذبات ۾ اچي هر انهي ماڻهون کي ٿوڪو (يعني جنهن تي ٿڪن جو مينهن وسندو هجو) سڏيو اٿس جيڪو پنهنجي وطن سان پيار نه ٿو ڪري ۽ پنهنجي ڌرتي جي ڪک مان نڪتل کاڌ خوراڪ (ٿڃ) کي نٿو ملهائي سو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٿوڪو آهي ۽ ان جهڙو ڪو به نه ٿيندو ۔۔۔ واهه بخاري واهه، لطيف سڳوري ته ڪجهه پيار ڀرين لفظن ۾ چيو هو ته حيف تنين کي هو وطن جن وساريو يا وري هينئن چيو هيس ته " سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري” وغيره پر بخاري ته اهڙن ماڻهن کي ٿوڪو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۔۔۔ بيشڪ اهڙا ماڻهون ٿوڪا ئي هوندا آهن ۔۔۔۔ لک ٿورا عاشق ۔۔۔
جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري) ادا مهربانيون سڀني دوستن جو جن وقت ڪڍي اسانجي هن ننڍي ڪوشش تي پنهنجا قيمتي رايا ڏنا ۽ پسند ڪيو۔۔۔مان استاد بخاري جي شاعري کي (ٿوڪي) لفظ جي ڪري ئي تصويري شڪل ڏني آهي۔ لک قرب سائين نثار جن جا جو استاد جي شاعري کي پنهنجي سولي لفظن ۾ سمجهايو۔
جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري) استاد سنڌ جو عاشق رهيو آهي۔ وري عاشق به سنڌ جو عاشق ٿو لڳي اغيار سان اقرار اهو ڪيئن ٿيندو ۽ يار سان انڪار اهو ڪيئن ٿيندو استاد بخاريء کي کڻي دفن ئي ڪيو ڌرتي کان مگر ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو
جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري) ادا سليمان اوهانجي جواب تي کل ٿي اچي۔۔۔۔ڪڏهن ٿا چون عاشق مجبور آ،ڪڏهن ٿا چون عاشق ڪنڌار آ،وري ڪڏهن ٿا چون عاشق چريو آ، وري ڪڏهن ٿا چون عاشق وفادار آ، ڪڏهن ٿا چون عاشق غدار آ، وري ڪڏهن ٿا چون عاشق عاشقي سنڌ آ،،،،،،،،بس ادا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ديش ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو آواز ته ڪڏهن پنهنجي ديش ۾ پراين جو قبضو۔۔ڏسي منهنجي عشق ۾ به جلال اچي ويندو آهي۔۔۔۔۽ لڱن ۾ عجيب لرزش پيدا ٿيندي آهي۔۔۔۔۔بس ادا مان استاد جو هي هڪ ٻيو شعر اوهان سان ونڊ ڪرن ٿو چاهيان هي جهل جو اُندھ، لهي ئي پوندو، هي ظلم جو آڙاھه، ٺري ئي پوندو، مظلوم جي آهن جو اثر ٿيڻو آهه، جو جوش ۾ الله، اچي ئي پوندو،
جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري) ادا عاشق مهرباني مٿيون سڀ ڳالهيون اکين تي پر يار ڪنهن عاشق کي غدار ڪونه چيو آهي۔ اهي دشمن يا ڌاريا ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي اها ڳاله ٿا ڪن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ته پاڻ غدارن سان دوستي ئي ڪونه رکون۔۔۔ مونکي استاد جو شعر ٿو ياد اچي ته : هڪ ٽانڊو منهنجي اک ۾ رک ، هڪ ٽانڊو منهنجي دل تي رک اها آڳ سهي مان ويندس پر هڪ غير نه هن محفل ۾ رک
جواب: ڪنول گل مان ڪوڪو، نه ٿيندو نه ٿيندو، (استاد بخاري) هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان. هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان، جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان. خاڪي، نوري، فاني، باقي، سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان. عربي، عجمي آهيان ئي پر، روسي، هندي، چيني آهيان. سڀ کان اڳ ۾ انسان اڳ تي، سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان. بوڙئي جھڙي منهنجي هستي، سنڌو واري مستي آهيان. سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان. تاريخ آهيان قوم قويءَ جي، نه ته مرقد جي تختي آهيان. ڏيڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان، مظلومن جو مددي آهيان. مِهر ته مکڙي ماڪ ـــ ڦڙا مان، قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان. جوت رتيءَ تي پريت پتنگو، سنگ سڳندي، رنگي آهيان. عشق ۽ عقل حقيقي ساٿي، سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان. آجو پيار ملي پوءِ پيارا، سولو ويندو سرچي آهيان. آزادي استاد تنواريان، ماڻهن جي مان مرضي آهيان.