نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو شهيد جي شهادت جا ڏينهن جيئن جيئن ويجها پيا اچن تيئن تيئن اکين مان ڳوڙهن جون بوندون بس نه پيون ڪن، اسان پنهنجي شهيد ڀيڻ جي شهادت کي شايد صدين تائين نه وساري سگهون، هُن لاڏلي پنڪي جي ڳالهين ، سندس وقت جي ظالمن سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جڏهن ياد ايندو آهي ته جِي جُهري پوندو آهي، قسم سان هينئر دل جو حال اهڙو آهي جو
اڄ پڻ اکڙين سڄڻپنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندو بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي ئي نه لهي(شاهه سائين)
ڪافي ڪوشش ڪيم ته ڪا نئين ڀيٽا هُن شهيد سانئڻ کي ڏيان پر شايد پوڙهائپ جي ڪري ائين نه ڪري پيو سگهان سنڌ راڻي جي پهرين ورسي جي موقعي تي سنڌ فورم جي اڱڻ تي هي شهيد سانئڻ کي ڀيٽا ڏني هُئم سنڌ فورم جي ٿورن سان اها ڀيٽا سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تان سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي وري ڏئي رهيو آهيان۔ توهان جي مهرباني۔ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندو بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي ئي نه لهي(شاهه سائين)