السلام عليڪم! دوستو جيڪي دوست نيٽورڪنگ سان دلچسپي رکن ٿا انهن لاءِ Packet Tracer يقيناَ نئون نه هوندو. ان هوندي به Cisco Packet Tracer 5.3 جيڪو ان جو موجوده وقت تائين جديد ترين ورزن آهي، ڊائونلوڊ لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي ته جيئن گهڻي کان گهڻان دوست ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ڊائونلوڊ ڪيو طالب دعا مسڪين مشتاق اصغر
جواب: سسڪو پيڪٽ ٽريسر 3۔5 ادا مان اوهانکي هن اڱڻ تي نئون ٿو ڏسان انهي جي ڪري اوهانکي ڀليڪار۔۔۔۔اوهان جهڙن دوستن تي اسان کي وڏو ناز آهي۔۔۔تمام بهترين ونڊ ادا۔۔۔اميد ته اهڙي ونڊ جاري رکندا۔
جواب: سسڪو پيڪٽ ٽريسر 3۔5 ادا مشتاق اصغر ادا تمام بهترين ڪوشش آهي اوهان جي ان کان علاوه بهترين سافٽ ويئر پڻ ونڊ ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني پر ادا ڪافي دوست نوان آهن انهن کي ان باري ۾ ڪا خاص معلومات نه آهي جيڪڏهن توهان ان سافٽ ويئر جو ٿورو ڊيٽيل ۾ تعارف ڪرايو ها ته اصل واه واه ٿئي وڃي ها ۽ نون دوستن کي پڻ ان جي باري ۾ معلومات ملي وڃي ها بهترين ......... سدائين گڏ
جواب: سسڪو پيڪٽ ٽريسر 3۔5 ادا هي سافتويئر ڪهڙي ڪم ايندو آهي ۔ٿورو وضا حت سان ٻڌائيندا ت توهان جي مهرباني ٿيندي۔
جواب: سسڪو پيڪٽ ٽريسر 3۔5 ادا مشتاق ھي توھان جو ڏنل سافٽويئر مون ڊائون لوڊ ت ڪيو آھي پر ادا ھن سافٽويئر جي ڪجھ خبر ن ٿي پوي ۔پھريون مسئلو اھو ت ھي سافٽويئر اٽرنيٽ تان ڪو ب آڊيو يان وڊيو گانو ڊائونلوڊ ن ٿو ڪري؛ٻيو ت جيڪو وڊيو گانو ھلايون ٿا اھو وري آڊيو ۾ ھلي ٿو۔مھرباني ڪري انھن مسئلن جو حل ٻڌائيندا۔ مھرباني۔
جواب: سسڪو پيڪٽ ٽريسر 3۔5 سيسڪو پيڪٽ ٽريسر هڪ نيٽورڪنج جو سافٽويئر آهي۔ جنهن ۾ اسين ڪمپيوٽر ۾ سيسڪو نيٽورڪنڪ جي پريڪٽس ڪري سگهون ٿا۔ هون ته اسين ڪيترائي پيسا خرچ ڪري نيٽورڪنگ ڪندا آهيون۔ پر هن سافٽويئر ۾ بغير خرچ جي گهر ويٺهي پريڪٽيل ڪري سگهون ٿا۔ وڌيڪ تفصيل لا هيٺين ويڊيو ڏسو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سسڪو پيڪٽ ٽريسر 3۔5 تمام بهترين سافٽ ويئر جو ڏس ڏنو اٿئو ، ادا عبدالرحيم جي مهرباني جو اسان کي وڏي تفصيل سان سمجهايو اٿس