ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌ جي شهر سعيد آباد جا مسئلا ( هڪ وڊيو رپورٽ )
سنڌ لاء ڇا لکجي، بقول تاجل بيوس ته ۔۔۔ ( سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان۔ ) سنڌ جي تاريخ لاء ته ڪي اڻ کٽ دفتر گهرجن، جو ويهي سنڌ جي شهر شهر ڳوٺ، ڳوٺ، واهڻ ، واهڻ ندي،ندي،گهٽي، گهٽي، هر هڪ وڻ، هر هڪ وڻ جي پتي، پتي، ۽ سنڌ جي ڪچي ڀينڊن تي لکجي۔
هي سنڌ ڪا اڄوڪي نه آهي پر هي ته صديون پراڻي سنڌ آهي، جنهن جي محبت لاء شاه صاحب فرمايو آهي ته۔۔۔ سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار۔۔۽ وري شيخ اياز صاحب هيئن چيو آهي ته ۔۔۔۔ سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، شيخ اياز صاحب کان علاوه بخاري صاحب ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن به سنڌ کي ناهي وساريو۔ سنڌ جي تاريخ جي شيدائي۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي صاحب ته هڪ ڪتاب جو نالو ئي جنت السنڌ رکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت مولائي صاحب لکيو آهي۔ ۽ سنڌ لاء پنهنجي محبت جا گل نڇاور ڪيا آهن، سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ “سنڌو” جون مختلف آوازي شڪليون آھن. ، سنڌ جي نالي بابت مختلف محققن جا مختلف رايا آهن
هي اسان جي اها سنڌ آهي جنهن جو هر هڪ شهر اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو آهي، ۽ اسان کي گهرجي ته اسان سنڌ جي هر هڪ شهر، شهر ڳوٺ ڳوٺ جي خبر رکون ۽ وٺون،
سنڌ سلامت جا ساٿيو سنڌ جي هر هڪ شهر توڙي ڳوٺ جا هزارين اهڙا مسئلا آهن جيڪي اسان جي ماڻهن لاء ناسور بڻجي ويا آهن، مثلن۔۔ بد امني، چوري چڪاري، لوٽ مار، قبائلي جهيڙا، منشيات جي لعنت جو عام هجڻ وغيره وغيره۔
اهڙي ريت اسان جي سنڌ جي شهر نيو سعيد آباد جا به ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي هنن وڊيوز ۾ پيش ڪجن ٿا، اچو ته پوء ڏسو۔
http://www.youtube.com/watch?v=YBKwQGwGNJo
http://www.youtube.com/watch?v=ZKXrpLu3Maw