دل جي بيماري اڳ اميرن جي ۽ هاڻي غريبن جي بيماري ڊاڪٽر فضل الرحمان ميمڻ 21هين سالياني ڪارڊيڪ ڪانفرنس جا بنيادي 3 مقصد آهن. پهريون مقصد عوام ۾ دل جي بيمارين بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي. ڇو ته دل جون بيماريون هاڻي وڌي ويون آهن. اڳ ۾ دل جون بيماريون 55 سالن جي ڄمار کان مٿي عمر وارن کي ٿينديون هيون. هاڻي 30 سالن جي عمر ۾ نوجوان دل جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. ڪانفرنس جو ٻيو مقصد دل جي شعبي ۾ ايڊوانس ٽيڪنالاجي ڄاڻڻ آهي، نيون دوائون ڪهڙيون آيون آهن، بيمارين ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي. ٽيون مقصد تحقيق آهي. جنهن ۾ نوجوان ڪارڊيولاجسٽ مقالا پڙهندا آهن. انهن ۾ اهو هوندو ته مختلف علائقن ۾ دل جي بيمارين جا سبب ڇا آهن؟ هاءِ ڪولسٽرول وارا مريض ڪهڙي علائقي ۾ اچن ٿا. ڪنهن علائقي ۾ دل جا مريض گهڻا آهن ته انهي جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ان علائقن جي ماڻهن جو کاڌو ڪهڙو آهي. دوائن تي به تحقيق ٿيندي ته آهي اهي ڪيترو فائدو ڏين ٿيون. اسان وٽ حيدرآباد ۾ 2003ع دوران صرف هڪ سي سي يو يونٽ هو، حلال احمر افتتاحي دور ۾ هو. اتي انجيوگرافي به نه ٿيندي هئي. 2003ع ۾ ڪارڊيڪ ڪانفرنس به حيدرآباد ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ٻاهريان ماڻهو آيا، اسان به جاکوڙ ڪئي ۽ انهي جاکوڙ سان اڄ حيدرآباد ۾ 3 سي سي يو آهن. ماڊرن سهولتون به موجود آهن. حلااحمر، اسريٰ ۽ سول اسپتال ۾ اينجيوگرافي، اينجوپلاسي ٿئي ٿي. ايڪو ، اي ٽي ٽي ، هولسٽر مانيٽرنگ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون آهن. ڪانفرنس ۾ نيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. اسان هن شعبي کي وسيع بنائڻ چاهيون ٿا. جيڪي پهچ وارا ماڻهو آحن اهي آغا خان ۽ ٻين اسپتالن ۾ وڃن ٿا. اسن وٽ اڳ ۾ هفتي ۾ هڪ يا ٻه انجيوگرافي ٿينديون هيون، هاڻي هفتي ۾ 10 ٿين ٿيون. حلال احمر ۾ نفعو ڪمائڻ واري ڳالهه ناهي، اسان انهي پاليسي تحت ڪم ڪري رهيا آهيون ته صرف خرچ نڪري ۽ اسپتال هلي. باقي جيڪڏهن حڪومت مدد فراهم ڪندي ته انجيوپلاسٽي ۽ انجيو گرافي جي فيس گهٽجي سگهي ٿي. دل جي بيماري اڳ ۾ اميرن جي بيماري هئي ، هاڻي غريبن جي بيماري ٿي وئي آهي. دل جي مرض جا متاثر 60 کان 70 سيڪڙو غريب اچن ٿا، جن کي دل جو بيماريون هجن ٿيون. ان جا ڪيترائي سبب آهن. جنهن ۾ بيروزگاري، اقتصادي معاملا، سماجي مسئلا ۽ لا اينڊ آرڊر صورتحال به آهي ڇو ته ماڻهو گهران نڪرندو آهي ته ان کي خبر ناهي هوندي ته هو محفوظ گهر موٽندو به يا نه؟ ماڻهو ڊائيٽ جو خيال نٿا ڪن، فاسٽ فوڊ نه کائڻ کپي، ڪڏهن ڪڏهن کائي ٿو ته ان ۾ هرج ناهي، پر روزانو نه کائين ماڻهو اڌ ڪلاڪ سوزڪي لاءِ انتظار ڪندا آهن پر 15 منٽ جو پنڌ نه ڪندا آهن روزانو اڌ ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ کپي، اسان جا ماڻهو ورزش نٿا ڪن، کين ورزش ڪرڻ کپي، ان سان ماڻهو دل جي بيمارين کان محفوظ رهي ٿو. نوجوانن کي سگريٽ هرگز نه پيئڻ کپي، اهو به دل جي بيمارين جي جڙ آهي بلڊ پريشر ۽ شگر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ کپي، ان حوالي سان لاپرواهي نه ڪرڻ کپي، ماڻهو شگر جي حوالي سان احتياط نٿا ڪن. اها سڄي ڄاڻ عوام ۾ پکيڙڻ لاءِ ڪانفرنس ٿي رهي آهي. جنهن ۾ پوري ملڪ مان نالي وارا ڪارڊيولاجسٽ شرڪت ڪري رهيا آهن. پشاور، لاهور، ڪوئٽا، راولپنڊي ۽ ٻين شهرن مان ماهر ايندا، سڄي سنڌ مان ڊاڪٽر ايندا، 800 ڊاڪٽر شريڪ ٿي رهيا آهن. حڪومت کي دل جي بيمارين جا ادارا مڪمل طور ترقي يافته بنائڻ گهرجن انهن کي ڊولپ ڪرڻ گهرجي. بااختيار بنائڻ گهرجي، مالي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇو ته پهرين هارٽ اٽيڪ تي 5 هزار جي انجيڪشن لڳي ٿي. ٻي اٽيڪ تي 50 هزار واري آهي غريب ماڻهن لاءِ خرچ ڪرڻ وس ۾ ناهي، حڪومت کي سبسڊي فراهم ڪرڻ کپي. بشڪريه عبرت
جواب: دل جي بيماري اڳ اميرن جي ۽ هاڻي غريبن جي بيماري سائين معاف ڪجو مان سڄو ليک ڪون ٿو پڙهان۔۔۔ڇوته ان جو عنوان ئي اهڙو آهي۔۔۔۔مونکي ڳالھ سمجه ۾ ڪون ٿي اچي مان ڪو هاري مزدور دل جي دوري ۾ فوت ٿيندي ڪون ٻڌو آهي۔۔۔ان جا الاهي سبب آهن۔۔۔