رومن ڪيٿولڪ عيسائين جي سڀ کان وڏي مذهبي پيشوا پوپ بينيڊڪٽ جو چوڻ آهي ته خدا پنهنجا وعده ته پورا ٿو ڪري پر اهي وعده پوري ڪرڻ جا طريقا ڪڏهن ڪڏهن حيران ڪندڙ ٿين ٿا۔ هن جو چوڻ آهي ته بيت اللهم ۾ پيدا ٿيندڙ ڇوڪرو ( حضرت عيسى عه) پاڻ سان آزادي کڻي آيو پر هن جو ذريعو عسڪري يا فوجي نه هو۔ پوپ جو چوڻ آهي ته مهربانين لاء اسان کي خدا جو شڪر گذار هئڻ گهرجي ڇو ته اهوئي اسان کي اميد ٿو ڏي ۽ اسان کي زندگي بخشي ٿو۔ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاء تي پر بي بي سيء تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته هن مذهبي پيغام ڪيئن ۽ ڇو نشر ڪيو۔ بي بي سيء جي رپورٽ پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو۔
جواب: خدا اڪثر اسان کي حيران ڪري ٿو ڇڏي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوپ جو پيغام۔۔۔ ۽ بي بي سيء تي تن پوپ جون ڳالهيون بهترين آهن۔۔۔۔۔ عيسائيت يعني اهلِ ڪتاب جا اصل عقيدا به اهي ئي درس ڏين ٿا جيڪي دينِ اسلام جا آهن۔۔۔ ڇو ته عيسائيت جو بنياد توحيد تي آهي پر بعد ۾ انهن جي مذهبي ڪتاب ۾ ڦير ڦار ڪري شرڪ جو عقيدو (ٽن خدائن واروعقيدو) عام ڪيو ويو۔۔۔ بهرحال خدا تي ته هر مذهب واري کي يقين آهي، ڪو ڪيئن ٿو مڃي ته ڪو ڪيئن ٿو مڃي، پر شرڪ گناههِ عظيم آهي، ان کان سواءِڪو به عقيدو يا ڪا به نيڪي فائدو نه ڏيندي۔۔۔
جواب: خدا اڪثر اسان کي حيران ڪري ٿو ڇڏي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوپ جو پيغام۔۔۔ ۽ بي بي سيء تي تن ادا مست جي ڳالھ سان مان متفق آهيان۔۔۔۔الله کي ته هرڪو مڃي۔