موسم جي تبديلي جو طبيعت سان تعلق حڪيم نذير احمد شيخ اتر لڳو، الهندو ويو، سياري ڪيا سڏ ڪن ڪچرو ڪاغذ ميڙي ڪيو مڏ ترس نه ڪندس تر جيترو هرو ڀرو نيهاريندس هڏ جي رٺل هجون پاڻ ۾ ته گسڪي ٿيون گڏ سڻي سياري جا سڏ پرچي وڃون پاڻ ۾ وقت حالات، مند موسم، موڊ محبت مصبيت پنهنجي وقت سان مٽجڻ تبديل ٿيڻ واريون شيون آهن سج چنڊ ڏينهن رات هميشه هڪ جهڙا آهن ۽ ايندا رهندا پر موسم ۽ مهينا سال هميشه پنهنجي مقرر وقت تي تبديل ٿيندا رهندا آهن ۽ اهو سلسلو ائين هلندو رهندو. رب پاڪ هر موسم ۾ انسان ذات لاءِ ڪا نه ڪا حڪمت ڀلائي ۽ بهتري رکي آهي. انسان کي محدود ڄاڻ ۽ علم ڏنل آهي ان ڪري قدرت جي رازن کي مڪمل طور ڪير به ڄاڻي ۽ سمجهي نٿو سگهي، ڪن ماڻهن کي گرمي جي موسم پسند ايندي آهي ۽ طبيعت به ٺيڪ رهندي آهي ڪن ماڻهن کي سيارو سور ڏيئي سڪائي ڇڏيندو آهي ڪير ڪتيرو به مالدار ۽ طاقت وارو هجي پنهنجي مرضي ۽ طبيعت مطابق ڪنهن به موسم کي هڪ هنڌ روڪي نٿو سگهي. بيماري هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا ڪنهن به ماڻهو کي ڪنهن وقت به، ڪهڙي موسم به لڳي سگهي ٿي پر ڪجهه بيمارين جو تعلق موسم سان لاڳاپيل ۽ ڳنڍيل آهي مثال طور نزلو زڪام کنگهه کڙي، ٿڌ لڳڻ، نڇون اچڻ دم سهڪو ٿيڻ اهي سياري جون سوکڙيون آهن جئين موسم تبديل ٿي گرمي جي موسم اچڻ شروع ٿيندي ته ٿيڻ سان انهن تڪليف جو زور ۽ اثر گهٽ ٿي وڃي ٿو. سياري جي موسم اچڻ جي شروعات ۽ استقبال چهري ۽ چمڙي جي خشڪي نڇون اچڻ نزلي زڪام ۽ هلڪي بخار ٿيڻ سان ٿئي ٿو. صبح جو ٿڌ وچ ڏينهن ۾ هلڪي گرمي شام ۽ رات جو ٿڌ ۽ هوا ۾ نمي پيدا ٿيڻ سان انسان جي طبيعت ۽ مزاج ۾ تبديلي محسوس ٿئي ٿي. گلي ۾ سرراٽ هلڪي خارش ۽ کنگهه نڙي سُرڻ جسم ۾ هلڪي ٽوٽ ۽ معمولي يا تيز بخار جي ڪيفيت سياري جي اچڻ جو اطلاع ڏي ٿي سيءِ جي موسم يعني سيارو کاڌي کائڻ جي لحاظ کان اڪثر ماڻهن لاءِ سٺو ۽ وڻندڙ ۽ پسند وارو هوندو آهي. سياري ۾ گرم سوڙهه يا ڪمبل ۾ سمهڻ جو لطف ۽ مزو پنهنجو آهي اس جي هلڪي تپش جسم کي ٽاڪوڙ پئي ڏيندي آهي. مختلف ميوا ڀاڇيون ۽ ڊرائي فروٽ ۽ گجرن موري جو حلوو، ڳڙ جو ڀت يعني طهري ، بُسري بيضي جو آمليٽ ۽ ٻيون به مختلف شيون هر گهر ۾ پنهنجي حال حيثيت سارو تيار ڪري کائبيون آهن ۽ مزو ڏينديون آهن کاڌي جي ايترين شين جي نالن پڙهڻ سان ڪنهن جو وات پاڻي ٿيو هجي ته پنهنجي پئسن سان ڪابه مٺي شي خريد ڪري کائي ڇڏي. شهرن ۾ ته ممڪن نه آهي پر ننڍن شهرن ڳوٺن ۽ ٻهراڙي ۾ رات جو ڪاٺين جو مچ ٻاري ان جي چوڌاري ويهي ٻاجهري جي رٻ پئيندي ڪچهري ڪرڻ جو لطف ۽ مزو ئي پنهنجو آهي، بلڪ اهڙي قسم جي روايت ۽ ثقافت سواءِ سنڌ جي ٻي ڪنهن قوم ۾ نه آهي. اهي ماڻهو جن تي الرجي يعني حساسيت جو اثر آهي سياري جي موسم ۾ انهن کي خاص طرح وڌيڪ محتاط ۽ خيال رکڻ گهرجي. دم سهڪ نزلي زڪام ۽ کنگهه جي مريض تي موسم جي تبديلي جو اثر تمام جلد ٿئي ٿو. ٿوري به بدپرهيزي هوا ۽ موسم جي تبديلي طبيعت تي منفي اثر وجهي ٿي، خاص طرح جلد، منفي اثر ٿئي ٿو. نزلو زڪام نڇون اچڻ نڪ وهڻ کنگهه کرٽيو ٿيڻ سياري جي سڃاڻپ آهي. سخت ٿڌ واري سياري جي موسم ۾ صحت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي جسم کي مڪمل بندوبست سان ڍڪيل رکجي، پنهنجي طبعيت تي موافق اپندڙ دوائون گهر ۾ هر وقت موجود رکڻ گهرجن، ڪنهن به وقت ڪنهن به دوا کائڻ جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي. صبح جو ناشتي ۾ ماکي جو استعمال خاص طرح سياري جي موسم ۾ ضروري آهي. اعصابي ڪمزوري ۽ ڪيترين ئي بيمارين جي بچاءِ ۽ علاج لاءِ اڪثر ماڻهو پنج ڦڙا نذير ڪلونجي آئل جا ماکي جي هڪ چمچي ۾ ملائي صبح جو نيراني روزانه استعمال ڪندا آهن. شگر ذيابيطيس جي بيماري جي حالت ۾ نذير ڪلونجي آئل ڦڙا اڌ ڪوپ پاڻي ۾ استعمال ڪرڻ گهرجن. جستائين الرجي جي شڪايت جو تعلق آهي ته ڪنهن ماڻهوکي ڪهڙي به شي سان رد عمل طور الرجي ممڪن ٿي سگهي ٿي. مٽي دز ڌوڙ دونهون،بدبوءِ خوشبو، يا مختلف دوائن ۽ کاڌي کائڻ سان پڻ الرجي ممڪن ٿي سگهي ٿي،سفر ڪرڻ هر ماڻهو جي مجبوري آهي گاڏين جو دونهون آلودگي ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي. نزلي زڪام جو اثر انسان جي گلي تي پڻ ٿئي ٿو، جنهن سبب گلي جا غدود وڌي وڃن ٿا جن کي ٽانسلز چئبو آهي جنهن ۾ جڏهن سور ۽ جلڻ خارش ٿيندي آهي ته تڪليف ڏيندي آهي بيد مشڪ جا پتا جنهن کي سفيدو ۽ يوڪلپئس پڻ چئبو آهي چار پنج پتا تيز پاڻي ۾ جوش ڏيئي ٻه گوريون ڊسپرين ملائي جڏهن پاڻي قابل برداشت ٿئي ته ان سان غرارا ڪجن ته گلي جي وڌيل ٽانسلز کي ۽ بند نڪ ۾ ٻاڦ ڏيڻ سان فائدو ٿيندو. پراڻي نزلي زڪام سبب دماغي ڪمزوري، مٿي ۾ سور، بار، وزن، ذهني ٿڪاوٽ، طبيعت ۾ چڙ چڙائپ، ويسر، مٿي جا وار ڪمزور ٿي لهڻ شروع ٿيندا آهن. ان لاءِ اطريفل زماني هڪ چمچو رات جو پاڻي سان ماني کانپوءِ کائجي. ذهني ٿڪاوٽ ۽ ياداشت کي تيز ڪرڻ ۽ جسماني ڪمزوري ختم ڪرڻ لاءِ معجون شفا هڪ چمچو صبح شام پاڻي سان کائجي. معجون شفا خاص نسخي سان اسان جي دواخاني تي تيار ملندي آهي شگر جي مريض لا ِ شگر فري تيار ٿيندي آهي نزلي زڪام سان گڏ کنگهه ۽ بلغم دم سهڪو هجي ته شربت صدر ٻه ٻه چمچا صبح شام پيئڻ گهر جي لعوق مقدل هڪ چمچو صبح شام پاڻي سان کائجي ان کائڻ سان ڇاتي بلغم کان صاف ٿيندي. نزلي، زڪام، ٿڌ، کنگهه، بلغم، سهڪ جي تڪليف ۾ ٿڌين شين تريل سڻڀ ۽ بازاري غير معياري کاڌي ۽ تيز مرچ مصالي کائڻ کان پرهيز ڪجي، انگريز طريقي علاج ۾ ٿوري به تڪليف ٿيڻ سان شروع ۾ ئي هاءِ اينٽي بايوٽڪ ۽ وڏي ڊوز واريون دوائون ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي مرض کي في الحال دٻايو ڇڏين ۽ مريض جي قوت مدافعت متاثر ٿئي ٿي، پوءِ هلڪي ۽ مختصر علاج تڪڙو فائدو نٿو ڪري، فيشن کان مجبور خاص طور تي نوجوان طبقو پنهنجي جواني جوش ۽ لٽي ڏيکارڻ کي انجواءِ جو نالو ڏيندا آهن. سياري ۾ آئس ڪريم ۽ ٻيون ٿڌيون شيون کائڻ به فيشن ۾ شامل آهي حالانڪه سياري ۾ ٻاجهري جي رٻ جنهن جو نئون نالو سوپ رکيو ويو آهي ڇاتي ۽ جسم کي گرم رکڻ ۽ ٽاڪوڙ جو بهترين ذريعو آهي پر اڄ ڪلهه اهي شيون فيشن ۽ رواج کان ٻاهر ٿي چڪيون آهن. بحرحال موسم ڪهڙي به هجي ان مطابق پنهنجي طرز زندگي ڪپڙي ڏسو صفحو 6 لئي کائڻ پئينڻ احتياط کي اختيار ڪري پنهنجي صحت جو خيال ضرور رکجي. ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريش لکيل موڪلي جواب عاقل پلازا گورنمنٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد تان حاصل ڪري سگهجي ٿو بشڪريه عبرت