• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت وارن کي مبارڪون

جواب: سنڌ سلامت وارن کي مبارڪون

مان آهيان شاهده جماڻي. ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ رهائش آهي
سنڌ سلامت جي ساٿين سٺو ڪم ڪيو آهي

سنڌ جي نياڻي، سنڌ ۽ سنڌيت سان چاهه رکندڙ ڀيڻ شاهده جماڻي کي هن نماڻي اوطاق تي اچڻ سان دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔ جيتوڻيڪ سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جون نياڻيون پڻ عقل ۽ ڏاهپ سان سنڌ جو مان مٿاهون ڪنديون رهيون آهن ۽ اميد ته هن ڪاري دور ۾ پڻ اسانجون، امڙيون، ڀينرون ۽ سنڌ جون سهڻيون ڏاهيون سرتيون پنهنجو پاڻ ملهائينديون رهنديون ۔۔۔

سنڌي ادب، ثقافت، ٻولي ۽ سنڌ جي سماجي حيثيت هن وقت خطري ۾ آهي انڪري اسان سڀني سنڌين (نر ۽ ماد) کي ملي ڪري سنڌ جون واڳون پنهنجن هٿن ۾ رکي، سنڌ دشمنن سان مقابلو ڪرڻو پوندو ۔۔۔

هن وقت اسان سنڌين کي هر ميدان ۾ چاهي علم هجي يا اقتصاديات يا سماجي مسئلا هجن يا سياسي هيٺ مٿاهيون هجن، انهن ۾ پاڻ ارپي پنهنجو پاڻ ملهائڻو آهي ۔۔۔

ادي شاهده جماڻي سميت سڀ سنڌ دوست ڏاهن ڀينرن جي ساٿ سان سنڌ دوست ڀائر، همٿ ۽ حوصلي سان رات ڪاري ۾ اميدن جا ڏيئا ٻاري راهون روشن ڪندا رهندا ۔۔۔

ڀيڻ جماڻي، اوهانکي ڀليڪار ۔۔۔ اوهان جا لک ٿورا جو اوهان هن سنڌ دوست ۽ علمي اوطاق تي ڪهي آيا ۽ اميد ته اوهان هن اوطاق کي پنهنجي ڏاهپ ۽ همٿ سان اڃان وڌيڪ سهڻو ۽ ڪارائتو ڪرڻ ۾ مددگار ٿينديون ۔۔۔

اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار ۔۔۔

رب تعالا اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين

سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
 
جواب: سنڌ سلامت وارن کي مبارڪون

السلام عليڪم ادي شاهده جماڻي

ادي اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم اچڻ تي خوش آمديد ٿا چئون

اسان کي اوهان جي پنهنجي نئين نڪور لکڻين جو انتظار رهندو

مهرباني

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت وارن کي مبارڪون

ادي ! مون جيڪو چوڻ پئي چاهيو ان کي ته اڳئي سائين محترم نثار ابڙو لفظن جو روپ ڏئي چڪو آهي ان ڪري مان اوهان کي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت تي ڀليڪار چوڻ تي بس ڪيان ٿو۔ اوهان کي سنڌ سلامت جي سڄڻن پاران وسايل هي فورم وڻيو، تمام سٺو۔۔۔ انشاءَ الله اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ سلامت نه صرف انٽرنيٽ تي پر حقيقي انداز ۾ به سنڌي ٻوليءَ‌ جي ترجماني ڪندي۔۔۔ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت پاران ڪيلنڊر جو پراجيڪٽ گذريل سال به انجام ڏنو ويو هو ته هن سال به اهو سلسلو هلي رهيو آهي،
 
جواب: سنڌ سلامت وارن کي مبارڪون

هتان کَڻِي هتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛
ساجَنُ سُونهن سُرتِ، وِکان ئِي ويجھو گھڻو

اسان ڀيڻ شاهده جماڻيء کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار پيا چئون۔ ادي شاهده فيس بوڪ تي تمام ايڪٽو ميمبر طور ڪم ڪري رهي آهي۔

ڀيڻ اوهان جي اچڻ سان يقينن اسان کي به اتساه پيدا ٿيو آهي ته سنڌ جون ڀينرون به اسان سان گڏ آهن۔ انشاء الله سنڌ سلامت جو هي اڱڻ سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ جي دنيا جي معراج تي پهچائيندو۔

2hydv9l.jpg

 
جواب: سنڌ سلامت وارن کي مبارڪون

ادي هن محبتي سنڌي ميڙاڪي ۾ اچڻ تي
دل جي گهرائين سان ڀليڪار

2ppkoq1.jpg
[/IMG]
 
Back
Top